ڀلاري ڀونءِ
ھن ناول جو مرڪزي ڪردار چين جو ھڪ اڻپڙھيل ننڍڙو وانگ لنگ آھي، جيڪو پنھنجي زمين جي ننڍڙي ٽڪري سان بي انت پيار ڪري ٿو. ناول ماڪڙ جي حملي سبب ڏڪار کان قبضي ۽ جنگ تائين ۽ جنگ کان بدامني ۽ انقلاب تائين جي ڪھاڻين تي مشتمل آھي. ھن ناول جي ڪھاڻيءَ ۾ زمين سان عشق ۽ محبت ۽ پورھيي سان پيار جي لاٽ اجهامي ئي نٿي. ناول ۾ معصوميت ۽ مڪاري، لالچ، ھٻڇ، ھَوس، بي حسي. محبت ۽ نفرت جي واقعن ۽ موضوعن جا قصا شامل آھن.