ڊراما

چنڊ رھين ٿو دور

ھن ڪتاب ۾ طارق عالم جا پندرھن عاليشان ڊراما شامل آھن، جن کي پڙھي ماڻھو طارق عالم جي فن کي پرکي ۽ پروڙي سگهي ٿو. ھن مجموعي ۾ سوا سئو کان مٿي ڪردار پنھنجي پنھنجي رنگن سان اوھان آڏو ايندا ۽ پنھنجا حال احوال ۽ ڏُک سُور اوريندا. ھي ڊراما حقيقتن تي مبني آھن، جن ۾ زندگيءَ جا حَسين ۽ لطيف احساسَ سمايل آھن، جيڪي خوبصورت ڊائلاگ ۽ منظرنگاريءَ سان سينگاريل آھن. 

  • 5.0/5.0
  • 78
  • 29
  • 8 مهينا اڳ
  • 0
Title Cover of book چنڊ رھين ٿو دور
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ نثر نگار طارق عالم جي ٽيلي ناٽڪن جو مجموعو ”چنڊ رھين ٿو دور“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
طارق عالم ابڙو ھڪ دلڪش ۽ دل آويز نثر نويس، نرالي شاعر، تخليقي ڪالم نگار، ڄاتل سڃاتل مُصور ۽ ارڏي ۽ بيباڪ شخصيت ھجڻ سبب سنڌ جي ادبي دنيا ۾ ھميشہ پنھنجو ھجڻ پوريءَ شدت سان محسوس ڪرايو. ھن ڪتاب ۾ سندس پندرھن عاليشان ڊراما شامل آھن، جن کي پڙھي ماڻھو طارق عالم جي فن کي پرکي ۽ پروڙي سگهي ٿو. ھن مجموعي ۾ سوا سئو کان مٿي ڪردار پنھنجي پنھنجي رنگن سان اوھان آڏو ايندا ۽ پنھنجا حال احوال ۽ ڏُک سُور اوريندا. ھي ڊراما حقيقتن تي مبني آھن، جن ۾ زندگيءَ جا حَسين ۽ لطيف احساسَ سمايل آھن، جيڪي خوبصورت ڊائلاگ ۽ منظرنگاريءَ سان سينگاريل آھن. 
ھي ڪتاب 2015ع ۾ امرتا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور جي سھڪار سان حاضر آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
سنڌسلامت پاران

ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا

5.0

(ڪُل 0 رائين آڌار)



ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.

  • مصنف طارق عالم
  • ڇپيو ويو 2015
  • ڇپائيندڙ امرتا پبليڪيشن
  • ڇاپو پھريون
  • عالمي ڪتاب نمبر 0
  • آن لائين ٿيو 04/Aug/2024
  • ترجمو آھي؟ جي نہ
  • ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
  • لاٿو ويو 29 ڀيرا

ڪتاب ۾ ٽِڪليون