محمد جمن ھالو

Author Name

محمد جمن ولد احمد هالو، 22 فيبروري 1911ع تي ٺٽي ۾ ڄائو. محمد جمن هالو اڃان ڏهن سالن جو هو تہ سندس والد گذاري ويو. محمد جمن هالو تعليم حاصل ڪري نہ سگهيو ۽ اباڻي رازڪي ڌنڌي کي لڳي ويو. روزگار جي تلاش ۾ 1926ع ۾ ڪراچيءَ لڏي ويو. ڪراچي اچڻ جي ڏھن سالن کان پوءِ شاعري شروع ڪيائين. بزم نظاميءَ ۾ شعر پڙهيائين. سندس لاڙو خاص طور ڪافيءَ ڏانھن ٿيو. بزم طالب الموليٰ، سرشار، عقيلي، هالي ۽ ٻين شاعرن جون ڪافيون مقبول ٿيون. هالي جون ڪافيون عروض ۽ موسيقيءَ جي مخصوص وزن ۽ انداز ۾ آهن. هالي صاحب جي ڪلام جا مجموعا ”ڪلام ھالو فقير“ 1934ع، ”ڪلام ھالو فقير“ 1943ع،، ”سوز عشق“ 1963ع ۽  ”وندر ۽ ورلاپ“ 1991ع شايع ٿي چڪا آهن. محمد جمن ھالو 24 آگسٽ 1977ع تي وفات ڪري ويو.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي محمد جمن ھالو جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


محمد جمن ھالو جا ڪتاب

وندر ۾ ورلاپ، مصنف : محمد جمن ھالو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
وندر ۾ ورلاپ
مصنف : محمد جمن ھالو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ