اڻ ڄاول ٻار ڏانھن خط
هي ناول هڪ غير شادي شدہ ڇوڪريءَ جي حاملا ٿي وڃڻ ۽ ڇوڪريءَ جو بغير شادي ڪرڻ جي ٻار کي جنم ڏيڻ جي فيصلي تي اٽل ٿي بيھڻ، ان دوران سماج جي اڍنگن روين سان منھن مقابل ٿيڻ، پيٽ پورائي لاءِ هر حال ۾ نوڪري ڪرڻ آهي. ان دوران ليکڪا ڪيترن ئي موضوعن تي دنيا جي اڪابرن جي راءِ سان گڏ پنھنجا جذبا، احساس ۽ خيال بہ ايڏي سندرتا سان ناول ۾ ساکوري ٿي جو پڙهڻ واري تي ”ڪائناتي ڪيفيت“ طاري ٿي وڃي ٿي ۽ هو ان سحر ۾ اڃان بہ اونھو هليو وڃي ٿو. هن ناول مان اوريانا جي سوچ گھري ۽ ڪائناتي ٿي ڀائنجي، هوءَ زندگيءَ ۾ حاصلات تي بيھڻ کي موت ٿي سمجهي، ها حاصلات کان پوءِ بہ جستجو جاري رکڻ ئي اصل جياپو آهي. سندن قول آهي تہ ”خوش نصيب اهو آهي، جنھن جي منزل جستجو آهي، جيڪا ڪٿي بہ ختم نہ ٿي ٿئي،