پاپ ۽ پيڙا
ھن ناول جي لکت ۾ اسان کي ليکڪ جي نجي زندگيءَ جي پيڙائن ۽ اذيتن جو عڪس ملي ٿو. دوستو وسڪي ان دور جي تصوير چٽي ٿو جڏھن جاگيردار دور ختم ٿي، نئين سرمائيداراڻا نظام کي جنم ڏئي رھيو آھي. ھي ڪتاب ادب جي دنيا ۾، سرمائيداراڻي سماج ۾، غير انساني ورتاء ۽ وھنوار جي موضوع تي ھڪ عظيم شاھڪار آھي. ھن ناول ۾ اسان جي موجودہ سماج ۾ شھري ماحول ۽ جيون جي پوري پوري عڪاسي نظر اچي ٿي.