سنڌي راڳ ۽ تال
هي ڪتاب 14 عنوانن ۾ ورهايل آهي، جن ۾: (1) الحان، (2) سنڌي راڳ جي تاريخ، (3) راڳ جو سنڌي ادب تي اثر، (4) آواز، (5) سُر، (6) راڳ، (7) ٺاٺ (ڏھہ ٺاٺ، (8) سنڌي گائڪي، (9) سنڌي راڳ، (10) پوربي ٺاٺ مان نڪتل راڳ، (11) مالوي، (12) راڳ ماليگورا، (13) سنڌي تال، (14) سنڌي ساز، ڪتاب جي تقريظ ۾ شامل آهن. سيد منظور نقويءَ لکيو آهي تہ، ”سنڌ جا راڳ، ساز ۽ ڳائڻ جا انداز، قديم زماني کان مشھور آهن، ايستائين جو قديم زماني جي نائڪن ۽ گائڪن بہ سنڌي راڳن کي قدم قدم تي پئي تسليم ڪيو آهي، نہ فقط ايترو پر اهي سنڌي راڳ، قديم هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳايا پئي ويا.“