21. سُر“ڪاموڏ” جو فلسفو
“ڪاموڏ” سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ”ڪامودا” جي بگڙيل بناوت آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي”ڪام وهيڻي”. هي شاھ جي رسالي جو حقيقي ۽ مجازي محبت سان مالا مال سُر آهي، جنهن ۾ شاھ صاحب نوريءَ جي نوڙت ۽ نياز کي آڌار بنائي، سنڌ جي سمي حاڪم ڄام تماچيءَ جي محبت جو انوکو احوال اوريو آهي.”عشق ايئن ڪري، جيئن ڄارو ڄام ڪُلهي ڪيو”.
چون ٿا ته نُوريءَ اصل ۾ سنڌ جي حاڪم“جسوڌڻ راءُ سمي” جي نياڻي هئي، جنهن جي والده جو نالو”مَرُوبت راڻي” هو. نُوريءَ ڄمڻ مهل ڪوڙھ جي مرض ۾ مبتلا هئي، جنهن کي بادشاھ اُڇلي اچڻ جو حڪم ڏنو. نوريءَ کي اُڇلي اچڻ لاءِ، دائي کڻي جھر جھنگ ڏانهن رواني ٿي، ته اڳيان”ڪينجھر” نالي گندرو مهاڻو گڏيس، جنهن اها ڌيءَ اُڇلڻ بجاءِ، پاڻ وٺي وڃي پالي. نوريءَ کي هڪ اولياءَ”شاھ هوندڙي” جي دُعا سان شفا ملي. جيئن ئي نوريءَ تان مرض لٿو، ته منجھس ايڏو حُسن پيدا ٿي پيو، جو منهن مان نُور نروار ٿي تجلا ڪري ٻهڪڻ لڳو.
ڄام تماچي جيڪو ٺٽي جو حاڪم هو، سو سير شڪار لاءِ، ڪينجھر ڍنڍ تي ايندو رهندو هو ۽ ننڍا وڏا ملاح وڃي سندس سلامي ٿيندا هئا. نوريءَ کي اهل ڄاماڻي هئي، سا ملاحن واري ڪرت ڪا نه ڪندي هئي.” نه وڍي، نه وڪڻي، نڪين ککيءَ کاءِ”، سمو ڄام مٿس مفتون ٿيو ۽ ملاحن کان سندس سڱ گھريائين. نوريءَ جو بخت بلند ٿيو ۽ ڄام تماچِيءَ جي ساڻس شادي ٿي. ڄام تماچي انهي خوشيءَ ۾، ملاحن کي ڪينجھر ڍنڍ انعام ڏيئي، مٿانئن مڙيئي محصول معاف ڪري ڇڏيا. تصوف جي لحاظ سان، هن سُر جي داستان چوٿين جا بيت، الله پاڪ جي وحدانيت ۽ هيڪڙائيءَ جي ڄڻ تشريح ۽ تفسير وانگر لڳن ٿا. مثلا؛
نه ڪنهن ڄائو ڄام کي، نڪو ڄام وياءُ،
ننڍي وڏي گندري، سڀن آھ سياءُ،
“لم يلد و لم يولد”، ايءَ نجابت نياءُ،
ڪِبر ڪِبرياءُ، تخت تماچيءَ ڄام جو.
سُر“ڪاموڏ” جي راڳڻي، ٻپهريءَ يا شام جو ڳائبي آهي. هن کي”سمپورڻ راڳڻي” ڪري چوندا آهن، ڇو ته سڀيئي سُر ساڻس لاڳو آهن. هي”گوند” ۽”بلاول” راڳڻين جي ملاوٽ آهي ۽ ٽي جنسون اٿس. 1 شُڌ ڪاموڏ 2 ساونت ڪاموڏ ۽ 3 تلڪ ڪاموڏ، هي شاھ جي رسالي جو ايڪيهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 53 بيت، 3 وايون ۽ 4 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت” تون سمو، آئون گندري، مون ۾ عيب اپار” ۽ آخري وائي” تو در آيس سام، سما ڄام! سام تنهنجي” آهي،
بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
تون تماچي! تڙ ڌڻي، آئون مهاڻي مي،
ککيءَ هاڻيون کاريون، حال منهنجو هي،
مون ڏُهاڳ مَ ڏي، آئون جا نالي سُيس تنهنجي.
اي تماچي ڄام!تون سموري تڙ جو خود مختيار۽ مالڪ آهين، آءٌ مسڪين مي مهاڻي آهيان. مون وٽ، مڇيءَ جي بدبوءِ واريون ٽوڪريون آهن ۽ حال به منهنجو ههڙو جهڙو(اڀرو سڀرو) آهي. مون کي وڇوڙي وارو ڏهاڳ هرگز نه ڏجانءِ، ڇو جو آءٌ ته هاڻي تنهنجي نالي سان مشهور ٿي ويئي آهيان.
کُوءِ!سميون، ٻن! سومريون، جي اچن اوچي ڳاٽ،
ور! سي ڪينجھر ڄائيون، جن تماچيءَ تات،
راڻين ملا رات، ماڻڪ ميءَ پرائيو.
کوھ ۾ پون سميون! ٻن پون سومريون! جي ڪنڌ مٿي ڪري، آڪڙ ۽ وڏائيءَ سان ٿيون سامهون هلن. بيشڪ!ڀليون آهن، اهي ڪينجھر ۾ ڄاول مسڪين مهاڻيون، جن جي من ۾، سمي ڄام سلطان جي سچي سڪ ۽ محبت سمايل آهي. رات راڻين جي سٿ وچان، ماڻڪ جهڙي سهڻي نوري، ڄام تماچيءَ کي، کٽي کڻي پنهنجو ڪيو.
ڪاريون، ڪوجھيون، ڪُوَڙيون، منهن نه موچاريون،
وٺي ويٺيون واٽ تي، ککيءَ جيون کاريون،
اُني جيون آريون، سمي ري ڪير سهي !؟
سانورڙيون، بنا سونهن واريون، وڙ وجھ ۾ ڍليون ۽ منهن مهانڊري ۾ صفا سادڙيون آهن. بدبوءِدار مڇيءَ جون ٽوڪريون کڻي، (وڪڻڻ لاءِ) واٽ تي اچي، ويهيو ٿيون رهن. انهن جون فرمائشون، (انگل ۽ آريون) سمي ڄام سلطان کان سواءِ، ڀلا ٻيو ڪير سهي!؟
هيڏي وير ڪياءُ؟ ڪينجھر ۾ باھ ٻري !
نڪو ورن وڄ جو، نڪو چنڊ اُهاءُ،
لٿو پاند مهاءُ، ميءَ چڙهندي مڪڙي.
هيڏي اونداهيءَ واري وقت ۾، هيءُ ڪينجھر ۾، ڪهڙي باھ ٻري آهي!؟
نڪو کنوڻ جو ڪو چلڪو چمڪو ٿيو ۽ نڪو چنڊ جو سوجھرو آهي.
“اهو نوريءَ جو ٻيڙيءَ تي چڙهندي مهل، منهن تان ٿورڙو پاند لٿو آهي.
هٿين، پيرين، آرکڻين، منهن نه مهاڻي،
جيئن سڳو وچ سُرندڙي، تيئن راڻين ۾ راڻي،
اصل هئي ان کي، اهل ڄاماڻي،
سمي سُڃاڻي، ٻِيڙو ٻڌس ٻانهن ۾،
هٿين، پيرين، توڙي منهن مهانڊري جي نشانين ۾،”مسڪين مهاڻي” ته لڳي ئي ڪو نه ٿي. جيئن سُرندي ۾ سونو سڳو هوندو آهي، تيئن هيءَ راڻين ۾، سڀنيءَ کان سُهڻي راڻي آهي. ڇو جو اصل کان وٺي، (ڄائي ڄم کان) هن نوريءَ جي اُٿڻي ويهڻي ۽ هلت چلت ڄامن(وڏن چڱن) واري هئي. سمي ڄام سلطان کيس سڃاڻي، پنهنجي هٿن سان اچي، هن جي ٻانهن ۾ سونو ٻِيڙو ٻڌو.
ڄام تماچي آئيو، سُڀتِ ٿي صلاح،
مور مرڪي هليو، سندو راڻين راءُ،
لٿي لِڪ، لطيف چئي، ڪئو شمس شعاع،
پيڙهيءَ ويٺو پاتشاھ، مٿس ڇٽ ڇُڳاءُ،
ڪوڙين قناتون لڳيون، مياڻين مٿاءُ،
لٿو ڏن ڏيهاءُ، مر! ٿيون مرڪن مڇيءَ واريون.
ڄام تماچي (ڪينجھر تي) آئيو، چڱي ۽ بهتر طريقي واري رٿا وجود ۾ آئي. راڻين جو ڌڻي ۽ حاڪم ڄام تماچي، سهڻو مور ۽ سُرخرو ٿي هليو. سهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته” راز واري ڳالھ پڌري ٿي، سج پنهنجو چٽو پٽو سوجھرو ڪيو”. خاندانيءَ تخت تي بادشاھ ويٺو، ان جي مٿان ٽَونئرن ۽ گلن وارو سهڻو سينگار ٿيو. ڪروڙين ڪروڙ طنبو ۽ طولان لڳا، سڀني مياڻين ۾، (جٿي ڪٿي) جشن ٿيا، ڏيھ تان سمورو ڏن ۽ محصول ختم ٿي ويو، هاڻي ڀلي پيون مڇيءَ واريون(مهاڻيون) خوشيءَ ۾ مرڪن ۽ خوش ٿين.
مَنَھن ملاحن جي، آيو ڄام ڄُلي،
ماڳين پييون مسندون، جھُڳين پاس جھُلي،
عطر ۽ عبير جي، اچي ڇول ڇُلي،
ڪينجھر سڀ ڪُلي، اُني کي انعام ٿيو.
مسڪين ملاحن جي، ڪکائين جھُوپڙين ۽ ماڳ مڪانن تي، اڄ ڄام تماچي، محبت ۽ مروت منجھان، هليو آيو آهي. جدا جدا ماڳن ۽ ڪکائين جھوپڙين وٽ، تخت ۽ بخت واريون کٽون، شان ۽ شوڪت سان رکيون ويون آهن. عطر ۽ عنبير جي عرق جِي، اُتي ڇولين اچي ڇڇڪار لڳائي آهي. ڪينجھر وارو ڪُل علائقو، اُنهن (مسڪين ملاحن) کي، اڄ انعام ۽ اڪرام ۾، عطا ٿي ويو آهي.
حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي سُر”ڪاموڏ” کي،”مجاز” ۽”حقيقت” ٻنهيءَ رخن کان ڏسڻو پوندو، تڏهن اسان کي هيءُ سُر پُوريءَ طرح سمجھ ۾ ايندو. مجاز بابت، شاھ صاحب هيءُ سمورو قصو فقط هڪڙي سٽ ۾ سمائي ڇڏيو آهي. پاڻ فرمائي ٿو،” عشق ايئن ڪري، جيئن ڄارو ڄام ڪلهي ڪيو”. وري هن سُر جي حقيقت واري رخ تي روشنيءَ وجھنداسين ته لطيف سرڪار فرمائي ٿو” لم يلد و لم يولد”، ايءَ نجابت نياءُ، ڪِبر ڪِبرياءُ، تخت تماچيءَ ڄام جو”. شاھ صاحب انهن ٻن سٽن ۾،”وحدانيت” ۽”هيڪڙائي” جو مسئلو ئي حل ڪري ڇڏيو آهي. ان ڪري اسين جڏهن به سُر”ڪاموڏ” جو مطالعو ڪريون ٿا ته اُن کي ٻنهيءَ رخن کان پڙهڻ، پرکڻ ۽ پروڙڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. اهڙيءَ ريت، فيصلو از خود اسان جي سامهون اچي وڃي ٿو.”مجاز”“حقيقت” جي چاڙهي آهي، اگر حقيقت تائين پهچڻ ۾، ڪا به رنڊڪ محسوس ٿئي ٿي، ته”مجاز” جي ڏاڪڻ تي قدم رکو، منزل آسان ۽ ويجھي ٿي ويندي. پر اُن لاءِ شرط اهو به آهي، ته”مجاز” جي ڏاڪڻ تي پير رکڻ کان پوءِ، متزلزل ٿيڻو ناهي. اهڙن عملن ۾، شاھ جو ڪلام، اسان جي وڏي رهنمائي ڪري ٿو، جنهن کي صرف سمجھڻ، سمجھائڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي.