امان الله شيخ

Author Name

مضمون نويس، ترجمي نگار ۽ سياسي ڪارڪن امان الله شيخ، لاڙڪاڻي جي ڪرما باغ پاڙي جي ڪوڪڙي گهٽيءَ ۾، 15 سيپٽمبر 1949ع تي ڄائو. هن شروعاتي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول دڙي محلي مان ۽ ثانوي تعليم، گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان بي .ايس سي ڪرڻ کان پوءِ، ايم .ايس سي ڪيميسٽريءَ ۾ ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ پهتو، جتي قومي تحريڪ ۾ سرگرميءَ سان حصي وٺڻ ڪري ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو، جنهنڪري ايم ايس سي مڪمل نه ڪري سگهيو. هن ٻوليءَ جي لسٽن، اينٽي ون يونٽ تحريڪ، جيئي سنڌ هلچل ۽ ايم .آر .ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. ڪيترائي ڀيرا جيل ڪاٽيائين. هو جيئي سنڌ نوجوان محاذ، سنڌ يونائيٽيڊ فرنٽ ۽ جساف جو بنيادي ميمبر ۽ پهريون مرڪزي نائب صدر، نئشنل ڊئموڪريٽڪ پارٽيءَ جي مرڪزي ڪاميٽيءَ جو ميمبر، پاڪستان نئشنل پارٽيءَ جو مرڪزي آرگنائيزر، (جناب غوث بخش بزنجي جي وفات کان پوءِ، پارٽيءَ جو سربراهه)، پيپلزپارٽي( ش .ڀ )جو مرڪزي اڳواڻ ۽ عوامي جمھوري پارٽيءَ جو صدر رهيو آهي. هيءُ مقرر، ترجمي نگار ۽ مضمون نويس آهي. سندس ٽي ڪتاب ڇپيل آهن: (1) ’انقلابن جي تاريخ ‘(ايم .اين .راءِ جي ڪتاب جو ترجمو، 1983ع)، (2) ’ڏونگر نيٺ ڏرن‘ (غلام هيروز جو ترجمو، 1985ع)، (3) ’جيئن جيئن تپي ڏينهن‘ (ڪالم :1999ع )، (4) اسلام جو تواريخي ڪردار (ايم ¬اين¬ راءِ جي ڪتاب جو ترجمو، 2010ع)، (5) ايڪويهين صدي ۽ شاهه لطيف (سھيڙيل: هند ۾ ٿيندڙ شاهه لطيف ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالن جي سھيڙ، 2015ع) (6) جڏهن ماڻهو بغاوت ڪن ٿا (جيمس سي. ڊيويز جي ڪتاب جو ترجمو، 2016ع) ڇپيل آھن. 
ھن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي ۽ وڪالت ڪري ٿو.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي امان الله شيخ جا ڪُل 6 ڪِتاب موجود آھن


امان الله شيخ جا ڪتاب

ڏُونگر نيٺ ڏَرن، سھيڙيندڙ : امان الله شيخ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڏُونگر نيٺ ڏَرن
سھيڙيندڙ : امان الله شيخ
اسلام جو تواريخي ڪردار، سنڌيڪار : امان الله شيخ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
اسلام جو تواريخي ڪردار
سنڌيڪار : امان الله شيخ
ايڪويهين صدي ۽ شاهه لطيف، ليکڪ : امان الله شيخ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ايڪويهين صدي ۽ شاهه لطيف
ليکڪ : امان الله شيخ
جڏهن ماڻهو بغاوت ڪن ٿا، سنڌيڪار : امان الله شيخ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
جڏهن ماڻهو بغاوت ڪن ٿا
سنڌيڪار : امان الله شيخ
جئن جئن تپي ڏينھن، مصنف : امان الله شيخ

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
جئن جئن تپي ڏينھن
مصنف : امان الله شيخ
رھجي ويا ڳُڻ، ليکڪ : امان الله شيخ

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
رھجي ويا ڳُڻ
ليکڪ : امان الله شيخ
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ