جئن جئن تپي ڏينھن
امان اللہ شيخ سدائين سنڌ جي قومي ٻڌي ۽ آجپي لاءِ نيون راھون ۽ نيون ڳالھيون ڪندو رھيو آھي. ھن ڪتاب ۾مختلف وقتن تي سنڌ جي سياسي، ثقافتي ۽ سماجي مسئلن تي سنڌ جي شعور سان مخاطب ٿيل سندس 18 تقريرون شامل آھن. ھنن تقريرن ۾ جتي سنڌ جي سياسي، ثقافتي ۽ سماجي مسئلن تي روشني پوي ٿي، اتي قومي تحريڪ ۾ ٿيندڙ غلطين جي نشاندھي بہ سامھون اچي ٿي. اھڙي طرح گهڻن ھنڌن تي سنڌ ۽ سنڌواسين لاءِ سندس درد ۽ ڪرب اوتجي آڏو اچي ٿو.