مور نگر تي مينھُن
اسحاق سميجو ھن دور جي شاعرن ۾ ھڪ نرالو شاعر ٿي اڀريو آھي. سندس شاعريءَ جي ھن مجموعي ۾ غزل، گيت، نظم، وايون ۽ چئوسٽا شامل آھن. مشتاق گبول لکي ٿو: ”اسحاق سميجي جي غزل کي الڳ رنگ جي دلڪشي آهي. هن وٽ غزل ۾ تاثر ۽ تصورن جي جيڪا دلفريبي آهي، سا تمام گهٽ شاعرن جي شاعريءَ ۾ ملندي. موجودہ وقت ۾ غزل سڀ کان وڌيڪ لتاڙيل ۽ لويل صنف آهي، پر اسحاق هن صنف کي تازگي بخشي آهي.“