ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ محقق استاد لغاري جو لکيل آھي جنھن ۾ ھن شاھ لطيف جي شاعريءَ جي 36 سُرن جو تعارف ۽ فلسفو بيان ڪيو آھي. استاد لغاري لکي ٿو:
”هن ڪتاب لکڻ جو مقصد، حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڇٽيهن سُرن بابت، مفصل معلومات ڏيڻ آهي، ته ڪهڙي سُر جو نالو، ڪهڙي ٻوليءَ مان نڪتل آهي؟ ۽ ان لفظ جي لغوي معنيٰ ڇا آهي؟ ڪهڙي سُر ۾ ڪيترا بيت؟ ڪيتريون وايون؟ ۽ ڪيترا داستان شامل آهن؟ ۽ اهي سُر ڪهڙي راڳڻي ۾؟ ۽ ڪهڙي وقت (ٽائيم) تي ڳايا وڃن ٿا؟ وغيره. هي ڪتاب لسنرز دوستن لاءِ به هڪ ڄاڻ خزانو آهي. هر هڪ سُر جي تعارف کان پوءِ، چند بيت، انهن جون سمجھاڻيون ۽ فلسفا به بيان ڪيا ويا آهن، ته جيئن شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڇٽيهن ئي سُرن بابت، هر رخ کان روشني پئجي وڃي.“
لطيفيات
شاھ لطيف جا ڇٽيھ سُر
- 5.0/5.0
- 2005
- 581
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”شاھ لطيف جا 36 سُر“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ محقق استاد لغاري جو لکيل آھي جنھن ۾ ھن شاھ لطيف جي شاعريءَ جي 36 سُرن جو تعارف ۽ فلسفو بيان ڪيو آھي. استاد لغاري لکي ٿو:”هن ڪتاب لکڻ جو مقصد، حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڇٽيهن سُرن بابت، مفصل معلومات ڏيڻ آهي، ته ڪهڙي سُر جو نالو، ڪهڙي ٻوليءَ مان نڪتل آهي؟ ۽ ان لفظ جي لغوي معنيٰ ڇا آهي؟ ڪهڙي سُر ۾ ڪيترا بيت؟ ڪيتريون وايون؟ ۽ ڪيترا داستان شامل آهن؟ ۽ اهي سُر ڪهڙي راڳڻي ۾؟ ۽ ڪهڙي وقت (ٽائيم) تي ڳايا وڃن ٿا؟ وغيره. هي ڪتاب لسنرز دوستن لاءِ به هڪ ڄاڻ خزانو آهي. هر هڪ سُر جي تعارف کان پوءِ، چند بيت، انهن جون سمجھاڻيون ۽ فلسفا به بيان ڪيا ويا آهن، ته جيئن شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڇٽيهن ئي سُرن بابت، هر رخ کان روشني پئجي وڃي.“
هي ڪتاب سمبارا پبليڪيش، حيدرآباد پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سمبارا پبليڪيشن جي سرواڻ پياري ساجد سنڌيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ استاد لغاري
- ڇپيو ويو 2018
- ڇپائيندڙ سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 12/Aug/2020
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 581 ڀيرا