ساڀيان سانگي

Author Name

اصلي نالو: ساجدہ خدابخش سانگي
ادبي نالو: ساڀيان سانگي
 والد: مرحوم خدا بخش سانگي، جيڪو لاڙڪاڻي ضلعي جو معروف تعليمدان ۽ هڪ ايماندارتعليمي منتظم جي حيثيت سان پنهنجي مانائتي سڃاڻپ رکي ٿو:
 جنم هنڌ : شڪارپور (ناناڻو شھر)
اباڻو شھر:  نئون ديرو  (ضلع لاڙڪاڻو)
رھائش: ڪراچي
تعليم : ايم اي سنڌي 
ملازمت : ايسوسيئيٽ پروفيسر (سرڪاري ڪاليج ڪراچي ۾) 

 ساڀيان شاعري ۽ نثر لکڻ جي شروعات ننڍپڻ کان ئي لکڻ شروع ڪئي پر باقاعدہ لکڻ جي شروعات 1988 کان ڪئي. پهرين "مارئي سانگي " جي نالي سان لکيائين بعد ۾ 1990 کان "ساڀيان سانگي" جي نالي سان لکي رھي آھي. سندس شاعري مشھور ادبي رسالن  سوجهرو، ساڃاھ ۽ ڪينجهر ۾ مسلسل  ڇپجندي رهي آهي

ڇپيل ڪتاب : 
"اڃا ڪائنات جيئري آ" 2007 ۾ 

اڻ ڇپيل ڪتاب: ٻہ سنڌي شاعريءَ جا ڪتاب ۽ هڪ اردو شاعري جو مجموعو

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ساڀيان سانگي جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


ساڀيان سانگي جا ڪتاب

اڃان ڪائنات جيئري آ، مصنف : ساڀيان سانگي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
اڃان ڪائنات جيئري آ
مصنف : ساڀيان سانگي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ