لفظن جو ناراض نسل
طارق عالم ھڪ دلڪش ۽ دل آويز نثر نويس، نرالي شاعر، تخليقي ڪالم نگار، ڄاتل سڃاتل مُصور ۽ ارڏي ۽ بيباڪ شخصيت ھجڻ سبب سنڌ جي ادبي دنيا ۾ ھميشہ پنھنجو ھجڻ پوريءَ شدت سان محسوس ڪرايو. طارق جي شاعري نھايت پُر اثر ۽ منفرد آھي. ھو منظرن ۽ ڪيفيتن کي تخيل ۽ فن جي گڏيل غرق سان ڳوھي ٿو ۽ حرفن جا ميڙ شعرن جي صورت ۾ وٺي پوپٽن وانگر اڏامڻ ٿا لڳن. ھن جي شعر ۾ ڪنھن بہ قسم جي مصنوعيت نہ آھي، نہ لفظن جي ھيرا ڦيري، نہ اک جو ڏيکاءُ.