استاد لغاريءَ جو پورو نالو لقمان ولد محمد عالم آهي. استاد لغاري ۲۱ نومبر ۱۹۵۶ع تي، ڳوٺ مولوي خير محمد احمداڻي تعلقي سانگهڙ ۾ جنم ورتو. پنج درجا سنڌي ۽ ديني تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪري، مئٽرڪ ۱۹۷۹ع ۾ ھاءِ اسڪول سانگهڙ مان، انٽر ۱۹۸۶ع ۾ ڊگري ڪاليج کپري مان، بي اي ۱۹۸۸ع ۾، ۽ ايم اي ۱۹۹۱ع ۾، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان مڪمل ڪئي. ۱۹۸۳ع ۾ مسجد اسڪول ٽيچر، ۱۹۹۱ع ۾ جي ايس ٽي ۽ سال ۲۰۰۱ع ۾ ايڇ ايس ٽي مقرر ٿيو. انھيءَ دوران، پي ٽي سي، سي ٽي ۽ بي ايڊ جا ڪورس، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد مان ۽ ايم ايڊ جو ڪورس سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام مان پاس ڪئي.
سنڌي ادب ۾ باقاعدہ لکڻ جي شروعات ۱۹۸۰ع واري ڏهاڪي کان ڪيائين. ۱۹۸۱ع ۾، “سنڌي ادبي سنگت” شاخ کپري جو يونٽ قائم ڪري، پاڻ ان جو پھريون سيڪريٽري مقرر ٿيو. ساڳئي سال “پڪار پبليڪيشن” کپرو جو بنياد وڌائين. ان پليٽ فارم تان، ڪتاب “آيو آيو سوجهرو” جون ۱۹۸۲ع ۾ شايع ڪيائين. ساڳئي پبليڪيشن پاران، ٻيا چار ادبي پرچا “سچي دنيا” جي نالي سان، ۱۹۸۶ع ۾، کپري مان شايع ٿيا. اهڙيءَ طرح ۱۹۹۰ع واري ڏهاڪي ۾، اخباري سائيز جو هڪ عدد ادبي پرچو “ڪاروانِ بھار” ۽ ٽي ٻيا ادبي پرچا، “ڀاڳ” جي نالي سان، کپري مان شايع ڪيائين.
۱۹۸۳ع ۾، ماٽا (مسجد اسڪول ٽيچرس ايسوسيئشن سنڌ ) جو بنياد وڌائين ۽ ان جو پھريون مرڪزي صدر منتخب ٿيو. سندس ذاتي“استاد لغاري ادبي لائيبريريءَ” ۾، هن وقت ٻين هزارين ڪتابن سان کان گڏوگڏ، شاھ جي رسالن جو قيمتي ذخيرو موجود آهي. خصوصا، قلمي، دستخطي، ليٿو، عڪسي، پرنٽنگ پريس ۽ ڪمپيوٽر لکائيءَ تي مشتمل، سنڌي، سرائيڪي، پنجابي، اردو، انگريزي، عربي، ڍاٽڪي ۽ ٻين ٻولين ۾ لکيل، شاھ جا رسالا وٽس موجود آهن. سندس نمايان ادبي پورهيو، شاھ جي رسالي جو منظوم سرائيڪي ترجمو (جيڪو مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور پاران، پھريون ڇاپو سال ۲۰۱۰ع ۾ شايع ٿيو) آهي.ان کا علاوه سٽ وار سمجهاڻيءَ تي آڌاريل، شاندار شرح لکيل شاھ جو رسالو،( جيڪو ڪويتا پبلشرز حيدرآباد پاران، پھريون ڇاپو، سال ۲۰۱۷ع ۾ شايع ٿيو) ۽ منظوم ڍاٽڪي ترجمو (جيڪو سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران، پھريون ڇاپو سال ۲۰۱۸ع ۾ شايع ٿيو)، شامل آهن. هن پنھنجن هٿن سان، شاھ جي رسالي جو “رنگين قلمي نسخو” بہ لکيو آهي، جيڪو سال ۲۰۱۱ع ۾ لکي مڪمل ڪيائين. هي رسالو ڇھن رنگن سان، ڇٽيھن سُرن تي آڌاريل آهي. باقي سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾، شاھ جو رسالو( وڏو واحد رسالو، جيڪو سال ۲۰۱۳ع ۾، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور پاران شايع ٿيو)، شاھ جو رسالو(ننڍڙو، کيسي ۾ رکڻ جيڏو، حمائيل سائيز ۾، جيڪو سھڻي سنڌ اڪيڊمي کپرو پاران، سال ۲۰۱۵ع ۾ شايع ٿيو)، شاھ جو رسالو( جلد پھريون، سهڻي سنڌ اڪيڊمي کپرو پاران، سال ۲۰۱۳ع ۾ شايع ٿيو)، شاھ جو رسالو(جلد ٻيو، سهڻي سنڌ اڪيڊمي کپرو پاران، سال ۲۰۱۴ع ۾ شايع ٿيو)، موکي متارا (هي لطيف شناسيءَ تي آڌاريل تحقيقي ڪتاب، المھراڻ فائونڊيشن سانگهڙ پاران، سال ۲۰۱۳ع ۾ شايع ٿيو)، لطيفي اسرار( هن ڪتاب ۾، لطيف شناسيءَ تي لکيل مقالا ۽ مضمون شامل آهن، جيڪو مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور پاران، سال ۲۰۱۵ع ۾ شايع ٿيو)، سونَ ورنيون سٽون( هي نثر ۾ لکيل شاھ جو رسالو آهي، جنهن کي ڪويتا پبلشرز حيدرآباد، سال ۲۰۱۷ع ۾ شايع ڪيو)، ڪلياتِ ٻاجهي (ٻاجهي فقير لغاريءَ جو ڪلام، ڪويتا پبلشرز حيدرآباد پاران، سال ۲۰۱۷ع ۾ شايع ٿيو)، شاھ لطيف جا ڇٽيھ سُر (تعارف، سمجهاڻيون ۽ فلسفا، سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران، سال ۲۰۱۸ع ۾ شايع ٿيو). “جي ڪنڌيءَ ڪاڪ ڪڪوريا” ڪتاب شخصيتن تي آڌاريل آهي. هي ڪتاب سنڌ راڻي پبليڪيشن پاران، سال ۲۰۱۹ع ۾ شايع ٿيو آهي. اهڙيءَ ريت، استاد لغاريءَ جا، هن وقت تائين ۱۵ ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. سندس لکيل ۽ شايع ٿيل مقالن ۽ مضمونن جو تعداد سون ۾ آهي، جيڪي لطيف شناسي، ماڳ مڪانن، شخصيتن ۽ ٻين موضوعن تي مشتمل آهن.
استاد لغاريءَ جو پسنديدہ موضوع“ شاھ جو رسالو” آهي. هُو هِن وقت:
۱. شاھ جي رسالي جو منظوم سرائيڪي مُترجم بہ آهي.
۲. شاھ جي رسالي جو منظوم ڍاٽڪي مُترجم بہ آهي.
۳. شاھ جي رسالي جو رنگين قلمي نسخو لکندڙ مُقلم بہ آهي.
۴. شاھ جي رسالي جو شارح بہ آهي.
۵. شاھ جي رسالي جو مُرتب نگار بہ آهي.
۶. شاھ جي رسالي جو پاڪيٽ سائيزر(مُرتب) بہ آهي.
۷. شاھ جي رسالي جو الف ب وار ايڊيشن ترتيب ڏيندڙ بہ آهي.
استاد لغاريءَ کي مڃتا ايوارڊ بہ ملي چڪا آهن. جن ۾، ثقافت کاتي حڪومتِ سنڌ پاران؛ ”لطيف ايوارڊ” سال ۲۰۱۳ع ۾، اڪيڊمي ادبيات پاڪستان اسلام آباد پاران؛ ”شاھ عبداللطيف ڀٽائي اور تصوف ايوارڊ” سال ۲۰۱۷ع ۾، ۽ آئيڊيل پبلڪ اسڪول کاهيءَ پاران“بھترين رائيٽرس ايوارڊ”، سال ۲۰۱۸ع ۾ ڏنو ويو. استاد لغاري سال ۲۰۱۶ع ۾، سروس تان ريٽائر ٿيو، هن وقت پنھنجي ادبي لائيبريريءَ کپرو ۾، علم و ادب جي خدمت ۾ مصروفِ عمل آهي.
سنڌسلامت ڪتاب گهر تي استاد لغاري جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن