26. سُر“ آسا”جو فلسفو
“آسا” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي،”آس”،”اُميد”،”تمنا”،” آسرو”،” آرزو”،”مراد”،” خواهش.،” غرض” يا”حاجت” وغيره. هي شاھ جي رسالي جو حقيقت تي آڌاريل، وڏي گھرائيءَ وارو سُر آهي، جنهن ۾ مجاز جي تمثيلن سان، حقيقت بابت ڳُوڙها معنوي اشارا ڪم آندل آهن.
ڪا جا پر پرين، نه سا سُئي نه ٻُڌي،
متيون سڀ منجھن، اهڙي ڏٺي قضيي.
صوفياني سُلوڪ ۽ فڪر ۾، ڪي اهڙا اشارا ۽ اهڃاڻ ڪم آندا ويندا آهن، جن جِي لفظي ۽ ظاهري معنيٰ هڪڙي هوندي آهي ۽ حقيقي يا معنوي معنيٰ ٻِي هوندي آهي. شاھ جي رسالي ۾، اهڙا ڪيترائي بيت ملن ٿا، جن جي پڙهڻ سان، سوچ جي سمونڊر ۾ ٽُٻيءَ هڻي، معنيٰ جا موتي ڳولڻا پون ٿا.
سڄڻ سنيون ڪن، لوڪان ليکي ونگيون،
سندي سُپيرين، پر پروڙڻ ڏاکڙو.
اهڙيءَ طرح سُر”آسا” ۾، شاھ صاحب، محبوب جي مشاهدي ماڻڻ لاءِ، انڌي، ٻوڙي، گونگي، منڊي، ٽُنڊي، ٺُونٺي ۽ کُونکي ٿيڻ جي صلاح ڏني آهي.
هڪل حقيقت جي، ٻوڙو ٿي ٻُڌيج،
انڌو ٿي پسيج، مشاهدو محبوب جو.
جڏهن اکڙين ۾، سُفيديءَ جو سُرمو پائيندين، ته عالم جي اڇائي پسندين. ريٽي جهڙي رونق ڏسندين ۽ لالڻ جي لالائيءَ لهندين.
منهن محراب پرينءَ جو، جامع سڀ جهان،
سڀوئي سُبحان، ڪيڏانهن ڪري نيتيان؟
“آسا راڳڻي” ڪنهن زماني کان وٺي، سنڌ ۾ هلندڙ آهي. شاھ جي راڳ ۾، راڳ توڙي موضوع جي لحاظ سان، سُر”آسا” جيئن ڳائجي ٿو، ته اُهو هندوستاني راڳ جي“شُڌ آسا” معلوم ٿئي ٿو. هي شاھ جي رسالي جو ڇويهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 162 بيت، 9 وايون ۽ 7 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت” لُڇان ٿي لاحد ۾، هادي! لهان نه حد” ۽ آخري وائي” موت مند نه آهي، تائب ٿيو تڪڙا” آهي.
بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
حقيقت هن حال جي، ظاهر ڪريان ذري،
لڳي ماٺ مِرُن کي، ڏونگر پون ڏري،
وڃن وڻ ٻري، اوڀڙ اُڀري ڪو نه ڪو!
آئون جنهن حال واريءَ ڪيفيت ۾ آهيان، (منهنجو جيڪو حال آهي) جي اُن حقيقت جي، ذري کان ذرِي به ظاهر ڪري وجھان. ته جيڪي جھنگل جا وحشي جانور آهن، اُهي ( حيرت ۾) چُپ ٿي وڃن ۽ جبل ۽ پهاڙ به ڦاٽي اڌو اڌ ٿي پون. وڻن جا ٻيلا ۽ جھنگل به ٻري، خاڪ ۽ ڪيرِي ٿي وڃن ۽ اُهو سڀ، جيڪو زمين مان ڦٽي نڪري ٿو، سو جيڪر پيدا ئي نه ٿئي!
مُئي هاٿيءَ سين مامرو، اچي پيو انڌن،
مناڙين هٿن سين، اکيين ڪين پسن،
في الحقيقت فيل کي، سڄا سُڃاڻن،
سندي سردارن، بصيرت بينا ڪري.
انڌن ( دل جي اکين کان نابين) ماڻهن جو، هڪڙي مُئل هاٿيءَ سان معاملو اچي اٽڪيو آهي. اُهي انڌا، رڳو مٿان مٿان کان هٿ ڦيرائي، زور ڏيئي، پيا پنهنجا خيال ڊوڙائين، اندر جي اکين سان ته ڏسي ڪو نه پيا سگھن. حقيقت ۾، (حقي طور تي) هاٿيءَ کي ته اکين وارا، سڄا سالم انسان ئي سُڃاڻي سگھن ٿا. (روحاني طور) جيڪي اعليٰ مرتبي ۽ وڏيءَ نگاھ رکڻ وارا اڳواڻ ۽ سچا سالڪ آهن، انهن جي نظر ئي، صحي پرکا ۽ پروڙ ڪري سگھي ٿي.
ڪِين جو ڪنهين پار! اکيون پسي آئيون،
ٿيون ديوانيون دل ۾، اَپَر لڳين آر،
تهان پوءِ قرار، سُتيون ڪين سيد چئي.
هي اکڙيون، ڪنهن انوکي پاسي کان، اڄ سُهڻيءَ صورت پسي آئيون آهن. هاڻي پنهنجي من ۾، مست مگن ٿيو پيون ڦرن، ڪا وڏي محبت، سڪ ۽ قرب جي ڪشش لڳي ويئي اٿن. سهڻو سيد چوي ٿو ته” اُن کان پوءِ، اُهي (اکڙيون) ڪڏهن به آرام ۽ قرار ڪري، سڪون سان ڪو نه ستيون آهن.
ڦير مَ تون اُبت، کڻ سُبتيون سُپرين!
مون کي موهي جن سين، ماري ڳِيَڙئِي مت،
ايءَ پرين! تنهنجي پت، هاڻِ جڏو جيئي نه مري.
اي منهنجا سهڻل سپرين! مون ڏي سُبتيون ۽ سُهڻيون اکڙيون کڻي، انهن سان نهار، اُبتيون کڻي ڪاوڙ نه ڪر. مون کي انهن اکڙين سان موهي، مورڳو ماري! تو ته منهنجيءَ مت به کسي ورتي آهي. اي منهنجا محبوب پرينءَ! اها به تنهنجي وڏائي ۽ شان واريءَ ڳالھ آهي، جو هيءُ بيمار جڏو، (تنهنجي برھ ۾) هاڻِ نڪي ٿو جيئي ۽ نڪي ٿو مري.
نيڻين نظر نينهن جو، جتي جوڙجن،
ساھ اني تان صدقو، اندر سين عضون،
لاهي سِر لطيف چئي، انگ پڻ آڇجن،
قلب قرباني ڪريان، مٿان دل دوسن،
هنيين ۽ اکين، پاھ هيڪاندي پرينءَ لئي.
نيڻن جي نظر، نينهن واريءَ هوندي آهي، پوءِ جتي به کڻي اُهي نيڻ اٽڪائجن. اندر جي عضون (دل، دماغ ۽ جگر) سميت، ساھ انهن سهڻن سڄڻن تان، صدقي ڪري ڇڏبو آهي. سهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته،” پنهنجو سر لاهي، تِرِيءَ تي رکي، باقي انگ ۽ عضوا به انهن(پرين) کي وڃي آڇجن، (پيش ڪجن)”. آئون به پنهنجيءَ دل، من ۽ قلب، مٺڙن محبوبن جي مٿان، قربان ڪري ڇڏيان. منهنجي هنيين ۽ اکڙين کي، ڏاڍي گھڻي سڪ، محبت ۽ رغبت آهي، سهڻن سڄڻن جي لئي.
تحقيق جي تون ڀري، مٿي رءَ کڻيج،
ٻانهنئان ٻهر ٿي، ڪُشتي ڪمائيج،
سنڌن رءَ ساري، ڄنگھن رءَ ڄُليج،
جا حاج هٿن رءَ نه ٿئي، سا ٽُنڊوٿي ڪريج،
هڪل حقيقت جي، ٻوڙو ٿي ٻُڌيج،
انڌو ٿي پسيج، مُشاهدو محبوب جو.
تحقيق (تصوف جي عمل) واري ڳُوڙهيءَ ڳنڍڙي، ظاهري مٿي تي نه، پر مٿي کان سواءِ، روحاني طرح کڻ. ظاهري ٻانهن وارو زور ڇڏي، (عشق جي) قربدار ڪُشتيءَ واري راند کيڏندو ۽ کٽيندو هل. سنڌن جي سار ڇڏي، ظاهري ڄنگھن کان سواءِ ڄُلندو ڄُل، (وکون کڻ). اُهو ڪم ڪار، جيڪو ظاهري هٿن سان هرگز پورو نٿو ٿي سگھي، اُهو ظاهري ٻانهن ۽ ٽَنگن کان ٽُنڊو منڊو ٿي به پورو ڪر. حقيقت وارو سهڻو سڏ، ٻيائيءَ ٻُڌڻ وارا ڪن بند ڪري، (ٻوڙو ٿي) دل جي ڪنن سان ٻُڌ. مٺڙي محبوب جو مشاهدو ۽ ديدار اهڙيءَ ريت ڪر، جو توکي (اُن کان سواءِ) ٻِي ڪا به شئي نظر ئي نه اچي.
اَوڳُڻ رُسي سڀڪو، ڳُڻين پرين رُٺام،
ليکيم جي لسان سين، سي ڪر ڪين ڪيام،
پاڻ وڃائي پانهنجا، ٿورا ٿوڪ هنيام،
بندگي، اَفگندگي، شرمندگي، اِها ميڙ مُڪام،
پرين تب پرتام، “آئون” جب اُٺ گئي.
اَوڳُڻ ڪندي ته سڀڪو رُسيو وڃي ٿو، پر ڳُڻن ڪندي، مون کان منهنجا محبوب پرينءَ رُسي ويا. مون جيڪي، پنهنجيءَ زبان سان واعدا ۽ قول اقرار ڪيا هئا، سي شايد مون کان پورا ڪو نه ٿيا!؟ ڪي ٿورڙا ۽ قليل ڪيل (چڱائيءَ وارا) ڪم، شايد مون پنهنجا پاڻ وڃائي ڇڏيا!”(اي منهنجا سهڻا سڄڻ!) آئون ٻانهپ وارو، آئون خرابيءَ سان ڀريل ۽ آئون شرمسار آهيان”، اها منٿ ۽ ميڙ، مون مٺي محبوب ڏي چوائي موڪلي. پر منهنجا محبوب پرينءَ، مون سان تڏهن وڃي پرچيا، جڏهن منهنجي من اندر مان”آئون”،”انا” ۽”تڪبر” تڙجي نڪري ويئي.
شاھ جي رسالي ۾، سُر“آسا” کي، معنوي ماحول موجب، مرڪزي حيثيت حاصل آهي. هن سُر جا بيت ظاهر ۾ جنهن مجازي محبت جو ماحول ميسر ڪن ٿا، حقيقت ۾ وري اُهو ماحول ۽ مانڊاڻ، معنوي نُقطي ۾ سمائجي وڃي ٿو. ديدار جو طالب، پنهنجي مطلوب ۽ محبوب کي، پنبڙين ۽ اکڙين جي ڪاراين کان به قريب گھري ٿو. هن سُر ۾، ڪيترائي بيت، اُلٽي معنيٰ وارا به ملن ٿا، جن کي سالڪ، سُلوڪ جي نقطي کان سواءِ سمجھي نه سگھندو.”مورک مام نه ٻُجھڻا، آنڪا جها اڪ” يا”اک اُلٽي ڌار، وانءُ اُلٽو عام سين، لهوارو لوڪ وهي، تون اُوچو وھ اوڀار”. شاھ جي سُر“ڪلياڻ” کان پوءِ، سُر”آسا” ۾ پڻ وحدانيت جا ورق ورايل آهن. جن کي سمجھڻ لاءِ، اسان کي اُهي اکڙيون ڌارڻيون پونديون، جن لاءِ شاھ صاحب پاڻ فرمائي ٿو” اکيون سيئي ڌار، جن سان پسين پرينءَ کي، ٻئي ڏونهن ڪيم نهار، گھڻو ريسارا سپرين”. سُر”آسا” جنهن اونهي اوڙاھ عميق ۾ ٽٻيون هڻائي ٿو، شال اسان ان مان، ڪي معنيٰ جا ماڻڪ ۽ موتي ميڙي سگھون!