شاعريءَ سان دشمني, مصنف : اسحاق سميجو

شاعريءَ سان دشمني

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : شاعريءَ سان دشمني
مصنف : اسحاق سميجو
ڪيٽيگري : لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
ڇپيندڙ : نئون جنم پبليڪيشن، حيدرآباد
شايع ٿيڻ جو سال : 2005
شامل ڪيو ويو : 2023-07-03
ڏِٺو ويو : 16 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 165 ڀيرا

هيءُ ڪتاب موجودہ دور جي نامور شاعر ۽ اديب، اسحاق سميجي جي مختلف شاعرن تي لکيل تنقيدي مقالن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ هيٺيان اهم تنقيدي مضمون شامل آهن: بي مثال مصنوعي شاعري (تاج بلوچ جي شاعريءَ تي تنقيد)، للاٽ جي لاٽ شل جرڪي (شيخ اياز تي امداد حسينيءَ جي تنقيد جي موٽ)، پھريون جديد شھر آشوب (امداد حسينيءَ جي طويل نظم جو جائزو)، شيخ اياز جي غزلن جي ڪليات ‘گيڙو ويس غزل’ جو مھاڳ، ڀيڙ کان ٻاهر بيٺل شاعر (اياز گل جي شاعريءَ جو جائزو)، ڌرتيءَ جو سينو چيري نڪري آيل شاعري (علي دوست عاجز جي ڪتاب ’اچن ڀؤنر ڀنڀولتا“ جو مھاڳ)، ‘آخري لفظ’ ڪتاب بابت ٻہ لفظ (شبنم گل جي شاعريءَ بابت)، آدرش ۽ سندس نثري نظم، شاعري، فن ۽ فياض وغيره. هن ڪتاب ۾ ليکڪ تنقيد جي اوسر ۽ سنڌ ۾ تنقيد جي کوٽ تي بہ روشني پڻ وڌي آهي.

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ