ڪليات ٻاجهي (ٻاجهي فقير لغاريءَ جو ڪلام
چون ٿا تہ ٻاجهي فقير کي مجازي عشق جي چوٽ لڳل ھئي، جنھن فقير کي حقيقي عشق جي چاڙھيءَ تي چاڙھي ڇڏيو. پوءِ يڪتارو بہ کنيائين، ڪلام جوڙيائين ۽ راڳ ڳايائين. ھن ڪتاب ۾ ٻاجهي فقير جو سنڌي، سرائيڪي، فارسي ۽ اردو ڪلام شامل آھي، جنھن ۾ مولود، نعت، منقبت، ڪافيون، اصلاحي شاعري، سي حرفي، سنڌ جو ترانو ۽ ٻيو ڪلام شامل آھي.