لطيفيات

شاھ لطيف جا ڇٽيھ سُر

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ محقق استاد لغاري جو لکيل آھي جنھن ۾ ھن شاھ لطيف جي شاعريءَ جي 36 سُرن جو تعارف ۽ فلسفو بيان ڪيو آھي. استاد لغاري لکي ٿو:
”هن ڪتاب لکڻ جو مقصد، حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڇٽيهن سُرن بابت، مفصل معلومات ڏيڻ آهي، ته ڪهڙي سُر جو نالو، ڪهڙي ٻوليءَ مان نڪتل آهي؟ ۽ ان لفظ جي لغوي معنيٰ ڇا آهي؟ ڪهڙي سُر ۾ ڪيترا بيت؟ ڪيتريون وايون؟ ۽ ڪيترا داستان شامل آهن؟ ۽ اهي سُر ڪهڙي راڳڻي ۾؟ ۽ ڪهڙي وقت (ٽائيم) تي ڳايا وڃن ٿا؟ وغيره. هي ڪتاب لسنرز دوستن لاءِ به هڪ ڄاڻ خزانو آهي. هر هڪ سُر جي تعارف کان پوءِ، چند بيت، انهن جون سمجھاڻيون ۽ فلسفا به بيان ڪيا ويا آهن، ته جيئن شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڇٽيهن ئي سُرن بابت، هر رخ کان روشني پئجي وڃي.“
Title Cover of book شاھ لطيف جا ڇٽيھ سُر

15. سُر“معذور” جو فلسفو

15. سُر“معذور” جو فلسفو

“معذور” عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي“ مجبور”،”لاچار”،”بيوس”،”بي پهچ”،”هيڻي”،”نماڻي” ۽”نڌر” وغيره. هي شاھ جي رسالي جو حقيقت تي آڌاريل معنوي سُر آهي، جنهن ۾ سسئي پنهونءَ جي لوڪ داستان جا عاجزي ۽ انڪساريءَ وارا اشارا ۽ اُهڃاڻ سمايل آهن. شاھ صاحب سسئي کي صلاح ڏيندي چوي ٿو، ته”اي ڏُکي! ڏِک وسار، سيج ڦٽي ڪر سسئي! پهڻ تني پٽ ٿئي، جي لالڻ لاءِ لُوٺيون”. اي سسئي! تون پنهنجي پاڻ کي، جسماني موت اچڻ کان اڳ ۾، رُوحاني طرح ماري”فنا” ڪري ڇڏ.”اجلان اڳي سسئي! منڌ! جيريائي مر. مرُ ته مڙين سسئي! جيئڻ آڏو جت”.
جيڪيون ڦوڙائيون، مارڳ ۾ ويندي مري وڃن ٿيون، سُڀاڻي جي بجاءِ، اُهي هينئر ئي هلن ٿيون. هٿن، پيرن، گوڏن، ٺونٺن ۽ ساھ پساھ سان اڳتي سرن ٿيون.”لا”۽”ڪين” کي قبولين ٿيون، ته اوهي ئي پنهجيءَ منزل ماڻين ٿيون.
مارڳ جي مرن، وڏا طالع تن جا.
تتي ٿڌي ڪاھ، ڪانهي ويل ويهڻ جي.
هٿين، پيرين، مونڙيين، سِرج ساھ پساھ.
“لا” سان اُٿي لڏ،”ڪين” رساڻي ڪيچ کي.
اوڏو آ”اَڻ هوند” کي، هُونديان هوت پري.
هاري! ڪر همت، ته ڏيئي دم دوست لهين.
مُنڌ! مرڻان پوءِ، پهچندينءَ پنهونءَ کي.
جان ڪين هُئين جئرِي، منڌ!ڀنڀوران ڀڄ!

“معذور” سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي ڀاڱي جو راڳ آهي، جنهن جي ڳائڻ سان معلوم ٿيندو ته هي راڳ ڄڻ”ديوَگنڌار” سان ملندڙ جلندڙ آهي. هي شاھ جي رسالي جو پندرهون ۽ سسئي پنهون جي داستان جو ٻيو نمبر سُر آهي. جنهن ۾ 115 بيت، 8 وايون ۽ 7 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت” هلندي هوت پنهونءَ ڏي، کُهجنِ ڪي کوٽيون” ۽ آخري وائي” هِي گھايل هڏ گھوري! ڪيچي مون نه سڱيڻا” آهي،

بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون

ڏُکي سنديون ڏُونگرين، پسو ! پِٽُون پُونِ،
ڏاري جو ڏونگر کي، سو ڪين چيو چون،
آريءَ جي افسوس ۾، ماڙُهو مِرو رون،
ان پر سيئي هون، هينئڙا جن هڄي ويا.
ڏسو ته سهي! (ماڻهو) ڏونگرن کي ڏکيءَ جي پاران، پيا پِٽين ۽ بد دعائون ڏين، ڪو اهڙو آھ وارو اکر ٿا ڪڍن، جو ڄڻ ته ڏونگر هاڻ ڏري پوندو ! آريءَ ڄام جي وڇوڙي واري ڏک ۽ افسوس ۾، ماڙهو توڙي مرو، سڀيئي (جھنگل جا جانور) روئندا وتن، اهو انداز، نمونو، توڙي طور طريقو انهن جو هوندو آهي، جن جا هينئڙا، درد ۾ دُکي ۽ ڳري ويندا آهن.

فردا منڌ ڦٽي ڪِي، نقد کنيو نار،
هُوءءَ جا واڳ ولهيءَ جي، ويرم ڏي مَ وار،
جيڪِين مُئيءَ مار، جيڪِين ميڙ مُٺيءَ کي.
سُورن هاڻي سسئي، سُڀاڻي ملڻ وارو اُڌارو واعدو ڦٽو ڪيو، اڄ جو اڄ، (هينئر جو هينئر) ملڻ وارو نقد سَودو قبول ڪيو، (تقدير کي چيائين)” هن ڏُکيءَ ۽ ڏُليل جي، جيڪا وقت واري واڳ آهي، اُها هڪ لحظي لاءِ به نه ترساءِ. يا ته هن مُٺيءَ(سسئيءَ) کي ماري فنا ڪر، يا ته مُٺيءَ کي هلي سُهڻي سڄڻ سان ملاءِ.”

ڪنڊا مون پيرن ۾، مرُ جان لک لڳن،
آڱر آڱوٺي نه مڙي، ڇپون پير ڇنن،
ويندي ڏانهن پرين، جُتي جاتِ نه پائيان.
منهنجن پيرن ۾، (رستن جا ٻاٻري) ڪنڊا بيشڪ! لکين لک پيا لڳن، آڱر آڱوٺي سان نه گڏجي، پهاڙن جون ڇپون پيرن کي ڇلي، ڀلي چيريو پيون وڃن. (پوءِ به) پنهنجي محبوب پِريَنِ ڏانهن ويندي، ڪنهن به قسم جي جُتي، آئون قطعي ڪو نه پائيندي!

ٿڌيءَ، ٿڪي نه وِهي، تتيءَ ڪري تاڻ،
وِڌي آ وڻڪار ۾، سسئي پاڻ سُڪاڻ،
پُڇي پھ پکين کي، پيئي مُنڌ پرياڻ،
ڏِنس ڏيھ وڻن جا، تن الله لڳ اُهڃاڻ،
مان! پرچي پاڻ، اچي آرياڻي وري،
(هي سُورن هاڻي سسئي) سرديءَ ۾ ٿڪجي ويهي نه ٿي رهي، گرميءَ ۾ به پئي اڳتي تاڻو تاڻ ڪري. سسئي پنهنجي سُڪاڻ (چڱيءَ پر) وڻڪار جي وڻن ۾ وڌي ۽ انهن کي به سُهڻيءَ ريت ۽ پريت وارو ڪيائين، منڌ (سسئي) ڪنهن وڏي ويچار ۾ پئجي، پکين کان صلاح ۽ ارادو پئي پُڇندي وتي. سسئي کي، ڏيھ جي وڻن به، خدا ڪارڻ اُهڃاڻ، ڏس ۽ پياري پنهل جا پار پتا ڏنا. شال! سندس پيارو پنهل پاڻ پرچي، آرياڻي وري واپس اورتي (ماڳ تي) موٽي اچي،

آئون نه گڏي پرينءَ کي، جوڀن وئڙم جاڙ،
آڏو آرياڻيءَ کي، چاڙهيڪا ۽ چاڙ،
مون مُٺيءَ کان نه ٿئي، وڏپڻ منجھ ولاڙ،
عُمر سڀ اَواڙ، وييمِ ٿِي واڪا ڪريان.
آئون نه گڏي پنهنجي محبوب پرينءَ سان، (هئي! هئي!) جوڀن ته مون سان جاڙ ڪري ويو. آرياڻي پنهونءَ تائين پهچڻ کان اڳ ۾، سامهان جبلن جا وڏا چُهنبدار چاڙهيڪا ۽ چاڙھ موجود آهن. مون مُٺيءَ کان، هاڻِ هن پيريءَ ۾، پياري پنهل جي پيرن لاءِ، ولاڙ ۽ اوهاڙ نه ٿي ڏني ٿئي. منهنجيءَ عُمر سڀ اجائي مقصدن ۾ گُذري ويئي، هاڻِ آئون صرف واڪا ۽ سڏ ڪندي ٿي وتان.

وِلاڙيو وڻين چڙهي، ڳجھن ٿيندي ڳاھ،
سسئي سُوريءَ چاڙهيو، پنهونءَ لئي پساھ،
هُوءِ مِرو، هِيءُ ماھ، ڪين ڪميڻيءَ رکيو.
(پنهل جي پيرن کي) اوهاڙون ڏيو، وري وڏن وڻن تي چڙهِي، آڏو ڏسي ٿِي، شايد سسئي اڄ ڳجھن جو قوت ٿيندي! سُورن هاڻي سسئي، سُوريءَ جي اُڀن نيزن تي، پياري پنهونءَ لئي، پنهنجو پساھ چاڙهي ڇڏيو آهي. هُوءَ (سسئي) هڪ هڪ مرون کي، جسم جي ماس جو هڪ هڪ ٽُڪرو وڍيندي ڏيندي پئي وڃي، سُڃيءَ ۽ ستايل پنهنجي لاءِ (هڏڙن کان سواءِ) ڪجھ به ڪو نه رکيو آهي.

رُڃن ۾ رڙ ٿي، ڪر ڪويل جي ڪُوڪ،
وَلوَلو ۽ وُوڪ، ايءَ تان آھ عشق جي،
رُڃن، سُڃن ۽ بيابانن ۾، سسئيءَ جي دانهن ايئن ٿي آهي، جو ڄڻ ڪا ڪويل جي ڪوڪ هجي. سسئيءَ جو اهو ولولو ۽ ووڪ، (جوش ۽ جذبو) حقيقت ۾ ته عشق جي آھ آهي.
شاھ جي رسالي جو سُر“معذور”، سڪايل سسئيءَ جون عاجزيون، انڪساريون ۽ اَڀرايون کڻي، جاڏا جبل جھاڳي ٿو، پٻ وڻن ۾ وڙال وجھي ٿو۽ سسئيءَ کي”ڪِينَ” سان ڪيچ رسائڻ جي صلاح ڏي ٿو.”لا” سان لَڏڻ جي نصيحت ۽ هدايت نه رڳو سسئيءَ جي لاءِ آهي، پر هن سُر ۾ سمايل اِها نصيحت اسان سڀني جي لاءِ آهي. جنهن کي پنهنجو اُصول ۽ ضابطو بنائي، اسين به پنهنجي منزل ماڻي، ڪاميابي ۽ ڪامراني حاصل ڪري سگھون ٿا.