فيودور دوستو وسڪي

Author Name

جڳ مشهور روسي ناول نگار، فيودور ميخائيل دوستو وسڪيءَ، 1821ع ۾ روس جي گاديءَ واري شهر ماسڪو ۾ جنم ورتو. سندس پيءُ فوج ۾ ڊاڪٽر هو. سندس والد هڪ سوداگر جي ڌيءَ سان شادي ڪئي، جنهن کي تمام گهڻو ڏاج مليو هو. کيس ڇهه ڀائر ۽ ڀيڻون هئا. دوستو وسڪيءَ کي ننڍپڻ ۾ سندن گهرو نوڪرياڻي الوينا ڪهاڻيون ٻُڌائيندي هئي، جيڪي کيس بيحد پسند اينديون هيون. هن کي ابتدائي تعليم لاءِ ماسڪو جي هڪڙي نجي اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، جنهن کانپوءِ سينٽ پيٽرسبرگ جي هڪ انجنيئرنگ ڪاليج ۾ پڙهيو، جتان انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪيائين. ڪاليج واري تعليم دوران ئي سندس ماءُ لاڏاڻو ڪري وئي ۽ ستت ئي سندس پيءُ کي هارين ماري ڇڏيو. انهيءَ صدمي کيس جهوري وڌو، جنهنڪري پهريون ڀيرو دوستو وسڪيءَ کي دل جو دورو پيو. اهڙيءَ صورتحال بعد سندس دل ڪاليج ۽ پڙهائيءَ ۾ دل نه لڳي سگهي، پر جيئن تيئن ڪري هن پنهنجي تعليم مڪمل ڪئي، ۽ فوج ۾ سب ليفٽينينٽ طور ڀرتي ٿيو، پئسو هٿ ايندي ئي ان کي اڏائڻ شروع ڪيائين. جنهنڪري ڪيترن ماڻهن جو قرضي رهيو. نيٺ نوڪريءَ مان بيزار ٿي استعيفا ڏنائين ۽ لکڻ پڙهڻ جي ڪم ۾ مصروف ٿي ويو. انهيءَ زماني ۾ مشهور فرانسيسي ناول نگار بالزاڪ روس ۾ آيل هو. دوستو وسڪيءَ سندس ناول ترجمو ڪيو ۽ پنهنجو ادبي مقام جوڙي ورتائين، جلد ئي سندس پنهنجو ناول ’غريب غربا‘ (Bednyeliudi) به منظر عام تي آيو، جنهن کان پوءِ سندس ٻيو ناول ’ذلتن جا ماريل ماڻهو‘ 1860ع ڌاري ڇپيو. دوستو وسڪيءَ 1861ع ۾ پنهنجي ڀاءُ سان گڏ هڪ رسالو جاري ڪيو، جنهن تي 1863ع ۾ رياست بندش وجهي ڇڏي، ان ڪري وري کيس تڪليفن ۽ قرضن جو منهن ڏسڻو پيو. 1864ع ۾ سندس ڀاءُ لاڏاڻو ڪري ويو ۽ ساڳئي سال سندس گهر واري به گذاري وئي. 1866ع ۾ هن جو ناول ’جرم ۽ سزا‘ (Crime & Punishment) ڇپيو، جيڪو شاهڪار ثابت ٿيو. 1867ع ۾ دوستو وسڪيءَ پنهنجي اسٽينيوگرافر ائناسٽنڪنا شادي ڪئي، جيڪا سندس تمام گهڻو خيال رکندي هئي. غربت ۽ بيماريءَ وارين حالتن ۾ ان سندس وڏي خدمت ڪئي. 1867ع کان پوءِ دوستو وسڪيءَ چار سال يورپ ۾ گذاريا. جنهن کان پوءِ 1871ع ۾ واپس روس آيو. يورپ ۾ رهڻ دوران سندس ناول ’ايڊيٽ‘ 1869ع ۾ ڇپيو، جڏهن ته روس اچڻ بعد سندس ناول ’ڀوت پريت‘ 1871ع ۾ شايع ٿيو. هن پنهنجي زندگيءَ جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ هڪ زبردست ناول ’ڪرامازوف ڀائر‘ لکيو، جنهن تمام وڏي شهرت حاصل ڪئي. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو.
دنيا جا سمورا نقاد ۽ پڙهندڙ ان ڳالهه تي يڪجاءِ آهن ته ناول نويسيءَ جو فن دوستو وسڪيءَ تي عروج ماڻي ٿو، جڏهن ته روسي ادب ۾ دوستو وسڪيءَ کي اديبن ليکڪن جو ’سرتاج‘ ڪري ليکيو وڃي ٿو.
دوستو وسڪي انگريزي ادب پڙهندڙن ۾ 1912ع کان پوءِ مشهور ٿيو. سندس ناول دنيا ۾ ائين مشهور ٿيا، جو انهن کي صرف ادبي زمري ۾ نه آندو ويو، پر اهي يوٽوپيٽيائي دنيا جا به مخالف ثابت ٿيا، نه صرف ايترو پر دنيا جو وڏو نفسياتدان سِگمنڊ فرائيڊ به سندس لکيل نفسياتي مشاهدي تي مبني ناولن تي حيرت ۾ ورتل رهيو. ڪن نقادن جو چوڻ آهي ته دنيا جي ادب جا ٻه دؤر آهن، هڪ دؤر دوستو وسڪيءَ کان اڳ جو آهي ته ٻيو دوستو وسڪيءَ کان پوءِ جو آهي. سندس ناولن جا ترجما انگريزي، اردو، هندي ۽ سنڌيءَ سميت ڪيترن ئي ٻولين ۾ ٿيا آهن.
دوستو وسڪيءَ 9 فيبروري 1881ع ۾ وفات ڪئي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي فيودور دوستو وسڪي جا ڪُل 4 ڪِتاب موجود آھن


فيودور دوستو وسڪي جا ڪتاب

ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو پھريون)، مصنف : فيودور دوستو وسڪي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو پھريون)
مصنف : فيودور دوستو وسڪي
ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو ٻيو)، مصنف : فيودور دوستو وسڪي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڪرامازوف ڀائر (ڀاڱو ٻيو)
مصنف : فيودور دوستو وسڪي
پاپ ۽ پيڙا، مصنف : فيودور دوستو وسڪي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
پاپ ۽ پيڙا
مصنف : فيودور دوستو وسڪي
جوئاري، مصنف : فيودور دوستو وسڪي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
جوئاري
مصنف : فيودور دوستو وسڪي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ