31. سُر“ڌناسري” جو فلسفو
“ڌناسري” ٻن ڌار ڌار ٻولين جي لفظن جو مرڪب آهي.”ڌن” سنسڪرت ٻوليءَ مان ۽”آس” يا”آسري” پراڪرتي ٻوليءَ مان نڪتل آهي.”ڌن” جي لغوي معنيٰ آهي”ڌڻ” يا”مال ملڪيت”.”ڌن” جي ٻي معنيٰ آهي”بخت”،”ڀاڳ” يا”نصيب” ۽”آس” يا”آسري” جي لغوي معنيٰ آهي”آسرو”،”اُميد”،”آرزو”،”اِڇا”،”خواهش”،”تمنا”،”اَجھو” يا”پناھ” ۽”وسيلو” وغيره. ٻنهيءَ لفظن کي ملائي، هڪڙو لفظ ٺاهبو ته اُن جي معنيٰ ٿيندي،”نصيب جي آرزو”،”ڀاڳ جي اُميد” يا”بخت جو وسيلو” وغيره.
هن سُر ۾، حضرت مٺڙي محمد مصطفيٰ(صلي الله عليه وَآله وسلم)، اولياءَالله ۽ مرشد کي، بندي جي طرفان، پنهنجي مقدر يا بخت بلند ٿيڻ، تڪليفون دور ڪرڻ ۽ اڳوتر سنوارڻ جي لاءِ، التجائون، عاجزيون ۽ سڏ ڪيل آهن. مديني جي مير(صلي الله عليه و آله وسلم) کان وٺي، حضرت پيران پير دستگير سيدنا عبدالقادر جيلاني رحه ۽ حضرت غوث بهاوَالحق ذڪريا ملتاني رحه تائين، خدا جي پيارن کي پُڪاريو ويو آهي.
مديني جا مير! سُڻ منهنجا سڏڙا،
اوکي ويل امير! عاصي تنهنجي آسري.
پير! منهنجا پاتشاھ! وسيلا وريام!
اگھيا تنهنجا الله در، ڪامل! سڀ ڪلام،
ڏنِي توکي ڏيھ ڌڻي، ضعيفن زمان،
آهين آل رسول جو، حسني!تُون هُمام،
مدد ڪر مريد جي، الله لڳ علام!
آئون سيد! پيس تو سام!مرشد!رس محمود کي.
مل ملتاني پير کي، نوئي! نائي ڪنڌ،
اکڙين عنات چئي، آھ اوڏاهين پنڌ،
جيئن تارن ۾ چنڊ، تيئن شيخان سُونهن بهاوَدين.
“ڌناسري راڳني” سنڌ ۽ ملتان جي راڳني آهي. جيڪا پوءِ، هندوستاني راڳ ۾رائج ٿي. هي راڳني اڃان تائين سنڌ ۾ رائج آهي، جنهن کي، خصوصا پير ملتان شريف(غوث پاڪ) جا مريد، بنا سازن جي ڳائن ٿا. هي شاھ جي رسالي جو ايڪٽيهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 118 بيت، 15 وايون ۽ 5 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت” تون پيرن جو پاتشاھ، تون پيرن جو ڀرم” ۽ آخري وائي” هر جا آهي هادي، پير پنهنجو پاڻ سان” آهي.
بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
مديني جا ڄام! سُڻ منهنجا سڏڙا،
ننڍا وڏا اُمتي، اوباهين اڀام،
جي سرن تنهنجي سام، سي پار لنگھايين پهيئڙا.
اي مديني منوره جا ڄام ۽ والي!(صلي الله عليه و آله وسلم) مون مسڪين، اَٻوجھ ۽ اڙيال جا سڏڙا سُڻ. جيڪي به ننڍا توڙي وڏا، اوهان جا اُمتي ۽ مومن مسلمان آهن، اُهي سڀيئي اوهان جي در وٽان، بخشش ۽ مغفرت پائين ٿا. جيڪي پنهنجو بچاءُ، اوهان جي پناھ ۽ امانت ۾ سمجھن ٿا، اُهي مسڪين مُسافرڙا، مشڪلاتن ۽ مصيبتن جي اُونهي اوڙاھ ۽ قهري ڪُن مان ٻاهر ڪڍي، اُنهن جا ٻيڙا پار ڪري ڇڏ!
پِير منهنجو پاتشاھ، نُوري نيڪ خصال،
ڪمي ناهي قطرو، تنهن ڪامل جي ڪمال،
دُشمن تنهن دوست جا، وئا منجھ وبال،
هڻِي مُڪ مُنڪر کي، ڪري جان زوال،
خواص تنهن خاص جا، ڪوڙين ڪهن قوال،
جيڪي سنڀارين جتهين، لهي تن سنڀال،
ور ڪندو وڏل شاھ تي، اپارين افضال،
جواهرن جوت نِي، جانب جي جمال،
پياري پُر ڪري، پرت جا پيال،
صحبت تنهن سيد جي، ڪڍي خام خيال،
ڏٺي لطيف لال، ٿئي راحت روح کي.
(هي بيت حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جن جي ساراھ ۽ صفت ۾ چيل آهي، جنهن جو شاعرسيد وڏل شاھ نالي، سندس هڪ عقيدت مند آهي. )
منهنجو جيڪو مرشد آهي، سو بادشاهن وانگر سخي، مريدن تي نوراني نظر ڪندڙ ۽ نيڪ خصلتن جو ڌڻي آهي. اُن ڪامل پِير جي ڪمال ۾، ڪمي يا گھٽتائيءَ وارو عنصر هڪ قطري (ذري) جي برابر به ڪونهي. منهنجي محبوب مرشد جا جيڪي به دشمن توڙي مٺگھرا آهن، اُهي هميشه هميشه جي لاءِ، وڏي وبال ۽ جوکي ۾ جلي، هيٺ هليا ويندا آهن. جيڪو منهنجي مرشد جو منڪر ٿيندو، ته هو ان کي، مُڪ هڻي، سندس جان جوکي ۾ وجھي ٿو سگھي. منهنجو مرشد، جيڪو خاص آهي، ان جي خاصئون خاص شانِ اقدس ۾، ڪروڙين ڪروڙ مريد ۽ عقيدت مند، ساراھ جا گيت ڳائين ٿا. هي منهنجي مرشد جي ڪرامت آهي ته، جيڪي سندس مريد توڙي عقيدت مند، جتي به کيس مشڪلات ۾ سارين ٿا، ته هو انهن جي اُتي جو اُتي، غائبانا مدد ڪرڻ فرمائي ٿو. هي جيڪو”وڏل شاھ” سندس مريد آهي، ته ان تي پنهنجي ڪرم ۽ فضل جي، گھڻي کان گھڻي واهر ڪندو رهندو. جيڪي هيرا لال جواهر آهن، انهن به چمڪ ۽ روشنيءَ، منهنجي مرشد جي پُرنُورجمال کان ورتي آهي. هو پريت جي پيالن مان، اُلفت جي اُڃايلن کي، محبت جو مڌ پياري پياري، کين پُر ڪري ٿو ڇڏي. اُن سهڻي سيد جي صحبت، ڀٽڪيل ماڻهن جي من مان، جيڪي به اجايا ۽ خام خيال سمايل هوندا آهن، سي سڀ ڪڍي، صفا صاف ڪري ٿو ڇڏي. منهنجي مرشد، لالئون لال لطيف جي زيارت ڪرڻ سان ئي، روح کي راحت ۽ فرحت اچي وڃي ٿي.
وسيلو نه وس، ڀُنگيءَ ڀر نه ساريان،
پتڻ ڏيندو پاتڻي، اَهُکيءَ ۾ اَوَس!
حال همارو پس، سندا روضن راڄيا!
آئون ايترو ته ڪمزور هيڻو ۽ ويچارو آهيان، جو منهنجو ٻيو ڪو به حيلو وسيلو ۽ ڀرجھلو ڪونهي. منهنجي جيڪا ڪکائين جھوپڙيءَ آهي، اُن کي ڪا به ٽيڪ، ٿُوڻيءَ يا تُڪو آيل ئي ڪونهي. مون کي اُميد آهي ته، جڏهن به مون تي اوکيءَ وير ايندي، ته پيارو پاتڻي، پاڻهي ئي پتڻ ڏيئي، هر حالت ۾ اچي اونهي اوڙاھ مان اڪاريندو. اي روضن جا ڌڻي!(منهنجا مرشد!) تون راڄن جو ڀرجھلو ۽ وسيلو آهين، منهنجو حال هيڻو به اچي پس!(مون بي وسيلي جي واهر اچي ڪر!).
شاھ جي رسالي ۾ شامل سُر“ڌناسري” کي، محقق رسالي جو ڪلام سمجھن ٿا. جنهن ۾ ٻين مختلف شاعرن جو ڪلام شامل آهي. هن سُر ۾، جن شاعرن جو ڪلام شامل آهي، انهن ۾ ميون شاھ عنات، سيد عبداللطيف قادري، احسان فقير لانگاھ، راوَل، صمد، وڏل ۽ فقيرياڻي مائي گنگا وساڻ جا چيل بيت به شامل آهن. جن کي پڙهڻ سان، اسان کي دلي سُڪون ملي ٿو ۽ عقيدت ۾ پڻ اضافو ٿئي ٿو.