ٻہ فڪري ڪتاب (غدري سورما ۽ انقلابن جي تاريخ)
هي ٻئي فڪري ڪتابچا ”غدري سورما“ ۽ ”انقلابن جي تاريخ“ ان دور جا ساکي آهن جڏهن ٻي مھاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ برطانوي شھنشاهيت جي جهنڊي تان سج لھي رهيو هو ۽ اپکنڊ ۾ آزاديءَ جي تحريڪ پنھنجي مڪمل جوهر ۽ جمال سان هلي رهي هئي ۽ برطانوي شھنشاهيت جي موڪلاڻيءَ جو دور دوران هو. عالمي سطح تي ٻہ سپر پاور يونائيٽڊ اسٽيٽس آف آمريڪا (يو ايس اي) ۽ يونين آف سوشلسٽ سويت ريپبليڪس آف رشيا (يو ايس ايس آر) هڪ ٻئي جي سامھون بيٺل هئا. ان حوالي سان محترم امان الله شيخ جو هي ڪتاب هر سنڌي نوجوان ۽ ساڃاهہ وند کي پڙهڻ گهرجي.