اسحاق سميجو

Author Name

شاعر، صحافي، ڪمپيئر ۽ ٻارن جو ليکڪ اسحاق سميجو 18 مارچ 1975ع تي ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ فضل پور ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين، جڏهن ته مئٽرڪ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادوءَ مان پاس ڪيائين. ايم. اي، سنڌي ادب ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. ننڍي هوندي کان ئي ادب سان گهرو لڳاءُ هئس. لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب کان ڪيائين. ٻارڙن لاءِ گهڻا گيت، ڪهاڻيون ۽ ڪالم لکيائين. 1990ع کان باقاعدي شاعريءَ جي شروعات ڪيائين. سندس ترتيب ڏنل ٻه ڪتاب، ’دنيا جون لوڪ آکاڻيون‘ ۽ ’تاريخي ماڻهو، تاريخي ڳالهيون‘ ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. حيدرآباد مان نڪرندڙ ماهوار ’گلستان‘ ۽ ’ٻارڙن جي سنڌ رنگ‘ جو ايڊيٽر پڻ رهيو آهي. کيس سنڌي ساهت گهر حيدرآباد طرفان ’ڪينجهر تنقيد ايوارڊ 1994ع‘ مليو. جڏهن ته عوامي آواز، ڪاوش ۽ پاڪ اخبار ۾ صحافتي خدمتون سرانجام ڏيئي چڪو آهي ۽ ڪجهه وقت روزاني ”سنڌ“ ۾ اسسٽنٽ نيوز ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو اٿس. ان سان گڏوگڏ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پندرهن روزه ادبي پروگرام ’ادبي سنگت‘ ۾ سلسلي ’سرجڻهار‘ جو ڪمپيئر پڻ رهيو آهي. هن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. سنڌي اديبن ۽ قلمڪارن جي وفد سان 2008ع ڀارت جو دورو به ڪري چڪو آهي. پاڻ سنڌالاجيءَ جو ڊائريڪٽر پڻ رهيو آهي. هن شيخ اياز جي غزلن جو ڪتاب ”گيڙو ويس غزل“ (2004ع) ۽ سنڌي رومانوي غزلن تي مشتمل ڪتاب ”دل جو رستو“ 2003ع ۾ ترتيب ڏنا آهن، جيڪي روشني پبلڪيشن ڪنڊياري پاران ڇپايا ويا آهن. سندس تنقيدي مضمونن جو ڪتاب ”شاعريءَ سان دشمني“ (2005ع) به ڇپجي چڪو آهي. سندس شاعريءَ جا ٻه مجموعا ”صدا بيچين آهي“ (2001ع) ۽ ”گناهه جا گيت“ (2005ع) پڻ ڇپيل آهن. سندس مرتب ڪيل ڪتاب ”صادق فقير توکان ٿيندي ڌار“  2015ع ۾ چپجي چڪو آھي. ان کان سواءِ هن وقت ٽماهي ”سارنگا“ پبليڪيشن جو ايڊيٽر آهي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي اسحاق سميجو جا ڪُل 6 ڪِتاب موجود آھن


اسحاق سميجو جا ڪتاب

صادق فقير توکان ٿيندي ڌار، مُرتب : اسحاق سميجو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
صادق فقير توکان ٿيندي ڌار
مُرتب : اسحاق سميجو
دل جو رستو (رومانوي غزل)، مُرتب : اسحاق سميجو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
دل جو رستو (رومانوي غزل)
مُرتب : اسحاق سميجو
گيڙو ويس غزل، سھيڙيندڙ : اسحاق سميجو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
گيڙو ويس غزل
سھيڙيندڙ : اسحاق سميجو
صدا بي چين آھي، مصنف : اسحاق سميجو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
صدا بي چين آھي
مصنف : اسحاق سميجو
مور نگر تي مينھُن، مصنف : اسحاق سميجو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
مور نگر تي مينھُن
مصنف : اسحاق سميجو
شاعريءَ سان دشمني، مصنف : اسحاق سميجو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
شاعريءَ سان دشمني
مصنف : اسحاق سميجو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ