سيد منظور نقوي

Author Name

سيد لطف علي شاھہ المعروف سيد منظور نقوي (ڄم ۱۷ مئي ۱۹۲۴ع - وصال ۹ آڪٽوبر ۱۹۹۷ع ولد سيد حسين علي شاھہ ٽنڊو جھانيان ۾ جھانيان خاندان جنھن جو شجرو، حضرت مخدوم جلال الدين جھانيان جھان گشت سان ملي ٿو، منجهہ ڄائو.
ڪينٽونمنٽ اسڪول ۾ پرائمري، نووديالا ھاءِ اسڪول حيدرآباد، ھاڻوڪي ماڊل اسڪول اولڊ ڪيمپس ۾ ميٽرڪ جي تعليم حاصل ڪيائين. حڪيم عبدالحڪيم عباسي وٽ فارسي ۽ طب پڙھيو. دھليءَ مان ۱۷ آگسٽ ۱۹۴۴ع تي ڪامل الاطباء جي ڊگري حاصل ڪيائين.
شاعري جي ھر صنف جھڙوڪ؛ غزل، ڪافيون، بيت، نوحه، مرثيه، گيت، وطن جا گيت، نظم وغيرھ تي طبع آزمائي ڪيائين. سنڌي، سرائيڪيءَ ۽ اڙدوءَ ۾ تخلص منظور، ھنديءَ ۾ منجو، فارسيءَ ۾ سبق ۽ آڳاٽين سنڌي وائين، ڪافين ۽ بيتن ۾ لطف استعمال ڪيو اٿائين. طبّ، شڪار، مصوري ۽ شاعري کان علاوھ سندس خاص شوق پيڪر گري / مجسمہ سازي رھيو.
سازن وڄائڻ تي بہ ڪمال حاصل ھيس. موسيقي جي سُر ۽ تال بابت تعليم حاصل ڪيائين. جفر ۽ رمل تي بہ مھارت حاصل ڪيائين. سنڌيءَ ۾ منظوم نغمن جو موجد، پھريون سنڌيءَ ۾ ڪلاسيڪل ٻول لکڻ وارو، پراڻو شاھہ سائينءَ جي ڏينھن جي وسريل ”راڳ سامونڊيءَ“ کي ورجائيندڙ، موسيقيءَ جا لڪشمن ٻول لکڻ وارو ۽ سنڌي وڄت ۾ ٻن نون تالن، ”تال سُڌري“ ۽ ”تال تعت“ جو موجد آھي. رزميہ ڪلامن، گيتن، ترانن ۽ نغمن کان سواءِ عوامي رنگ ۾ نڙ جا بيت، ڇلا، مورا ۽ لوليون، غزل، نظم، مخمص، رباعي، سلام، قصيده ۽ مثنوي جي ميدانن ۾ بہ ڀرپور طبع آزمائي ڪيائين.
ريڊيو پاڪستان سان لاڳاپو، سال ۱۹۴۸ع ڌاري ڪراچي اسٽيشن ٺھڻ سان ئي جڙيس. جنوري ۱۹۵۶ع کان جنوري ۱۹۸۵ع تائين ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي اسڪرپٽ رائيٽر رھي، رٽائر ڪيائين. ريڊيو تي سون جي تعداد ۾ ڊراما ۽ فيچر، انيڪ نغمہ، گيت ۽ ڪافيون نشر ٿيس. فلم ”سورٺ“، ”بادل“ ۽ ”گھونگھٽ لاھہ ڪنوار“ جي نغمه نگاري بہ ڪيائين.
سندس ڇپيل ادبي تصنيفون ”سنڌ جي مدنيت“ سنڌي ادبي بورڊ ۽ ”راڳ ۽ تال“ سنڌالاجي آھن. سندس اڻ ڇپيل تصنيفن ۾ شاھہ سائين جي ڪلام جي محاورن تي چئن جلدن ۾ لکيل ”جڙاءُ“، ”ملھہ ۽ ٻيلھاڙو“، ”صنفِ ڪافي“، ”شاھہ لطيف جو راڳ“، ”نبض شناسي“ ۽ ”جھانيان خاندان جا اولياءُ“ آھن.
ھفتي وار اخبار ”پنجتني“، روزنامہ ”عبرت“ ۽ روزنامه ”خادِمِ وطن“ ۾ نقاد، ڪالم نويس ۽ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪيائون.
وفات بعد، سندن ڏاڏي سيد قطب علي شاھہ جھانيان جي درگاھہ جي احاطي ۾ مدفون آھن.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي سيد منظور نقوي جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


سيد منظور نقوي جا ڪتاب

سنڌي راڳ ۽ تال، مصنف : سيد منظور نقوي

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سنڌي راڳ ۽ تال
مصنف : سيد منظور نقوي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ