اڃان ڪائنات جيئري آ
ساڀيان جي شاعري گهڻو ڪري احساسن ۽ جذبن جي شاعري آھي ۽ ڪٿي ڪٿي داخلي جذبا جيڪي بہ ۽ جيئن بہ سندس اندر جو احساس بڻجي سندس سوچن ۾ اڀريا آھن، ساڳي صورت ۾ ڪاغذ جي ڪئنواس تي پکيڙِيا اٿس. ساڀيان سڀني عروضي توڙِ ماترڪ صنفن تي شاعري ڪئي آھي جيئن غزل، چئوسٽا، ترائيل، پنج ڪڙا، آزاد نظم، نثراڻا نظم، وايون، بيت وغيرھ. ساڀيان جي شاعريءَ ۾ سندس دل جي ڳالھ، ڌرتي ماتا سان عشق، ڪائنات جا رنگ ۽ دل جا درد سمايل آھن.