24. سُر” پورب” جو فلسفو
“پورب” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي،” اوڀر”،”اُڀرندو”،” مشرق”،” اوڀر جو واءُ”،” اصلي”،” قديمي”،” اوائلي” يا” پهريون” وغيره. هي شاھ جي رسالي جو حقيقت تي آڌاريل، معنوي ۽ سُلوڪ وارو سُر آهي، جيڪو سُر”رامڪلي” کان پوءِ، ٻئي نمبر تي، آديسي ۽ پُوربي فقيرن جي عادتن ۽ اُهڃاڻن جي نشاندهي ڪري ٿو. جوڳي جڳ ڇڏي، پورب پار ڏي راهي ٿي ويا، ڇو جو الله پاڪ پنهنجي بندن کي، سلامتيءَ ۽ خير و عافيت واري پاسي سڏي ٿو. پر افسوس! لالچ، طمع ۽ حرص واري هوڏ، سڀني کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي.
جوڳي جڳ ڇڏي، پُريا پُورب پار ڏي،
لاهوتي لطيف چئي، هليا لال لڏي،
“والله يدعواليٰ دارالسلام”، صاحب سڀن سڏي،
هئي!هئي! هن هڏي، همه کي حيران ڪيو.
لطيف رحه لاهوتين، سناسين ۽ پُوربين جا پار پتا ۽ اهڃاڻ ڪجھ هن ريت ٻڌايا آهن، ته اُنهن جي ڪنن ۾ ڳاڙها ڪُنر(والا) پاتل هوندا آهن، ڪڪڙا ڪپڙا ۽ ڳچيءَ ۾ ڳاڙها رومال ويڙهيل هوندن، دُدڙ ۾ دُدڙ، وڏا وار ڇڏيل، ڏک، تڪليف ۽ ڪشٽ جي کوري ۾ کاميل، پاڻ پائمال ٿيل، پر ماٺ ميٺ ۾، محبوب جي محبت واري وصال سان واڳيل هوندا.
دل ڌوتائين دُک سين، ڌاڳا هڏ نه ڌوءِ،
لاهوتي لطيف چئي، رُوحان اندر روءِ،
ڪو نه ڏٺوسون ڪوءِ، سناسي ۽ سُور ري.
الله پاڪ جي ياد جي تسبيح، من ئي من ۾، پيا پيار سان سيريندا. سچي مرشد جي سهاري، سُهڻي سُپرينءَ سان، سُهڻو ساٿ نڀائيندا.
شاھ جي راڳ جي روايت ۾،”پورب” هڪ خاص راڳ آهي. هندوستاني راڳڻي”پُوروي” الڳ آهي، ان جي ڳائڻ جو وقت ٽپهريءَ آهي. البت شاھ جي راڳ ۾، سُر“پورب” وِهاڻيءَ راڳ ڪري ڳائبو آهي. هي شاھ جي رسالي جو چوويهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 34 بيت، 5 وايون ۽ 2 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت” پُورب ماريياسِ، ڪنهن درِ ڏيان دانهڙي؟” ۽ آخري وائي” توبه! توبه! ايءَ طلب، تنهنجي دران منگان” آهي.
بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
“پورب پورب” تب ڪرون، جب هينئڙي آون پُور،
سڪندي کي سڄڻين، نِڪُون لايون نور،
ماريس ان مذڪور، جئن ساجن سڄي نه ملي.
جڏهن منهنجي هينئڙي جا جذبا ۽ اُڌما، جوش ٿا کائين، تڏهن ٿي آئون”پورب پورب” ڪريان. سهڻن سڄڻن لاءِ سڪندي، منهنجي اکڙين ڳوڙهن جون نابون(گھاريون) وهائي وڌيون آهن. مون کي انهيءَ مذڪور ماري وڌو آهي، جيئن جو سهڻو سڄڻ سجھي به پيو(ته ڪٿي آهي) پر ملي به نه ٿو.
پورب ويا پيهي، تان مون گھڻو نهاريا،
سُڌ نه مڪي سڄڻين، جيهي جي تيهي،
هئا پرڏيهي، وڄائي واٽ ٿيا،
پورب ديس ۾ داخل ٿي ويا، ان کان پوءِ، مون انهن آديسين کي، هتي ڳولڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي. انهن سهڻن سامين، ڪا به خبر چار ڪو نه موڪلي، جهڙي تهڙي (هلڪي ڦلڪي) به نه. اهي اصلئون پرڏيهي مسافر هئا، سڱيون وڄائي، واٽ وٺي ويندا رهيا.
جوءِ جيڏاهين جوڳيين، ان منهن اکڙيون،
سڳا، سيليون، سڱيون، تن سين تنبڙيون،
مون کي جني ماريو، ان تي اڳڙيون،
ان جيون عبداللطيف چئي، مرڪن ماڳ مڙهيون،
کوڙي لڪڙيون، چُندا ڪِين چيلن ويا،
اها ڀيڻيءَ، جتي جوڳي اڪثر هوندا هئا، منهنجو منهن ۽ اکڙيون هاڻ سدائين ان طرف هونديون آهن. کُٿل ڌاڳا، ڪپڙي جون ڳوٿريون، وڄائڻ واريون سڱيون ۽ انهن وٽ سُڪل ڪدوءَ جون تنبيون به هونديون هيون. مون کي جن فقيرن جي ڳڻن ماري وڌو آهي، انهن جي انگ تي ڦاٽل اڳڙيون ويڙهيل هونديون هيون. سهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته،” انهن فقيرن جون مڙهيون ۽ رهڻ واريون جايون، ڏاڍيون سهڻيون ۽ صاف سٿريون ٿيون لڳن. ڪاٺڙيون زمين تي کوڙي، پنهنجي چيلن کي، ڪِين ڪُجھ چوندا ويا”. (نيڪ نصيحت ڪندا ويا).
نڪِين نمن ناٿ کي، ناٿ نه نمائين،
جاٽرا ڪن نه جوڳ کي، جوڳ نه جُهارين،
آديسي آڻين، اُهڃاڻيون اِلماس جيون.
(اعليٰ ۽ افضل جوڳي) نڪي ناٿ کي نوڙت وارو سلام ڪن، نڪي ناٿ وٽ ٿا پاڻ کي نمائين. نڪي جوڳ جي ڪن ٿا نوڙت واريءَ پيروي، نڪي جوڳ واري مول ۽ متي جي مڃتا ۽ واکاڻ ڪن. هيري جهڙي سچي حقيقت جا پار پتا ۽ نشانيون، فقط اصلي ۽ سچا آديسي ئي آڻين ٿا.
لنگھ لاهوتان ڪاپڙي! دونهين ڪيم دکاءِ،
اوري ڪر مَ آسرو، پري پير مَ پاءِ،
جنهن جي جاءِ نه ماءِ، وانءُ تهين سين واڳيو.
اي ڪچا ڪاپڙي! تون لاهوت واريءَ منزل کان اڃان اڳتي وڌ، دُونهينءَ دُکائي، واٽ تي ويهي نه رھ. اورتي آسرو ڪري نه ويھ، سُلوڪ واريءَ واٽ تان ٻاهر قدم نه رک. جن جو ٿانءِ نه ڪوئي ٿاڪ هجي، تون انهن سان واڳيو ويندو رھ.
جوڳي ٿين نه يار، ڪنهين ساڻ قريب ٿي،
مون ملاقي جن سين، تن پورب جي پچار،
اٺئي پهر ان جي، آهي نانيءَ ڏانهن نهار،
لائي ويا لطيف چئي، اندر منجھ اپار،
سامين ساڻ ستار، لاهوتي لال ٿيا،
جوڳي هرو ڀرو حجت ڪري، ڪنهن جا به سنگتي يا ساٿي ڪونه ٿا ٿين. مون زندگيءَ ۾، جنهن جنهن سان به ملاقات ڪئي آهي، تن کي رڳو پورب جي پچار ۽ ڳولا هئي. انهن جي اٺئي پهر(راتو ڏينهن) هنگلاج ماتا (نانيءَ) ڏانهن نظر ۽ نگاھ هئي. سهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته” اُهي ( جوڳي) منهنجي من اندر ۾، ڪا وڏي لنوَ لڳائي هليا ويا آهن”، عيب ڍڪيندڙ سٻاجھو سائين، انهن سامين ساڻ جو آهي، تنهن ڪري اهي لاهوتي لالئون لال ٿيل آهن.
دل ڌوتائين دک سين، ڌاڳا هڏ نه ڌوءِ!
لاهوتي لطيف چئي، روحان اندر روءِ،
ڪو نه ڏٺوسون ڪوءِ، سناسي ۽ سُور ري.
دل، دردن سان ڌوئي صاف ڪري ڇڏيائين، جوڳي مٿان مٿان ڪپڙن ڌوئڻ جي تڪليف ڪري ئي ڪو نه ٿو. سهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته” جيڪو سچو پچو لاهوتي هوندو آهي، اهو روح جي اندران روئيندو رهندو آهي”. اسان اهڙو ڪوئي آديسي ڪو نه ڏٺو، جيڪو هجي سناسي ۽ سُور نه هجيس. (سُور کان سواءِ سناسي ڪهڙو؟)
رسالي جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته، سُر“پُورب” ڄڻ سُر“رامڪلي” جو ساٿي سُر آهي، جنهن مان لاطمع لاهوتين ۽ ويچاروان ويراڳين جي عادتن ۽ اُهڃاڻن جو پتو پوي ٿو.”ڪمر بستا ڪاپڙي، چلڻ جيون ٿا چُونِ، سِڱيون سناسين جيون، وڃيو پورب پُونِ”. هن سُر متعلق اضافي معلومات، اُن جي متن جي مطالعي مان ئي معلوم ڪري سگھجي ٿي. هي شاھ جي رسالي جو هڪ اهڙو سُر آهي، جنهن مان هاهوتي، هرڪيسي ۽ هنگلاجي جوڳين جا پچايل جوڳ، پڻ پسڻ ۾ اچن ٿا.