وندر ۾ ورلاپ
ڪتاب ”وندر ۾ ورلاپ“ سنڌ جي ٻھراڙيءَ مان اڀرندڙ ھڪ اھڙي عوامي شاعر جي ڪلام جو مجموعو آھي، جنھن پنھنجي زبان جي سادگي، بيان جي شوخي، خيال جي ندرت ۽ جذبات جي بلندي ڪري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنھنجو نالو روشن ڪيو. ڪتاب ۾ حمد، نعتيہ ڪلام، منقبت، صوفياڻو ڪلام، ڪافيون ۽ ٻيو ڪلام شامل آھي.