لطيفيات

شاھ لطيف جا ڇٽيھ سُر

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ محقق استاد لغاري جو لکيل آھي جنھن ۾ ھن شاھ لطيف جي شاعريءَ جي 36 سُرن جو تعارف ۽ فلسفو بيان ڪيو آھي. استاد لغاري لکي ٿو:
”هن ڪتاب لکڻ جو مقصد، حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڇٽيهن سُرن بابت، مفصل معلومات ڏيڻ آهي، ته ڪهڙي سُر جو نالو، ڪهڙي ٻوليءَ مان نڪتل آهي؟ ۽ ان لفظ جي لغوي معنيٰ ڇا آهي؟ ڪهڙي سُر ۾ ڪيترا بيت؟ ڪيتريون وايون؟ ۽ ڪيترا داستان شامل آهن؟ ۽ اهي سُر ڪهڙي راڳڻي ۾؟ ۽ ڪهڙي وقت (ٽائيم) تي ڳايا وڃن ٿا؟ وغيره. هي ڪتاب لسنرز دوستن لاءِ به هڪ ڄاڻ خزانو آهي. هر هڪ سُر جي تعارف کان پوءِ، چند بيت، انهن جون سمجھاڻيون ۽ فلسفا به بيان ڪيا ويا آهن، ته جيئن شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڇٽيهن ئي سُرن بابت، هر رخ کان روشني پئجي وڃي.“
Title Cover of book شاھ لطيف جا ڇٽيھ سُر

16. سُر”ديسي” جو فلسفو

16. سُر”ديسي” جو فلسفو

“ ديسي” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي”ڏيهي”،” مُلڪي”،”وطني”،” ساڻيهي” يا”ڳوٺاڻي” وغيره. هي شاھ جي رسالي جو حقيقي ۽ معنوي سُر آهي، جنهن ۾ سسئي جو ڏاگھن ۽ ڏيرن جي پُٺيان ڏونگر ڏورڻ ۽ روهن ۾ رُلڻ يا ڪوهن ۾ ڪشالا ڪڍڻ جهڙا موضوع محفوظ ڪيل آهن.
سسئي چوي ٿي،” ڏاگھن، ڏيرن، توڙي ڏونگرن، مون کي ته ٽنهيءَ گڏجي ڏک ڏنا، پر مون ته اُهي سمورا سُور ۽ درد سُک ڪري سمجھيا. منهنجي مقدر ۾ ڪشالا ڪڍڻ ۽ قربانيون ڏيڻ ئي لکيل هيو. نه ته انهن رڻ پٽن ۽ بيابانن ۾ ڪير پيادل پنڌ ڪري ؟ شال! دڳ تي ددڙ نه ٿئي ۽ منهنجي پياري پنهل تي پڻيءَ نه پوي. اي الله پاڪ ! جن اُٺن تي منهنجو سُهڻو ساجن سُوار آهي، اُنهن اُٺن کي اُس به نه لڳي، ڀنڀور مان هلندي، جتن ته مون سان وڏو بيک ڪيو، ٺڳيءَ جو ٺاھ ٺاهيائون، هاڻي ته وندر جي وڻ وڻ منجھان، مون کي پنهنجي پياري پُنهل جي پريت جو واس ٿو اچي.”
لطيف گھوٽ، هن سُر ۾ هڪ جاءِ تي، سسئيءَ کي حرفي قرار ڏيندي چوي ٿو ته” اي سسئي! جڏهن پنهنجي اڱڻ تي، ڏينهن ڏٺي جو ڏاگھا آيل ڏٺئي، تڏهن انهن اُٺن جي مهار جھلي، رات جي وهامي وڃڻ تائين ويٺي رهين ها ۽ ڏاگھن کي ڏانوڻ وجھي، سنگھرون هڻي، ڪُرفن سان قابو ڪري، ڪُنجيون به ڪنهن هوشياريءَ سان لڪائين ها. پنهل جي ڪپڙي جو پاند جھلي، ويهي رات وهائين ها ته جتن جي وڃڻ مهل، تو کي ڪا سار ته ٿئي ها.” پر سسئي ويچاري چيو” ڇا جا ڏنگا ڏير ؟ منهنجو مقدر ڏنگو نه ٿئي ها، اي جيڏيون ! مون کي ته جتن جا سوين سَو سُک ڏنل هئا. اي جتا! شال اوهين سدا پيا جيئو! ڀلي پيا مون سان جاڙون ڪريو، پر مون ٻانڀڻ جو، هوت بلوچ کان سواءِ، ٻيو ڪير به ڌڻي سائين ڪونهي. هي آڏا، ترڇا، آهوڙيل ۽ ڪرڙا ڏونگر منهنجي لاءِ ته هاڻي ڪجھ به ڪو نه آهن. اِهي مون کي، پٽ، صحرا ۽ بيابان وانگر پوٺو ۽ ميدان لڳن ٿا.”
معلوم ٿئي ٿو ته سُر”ديسي” ڄڻ”جلڌارڪدارا” آهي، مگر هن راڳ جي سِٽاءُ اهڙي آهي، ڄڻ راڳ”دُرگا” ۾”ڪُومل نکاد” لڳايل آهي، يا وري”نٽ نارائڻ” آهي. هي شاھ جي رسالي جو سورهون ۽ سسئي پنهونءَ جي داستان جو ٽيون نمبر سُر آهي. جنهن ۾ 118 بيت، 9 وايون ۽ 7 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت” مُٺيسِ ! جھل مهار، ڪُٺيسِ ! ڪاھِ مَ ڪرهو” ۽ آخري وائي” هوتن بنا ني ميان! پنهونءَ بنا ني ميان! درد فراق!” آهي.

بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون

اڳي اٺ رڙن، مون ڀيري ماٺ ٿي،
پلاڻيندي پاڻ ۾، ڪُڇيو ڪين ڪُٺن،
ڪا جا مام مُٺن، هِن پُڻ هئي هُن سين.
اڳي ته(هميشه) اُٺ رڙندا رهندا هئا، پر جڏهن مون وٽ (منهنجو پياروپنهل کڻڻ) آيا ته کڻي ماٺ ڪيائون. جڏهن جتن، وڃڻ جي لئي پئي اٺ پلاڻيا، ته اُهي ڪُٺل ڪڪا اٺ ڪُڇيائي ڪو نه. ڪا راز واريءَ ڳالھ، هنن مُٺن( اُٺن ) ۽ جتن جي، شايد پاڻ ۾ رٿيل هئي!

جتن جارانو، ڪيچين مون سين ڪو نه ڪيو،
نالي سُيسِ نينهن جي، مٿمِ بارانو،
تيلاهين طعنو، ڏيئي مون ڏير ويا.
جتن يارانو، (دوستيءَ وارو ناتو) ڪيچين پاڻ اچي مون سان ڪو نه ڳنڍيو هو، آئون (پنهونءَ سان) عشق واري نالي ۾ مشهور ٿي، ان ڪري منهنجي مٿان بار ۽ ميار آهي. تنهن ڪري جُدائيءَ وارو طعنو، (جو آئون انهن جي ڪاڻياري آهيان) مون کي ڏير ڏيئي هليا ويا آهن.

جڏهن”ڪُن فيڪون”، تڏهن نيو آرياڻي ارواح،
انگ اڳهين لکيو، منهنجو ميثاقاه،
“من طلب شيئا جد وجد”، اُتو علي شاه،
اڃان ان حديث جو، آسرو مون آه،
پنهونءَ جي پيزار تان، منهنجو موت مُباح،
سرتيون ! دُعا ڪجاه، مانَ ميڙائو مون ٿئي !
جڏهن”ڪن فيڪون” سان، مخلوق جي پيدائش ٿي، تڏهن کان وٺي آرياڻي(پنهونءَ) منهنجي روح کي پاڻ ڏي مائل ڪيو. آرياڻيءَ سان منهنجو رشتواڳيئي لکيل هيو، اُنهيءَ”ميثاق” واري ڏينهن کان وٺي.”جڏهن ڪو ڪنهن شئي جي طلب رکي ٿو۽ اُن لاءِ ڪوشش ڪري ٿو، ته ان کي ڳولي لهي ٿو”، ايئن حضرت علي ڪرم الله وجه جن فرمايو آهي. اڃان ان قول جو، مون سسئيءَ کي، وڏو آسرو ۽ اميد آهي. پياري پنهونءَ جي جُتيءَ جي نشان تان(جنهن واٽ سان پنهل ويو) منهنجو مرڻ مباح، جائز ۽ روا آهي. اي سُهڻيون سرتيون ! مون کي دُعا ڪجوته” من پنهنجي پياري پنهل ڄام سان منهنجو ميڙائو ٿئي”.

اڄ په وسائي اوٺيين، مٿي مارڳ ماڪ،
پنهون نيائون پاڻ سين، تاڙيون ڀڃي تاڪ،
“هيهات! و هيهات!”، سُڃي ٿي اوطاق،
چُڪِيءَ چوري چاڪ، هاڙهي هوت هلي ويا،
اڄ به ( پياري پنهونءَ کي وٺي ويندڙ ) اوٺي، ساٿ واري رستي سان ويندي، پنهنجي مٿان ماڪ وسائيندا ويا. منهنجو پيارو پنهون(مون کان ڇِني) پاڻ سان وٺي، در، دريون ۽ طاق ٽوڙي، ڏاڍائيءَ ڪري ويا.”ڪيترو نه پري(يعني بنھ پري)” هليا ويا، منهنجي عاليشان اوطاق، (پياري پنهل بنا) سُڃي ۽ سکڻي ٿي ويئي آهي. مون ساڻي، ٿڪي ۽ چُور چُور ٿيل جا زخم چوري، (چُڻڪائي ۽ آزاري) هوت بلوچ هاڙهي جبل ڏانهن هليا ويا آهن.

ڇوري، ندوري، نه ڪو مائٽ منڌ جو،
سوين هلن ساٿ ۾، ڪمي ۽ ڪوري،
آئون پڻ آهيان اُن ۾، لنگھي ۽ لوري،
لنگھائين لطيف چئي، ٿرن جي ٿوري،
آهيان اَجوري، تنهنجي جورين جبل لنگھيان.
هت ڀنڀور شهر ۾، آئون ڇوري ندوري آهيان، مون منڌ جو ٻيو ڪو به مٽ يا مائٽ ڪونهي ڪو. (هتان آئون به ايئن هلان) جيئن سُهڻي سڄڻ جي ساٿ ۾، ٻيا به سوين ڪمي، ڪوري ۽ ڪاسبي هلن ٿا. آئون به انهن انسانن جي درميان ۾، لنگھيءَ ۽ لوريءَ مثل(خدمتگار) آهيان. سُهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته (“اي الله سائين! ) مون ٿرن جي ٿوريءَ(اگلڙيءَ، گندڙيءَ ۽ رولاڪ) کي، جبلن جا لڪ سوَلا ۽ آسان ڪري لنگھائجان”. آهيان، آئون گھڻي ڪمزور ۽ هيڻيءَ، (اي ڄام پنهون!) شال تنهنجي زورن جي آڌار( تنهنجيءَ مدد سان) جاڏا جبل لنگھي وڃان!
اهڙيءَ ريت، شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي سُر“ديسي” ۾، اُٺن، اوٺارن، ڏيرن، ڏاگھن ۽ ڏونگرن جي ڏنل ڏکن بابت، ڪيترائي انوکا ۽ ايذائيندڙ احوال پڻ اوريل آهن. سسئي چوي ٿي،”ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين؟”، لطيف سائين فرمائن ٿا،” جتي ٻن سالن جي عُمر وارا جوان اُٺ به آگھاٽجي ٿا وڃن ۽ گورا به گس ۾ نٿا هلي سگھن، چئن سالن وارا به چُور چُور ٿيو ٿا پون، پنجن سالن وارا پڻ پريشان ٿا ٿين ۽ نيشي اُٺ به نرت ساڻ نماڻا ٿيو ٿا هلن، اُتي هي سُورائتي سسئي، آڏن، ترڇن ۽ آهوڙيل جبلن۾، پنهنجي پياري پنهل جي لاءِ، جھوتون۽ سٽون ڏيندي وتي”. سسئي جي سُر”ديسي” مان اسان کي همت، ولولي ۽ جذبي جو درس ملي ٿو، جنهن مان ڪاميابي ۽ ڪامرانيءَ جا ڪيترائي سرچشما ڦُٽي نڪرن ٿا.