23. سُر” رِپ” جو فلسفو
“رپ” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي،” آفت”،”مصيبت”،” ڇِپ” ۽”سخت ڳرو” وغيره. هي شاھ جي رسالي جو، حقيقت ۽ مجاز جي ميلاپ ۽ سنگم وارو سُر آهي، جنهن ۾ شاھ صاحب جي طرفان، مٺڙي محبوب جِي سچي سڪ، اندر جا اُڌما ۽ آزيون ۽ نيزاريون بيان ڪيون ويون آهن. شاھ صاحب فرمائي ٿو، ته” منهنجو جندڙو، غم ۽ گوندر ۾ غرق ٿي ويو آهي، اي منهنجي مٺڙي امڙ! مون کي مٺڙن محبوبن جي ڦوڙائي ۽ فراق مورڳو ماري وڌو آهي”!
جڏهن کان وٺي، منهنجي دل، مٺڙي محبوب سان لڳي ويئي آهي، تڏهن کان وٺي، هو مون کي، هڪ تِر جيترو به ناهي وسريو. سُهڻو سڄڻ منهنجي روح جي اندر اوطاقون ڪري، ڳل سان وهاڻي جي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيو آهي. محبوبن جي محبت جو مچ، منهنجي اندر ئي اندر ۾ پيو ٿو ٻري. اهو عشق ۽ محبت جو آڙاھ اجھامي ڀلا ڪٿان؟ جنهن جو سوريندڙ سُهڻو سُپرين پاڻ هجي !
هن سُر جي ٻئي داستان ۾، سڪ ۾ سڪندڙ ۽ سڙندڙ عاشق کي تاڪيد ڪئي ويئي آهي ته”تون پنهنجي محبوب جي محبت کي ظاهر نه ڪر، اُن کي لڪاءِ ۽ ڳُجھو رک. اُن کي ايئن ڍڪ، جيئن ڪنڀار آويءَ ۾ ٿانون کي ڍڪي، پوءِ باھ ڏيئي ڇڏيندا آهن، ته ٿانوَ پچي، ڳاڙها لال ٿي نڪرندا آهن”.
نهائينءَ کان نينهن، سک منهنجا سُپرين !
سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري،
هن سُر جي ٽئين ۽ آخري داستان ۾، پرديس ۾ ويل پنهنجي پياري ور لاءِ، ويچاري ونِي، اَرداسون ۽ اوسيئڙا ٿي ڪري ۽ پانڌيءَ کي پيغام ٿي ڏي ته تون وڃي منهنجي ور کي هينئن چئجانءِ؛
اَوڇڻ گھُرجي آجڪو، جھُوپو سهي نه سيءُ،
سُڻائيج سُوڙ کي، حال منهنجو هيءُ،
“ اَڱڻ آيو ٿيءُ، ته ڍولا! ڪنهن ڍنگ ٿيان”.
“رِپ” سُر يا”رِپ راڳ” کي،”رِپ” ڇو سڏيو ويو؟ اُن بابت ڪا به مُستند معلومات مُيسر ناهي. شاھ جي راڳ تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته”رِپ راڳ” ڄڻ”ڪلياڻ” سان لاڳو آهي. هي شاھ جي رسالي جو ٽيويهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 88 بيت، 3 وايون ۽ 3 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت” گُوندرڪِيو غرق، ماءُ! منهنجو جندڙو” ۽ آخري وائي” نيئي پريان کي ڏيج، تان ڪو نينهن نياپو” آهي.
بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
گوندر هٿ نه پير، ورھ منجھ هين وِهڻو،
ڪُڙھ ۾ قطارون ڪري، سورن لايا سير،
مون جيئن گھاري ڪير؟ هيڪلي رِءَ سڄڻين.
غم ۽ گُوندر کي، نڪو هٿ ۽ نڪو پير هوندا آهن، برھ اندر ئي اندر گھر ڪري ويهي رهندو آهي. درد ۽ سُور جسم و جان ۾ قطارون ڪري، رستا ٺاهي، اچ وڃ ڪندا رهندا آهن. (اي منهنجيون سُورائتيون سهيليون!) مون وانگر ڪير گھاري ته ڏيکاري، سهڻن سڄڻن کان سواءِ هيکلي.
جڏهان ڪر ٿيام، ساڃاھ سُپيرين سين،
تڏهانڪون تل جيترو، ويل نه وسريام،
اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري.
جنهن وقت کان وٺي، مٺڙن محبوبن سان، منهنجي ادب واريءَ ڄاڻ سڃاڻ ۽ روح رهاڻ ٿي آهي. تنهن وقت کان وٺي، هڪ تر جيترو به، مون کي ڪنهن ويل نه وسريا آهن. سهڻا سڄڻ، من اندر ۾ اوطاقون ۽ اوتارا ڪري، منهنجي روح ۾ رهي پيا آهن.
سئو سکن ساٽي ڏيئي، ورھ وهايم هيڪڙو،
مون کي تنهن نيئي، پير ڏيکاريو پرينءَ جو.
سوين سئو سک سَودي ۾ ڏيئي، مون فقط هڪڙو وڇوڙي وارو درد وٺي ڇڏيو. تنهن درد مون کي نيئي، نيٺ وڃي پياري پرينءَ جي پرچڻ وارو پيچرو(گس) ڏيکاريو.
ڪٽيو هوم ڪٽ، هنئڙو ٻاجھان هوت جي،
ڪڙو هڻي قلب کي، لاٿا لالڻ لٽ،
سيڻن جيءَ سهٽ، ڪِي صفائي ساھ کي.
هيءُ منهنجو هينئڙو، سهڻي سڄڻ جي ڏسڻ کان سواءِ، ڪٽ ۾ ڪٽجي ڪارو ٿي ويو هو. منهنجي مٺڙي محبوب، ان کي سوگھو ۽ مضبوط جھلي، قلب مٿان جيڪي ڪٽ ۽ لٽ چڙهيل هئا، سي لاهي ڇڏيا. سهڻن سڄڻن جي مهٽ سهٽ(مانجھ سروچ)، منهنجي ساھ جي صفا صفائي ڪري ڇڏي آهي.
سُتي سنڀريوم، ڪو ڳڻ ٻاروچن جو،
ڪنڌ وهاڻو ڀنو، هريو هٿ ٿيوم،
سڄڻ ياد پيوم، جاڙ جيان ٿي جيڏيون!
مون کي جيئن ئي سُتي سُتي، ڪو وڏو وڙ ۽ احسان، منهنجي محبوب پرينءَ جو ياد آيو. ته منهنجيءَ ڪنڌ وارو وهاڻو آلو ٿيو ۽ هٿ، اکڙين جي لڙڪن سببان، هري هري پُسي ويو. اي جيڏيون ڙي! مون کي سهڻو سڄڻ، اڄ ڏاڍو ياد آيو آهي، هاڻِ ته حياتيءَ ڏاڍي ڏکي پئي ٿي گذري.
نينهن نهائينءَ جيئن، ڍڪيو ڪوھ نه ڍڪيين؟
جو ڄر ڄيري ڇڏي، ته رڇ پچندا ڪيئن؟
تون پڻ ڪريج تيئن، جئن ڪنڀار ڪرين ڪم سين.
(اي البيلا عاشق!) پنهنجي نينهن ۽ عشق کي، ڪنڀارن جي ٿانون پچائڻ واري ڍڪيل آويءَ وانگر، وري وري ڍڪڻ جي ڪوشش ڇو نه ڪرين؟ جي ٻرندڙ باھ پنهنجيءَ ڀڙڪ (تپش) ڇڏي ڏني، ته ڪچا ٿانوَ ڪيئن پچي راس ٿيندا؟ تون به پنهنجيءَ پريت سان ايئن ڪر، جيئن ڪنڀار پنهنجي ڪم ڪار ۽ ڌنڌي سان ڪن ٿا.
سُور جني کي سهڄ جو، تن کي پُڻي نه پارو،
ٻارڻ ٻارين نه باھ جو، سڄو سيارو،
آرهڙ اونهارو، اُو لُک لَکايا ڪينڪين.
جن سِڪايلن کي، مٺڙي محبوب سان، سگھوئي ملڻ جي خوشيءَ وارو درد هوندو آهي، تن کي سخت سيءُ به ڪجھ ڪو نه ٿو ڪري سگھي. اُهي سڄي سخت سياري ۾، پاڻ کي سيڪڻ لاءِ، باھ جو مچ ٻارين ئي ڪو نه. (وري) آرهڙ هجي توري اونهارو، اُهي لُکن ۽ سخت گرميءَ جي جھولن ۾، ڪنهن کي لَکا ئي ڪو نه ڏين.
ڪانڌ! تنهنجي پاند ري، سيءُ مران سڀ رات،
ڪوڙين ڪپاهن ۾، جپ نه اچي جات،
اچين جي پرڀات، ته وِلھ نه ساريان وَلها!
اي منهنجا مٺڙا ور! تنهنجي پيار جي پلئو پائڻ کا سواءِ، ساريءَ رات ٿي سيءُ ۾ ڏڪان ۽ ڪنبان. ڪروڙين ڪروڙ ڪپاھ پيل سوڙين ۾، تو کان سواءِ، مون کي ذرو ئي ننڊ نه ٿي اچي. اي منهنجا گھوٽ! جي تون صبح جو سوير، ڀنڀرڪي مهل(وِلھ واري وقت) موٽي اچين، ته مون کي سخت سيءُ ۽ پارو ياد ئي نه پوي.
هي شاھ جي رسالي جو، مجازي محبت سان مالا مال ۽ ماکيءَ جهڙو مٺڙو سُر آهي. البت ڪٿي ڪٿي حقيقت جا جلوا پڻ جرڪندي نظر اچن ٿا.”اندر اندريون، جيئن ني وانجھي لٺ ۾، مون تڻ تيتريون، ته”ڪيئن ملبو سڄڻين؟”. وري ٻيو بيت آهي” جيئن سي کُوهيءَ نار، وهن واريءَ گاڏئان، هينئڙو پريان ڌار، نبيريانس نه نبري”. شاھ جي ڪلام ۾، سُر“بروو” ۽ سُر“رِپُ” بظاهر مجازيءَ محبت ۾، ڄڻ ماکي ۽ مصري جا، ٽُٻ ٽُوڻ ڪٽورا آهن، جنهن جي مطالعي سان، انساني اُڌما اُڀريو اچن ٿا. شاھ جي ڪلام کي، هر رخ کان پڙهڻ ۽ پروڙڻ جي ضرورت آهي، جنهن مان اسان کي، انسانيت ۽ محبت جا اَڻ ميا مذڪور معلوم ٿين ٿا.