طارق عالم

Author Name

ناميارو ليکڪ، شاعر ۽ مصور، طارق عالم ابڙو 10 اپريل 1958ع تي قنبر علي خان ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ ڄائو. تعليم ايم. اي سنڌي ادب اٿس. سندس لکيل ڊراما پڻ مختلف سنڌي چئنلن تي نشر ٿيا آهن. پاڻ مختلف اخبارن ۾ ڪالم پڻ لکندو رهيو. کيس مصوري ۽ فوٽو گرافيءَ سان گهڻي دلچسپي رھي.
سندس والد جو نالو محمد عالم ابڙو هو، جيڪو خود به هڪ مشهور مصور ۽ قمبر شهر جو پهريون فوٽوگرافر تسليم ڪيو وڃي ٿو. 1960ع ڌاري سندس خاندان ڄامشوري (ڪجهه حوالن مطابق حيدرآباد) ڏانهن مستقل طور لڏي اچي آستان پذير ٿيو. طارق صاحب پرائمري تعليم 1965ع ۾ پرئڪٽسنگ پرائمري اسڪول ڄام شوري مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ (پرائيويٽ) جامعه عربيه اڳوڻو ڪندنمل گرلز هاءِ اسڪول حيدرآباد، انٽر آرٽس سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد، بي اي (پرائيويٽ) 1988ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ ايم اي (پرائيويٽ) 1993ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. ملازمت جي سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٽيليفون اٽينڊنٽ ۽ سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ ۾ سيمينار انچارج طور هڪ سال نوڪري ڪيائين، هي اُهو دور هو جڏهن پاڻ اڃان ڄامشوري ۾ پڙهندو هو.
سنڌي ادبي بورڊ ۾ ملازمت دوران هو ٻارن جي ماهوار رسالي ”گل ڦل“ جو ايڊيٽر رهيو آهي ۽ ٽماهي ”مهراڻ“ مخزن جو سب ايڊيٽر پڻ رھيو،  ڪجهه وقت سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري به رهيو
طارق عالم جا لکيل ڊراما پڻ مشوري ماڻي چڪا آهن، سندس ڊراما مختلف سنڌي چئنلن تي نشر به ٿي چڪا آهن، 1979ع ۾ سندس پهريون ناٽڪ ”چنڊ رهين ٿو ڏور“ جيڪو سندس هڪ ڪهاڻيءَ تان ورتل هو، اُهو ڪراچي ٽيليويزن تان ٽيليڪاسٽ ٿيو.
طارق عالم جا 25 کان وڌيڪ ڊراما نشر ٿي چڪا آهن. هن پنهنجي لکيل ڊرامي ۾ اداڪاري پڻ ڪئي هئي، جنهن جو نالو ”سج لهڻ کان اڳ“ هو. سنڌ ٽِي وِي چئنل تان نشر ٿيندڙ پهريون ڊرامو ”خالي فريم“ به طارق عالم جو ئي لکيل هو. 
سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل ۽ ڪجهه اڻ ڇپيل پيل آهن، ڇپيل ڪتابن ۾ (1) ”رات سانت ۽ سوچون“ ڪهاڻيون 1979ع، (2) ”سڃاڻپ جي ڳولا ۾“ ڪهاڻيون 1998ع، (3)  ”رهجي ويل منظر“ ناول 1985ع، (4)  ”مورن اوچا ڳاٽ“ سنڌي ۾ هائڪن جو پهريون مجموعو 1992ع، (5) ”لنڊن تنهنجا ڪيڏا روپ“، سفرنامو 1998ع وغيره شامل آهن. سندس معروف ٽي وي ڊرامن ۾ ”پيوند“، ”طوفان کان پوءِ“، ”چنڊ رهين ٿو ڏور“ ۽ ”ڇانورو“ وغيره شامل آهن. ”ايس او ايس“، ”سڃاڻپ جي ڳولا“، ”ڪوئل“، ”فريم“، ”رات سانت ۽ سوچون“ سندس مشهور ڪهاڻيون آهن. سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ ”سار آهي ستل ڊائريءَ ۾“ (شاعري)، ”بي روپ چهري جي ڪهاڻي“ (ڪهاڻيون) ۽ ”مٽي“ (ناول) شامل آهن. آرٽ جي حوالي سان پاڻ دنيا ۾ وان گوگ کان متاثر هو. 
طارق عالم ابڙو آچر جي رات تي، 11 جون 2011ع تي گڙدن ۽ جگر جي بيماريءَ سبب ڪراچي جي سول اسپتال جي ايس آءِ يو سي وارڊ ۾ وفات ڪئي، طارق عالم 5 مهينن کان اسپتال ۾ داخل هو،سندس آخري آرام گاهه سنڌ يونيورسٽيءَ جي قبرستان ۾  آهي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي طارق عالم جا ڪُل 5 ڪِتاب موجود آھن


طارق عالم جا ڪتاب

رهجي ويل منظر، ليکڪ : طارق عالم

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
رهجي ويل منظر
ليکڪ : طارق عالم
رات، سانت ۽ سوچون، مصنف : طارق عالم

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
رات، سانت ۽ سوچون
مصنف : طارق عالم
لنڊن تنھنجا ڪيڏا روپ، مصنف : طارق عالم

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
لنڊن تنھنجا ڪيڏا روپ
مصنف : طارق عالم
لفظن جو ناراض نسل، مصنف : طارق عالم

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
لفظن جو ناراض نسل
مصنف : طارق عالم
مورن اُچا ڳاٽ، مصنف : طارق عالم

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
مورن اُچا ڳاٽ
مصنف : طارق عالم
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ