لطيفيات

شاھ لطيف جا ڇٽيھ سُر

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ محقق استاد لغاري جو لکيل آھي جنھن ۾ ھن شاھ لطيف جي شاعريءَ جي 36 سُرن جو تعارف ۽ فلسفو بيان ڪيو آھي. استاد لغاري لکي ٿو:
”هن ڪتاب لکڻ جو مقصد، حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڇٽيهن سُرن بابت، مفصل معلومات ڏيڻ آهي، ته ڪهڙي سُر جو نالو، ڪهڙي ٻوليءَ مان نڪتل آهي؟ ۽ ان لفظ جي لغوي معنيٰ ڇا آهي؟ ڪهڙي سُر ۾ ڪيترا بيت؟ ڪيتريون وايون؟ ۽ ڪيترا داستان شامل آهن؟ ۽ اهي سُر ڪهڙي راڳڻي ۾؟ ۽ ڪهڙي وقت (ٽائيم) تي ڳايا وڃن ٿا؟ وغيره. هي ڪتاب لسنرز دوستن لاءِ به هڪ ڄاڻ خزانو آهي. هر هڪ سُر جي تعارف کان پوءِ، چند بيت، انهن جون سمجھاڻيون ۽ فلسفا به بيان ڪيا ويا آهن، ته جيئن شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڇٽيهن ئي سُرن بابت، هر رخ کان روشني پئجي وڃي.“
Title Cover of book شاھ لطيف جا ڇٽيھ سُر

29. سُر“سارنگ” جو فلسفو

29. سُر“سارنگ” جو فلسفو

“سارنگ” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي”رنگارنگي”،” پٽاپٽي”،”جھُڙ”،”ميگھ”،”ملهار”،”جھڙالي موسم”،”ڇمر”،”اَبر”،”ڪڪر”،”بادل” يا”جھُڙ وارو ڏينهن” وغيره.
هي شاھ جي رسالي جو، سانوڻ جي مندائتي مينهن واري ماحول تي آڌاريل حقيقي ۽ مجازي محبت سان ٽمٽار ٿيل سُر آهي، جنهن ۾ سارنگ جو سهج منجھان، اُتران اُور ڪري اچڻ، جيئن لال چُنري تي چٽ هجن، تيئن اُٻن جو انگجڻ، ڳچيءَ ۾ ٻانهن ڳيراٽي ڏيئي، ور جو پنهنجي ونيءَ کي موهڻ، سُرهي سيج، پاسي ۾ پرين، مٿان مسلسل مينهن وسڻ، محبوب جي لبن جي لالي ڏسي، مينهن وساڙن جو مات ٿيڻ ۽ دوست مٺي دلدار جو، عالم سڀ آباد ڪرڻ جهڙن عنوانن جو احاطو ڪيو ويو آهي.
ڪڪر منجھ ڪپار، جھڙ نيڻئون نه لهي،
جهڙا منهنجا سپرين، تهڙا ميگھ ملهار،
کڻ اکيون، کل يار! وڃن سور سنڌا ڪيو.
لطيف سرڪار هن سُر ۾، الله پاڪ جي طرفان، رحمت جي ريلي اچڻ کان پوءِ، پلر جي پالوٽن، وڏ ڦڙي جي وسڪارن ۽ سارنگ جي سينگارن سببان، سُورن جو سنڌا ڪري هليو وڃڻ کي، انتهائيءَ سهڻي ۽ سُريلي انداز سان سموهيو آهي.
معلوم ٿئي ٿو ته شاھ جو سُر”سارنگ” ڄڻ هندوستاني راڳ”ميگھ” ۽”دوت” سان مشابھ آهي. شاھ جي راڳ”سارنگ” ۽”بندرا بني سارنگ” ۾ فرق اهو آهي ته”بندرا بني سارنگ” ۾ ٻيئي نکاد (ڪومل ۽ تيور) لڳن ٿا، پر شاھ جي راڳ”سارنگ” ۾هڪ نکاد لڳي ٿو. هي شاھ جي رسالي جو اوڻٽيهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 75 بيت، 4 وايون ۽ 4 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت” لڳھ پس لطيف چئي، آگم ڪيا الله” ۽ آخري وائي” آئي مند ملار، آئون کُهنبا ڪنديس ڪپڙا” آهي.

بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون

لڳھ پس لطيف چئي، آگميو آهي،
وُٺو مينهن وڏ ڦڙو، ڪڍو ڌڻ ڪاهي،
ڇن ڇڏي، پٽ پئو، ثمر سنباهي،
وِهو مَ لاهي، آسرو الله مان.
سهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته” آسمان جي طرف چڙهندڙ ڪڪر ته ڏس! ماحول گھُٽ ۽ ٻُوسٽ وارو ٿي ويو آهي. اِجھو وڏڦڙين وارو مينهن وسڻ شروع ٿيو، پنهنجي مال جا ڌڻ واڙن مان ڪڍو، جتي وٺو آهي، اُتي ڪاهي هلو. هيٺاهينءَ زمين ڇڏي، مٿي دڙن تي چڙهي هلو ۽ سامان سيڌو سڀ سنڀالي کڻو. الله پاڪ جي ذات مان، اَبرِ ڪرم (رحمت) جو آسرو لاهي ويهي نه رهو.

مِينڍو مينهن پُسائيو، سُري ٿو سيلو،
پَکي پيهي آئيو، رحمت جو ريلو،
ساجن سويلو، ڀيڄ ڀنيءَ گھر آئيو.
مٿي جي وارن جو، ڪنارن وارو ڳُنڌيل حصو، مينهن جي پاڻيءَ پسائي ڇڏيو آهي، وڏو ويڪرو ڪارو ڪڪر، مٿي سُرندو (چڙهندو) ٿو اچي. الله پاڪ جي رحمت جو وڏو ريلو، ڪکائين جھُريل جھُوپڙي جي اندر هليو آيو آهي. منهنجو محبوب پرينءَ، (منهنجو سهڻو ساجن سُپرين) وسڪاري واري پُسيل وقت ۾، ترت پنهنجي گھر اچي پهتو آهي.

مند ٿي، منڊل وڄيا، ڳوري پِيّه ساري،
وڏ ڦڙو واڪا ڪري، وٺو اونهاري،
گھنگھر گھرئون ڪڍيو، مينهڙن ماري،
ڪڪر اڄ ڪاري، وارو ڏنو وڄڙيين.
سانوڻ جي موسم شروع ٿي، ڪڪرن ڪڙڪا ڪيا، ڳوري ونيءَ، پرديس ويل پنهنجي پياري ڀتار(ور) کي ياد ڪري ٿي. اُونهاري جي گرم موسم ۾، وڏڦڙو مينهن، گجگوڙن سان وڏا وسڪارا ڪري وٺو آهي. مينهن جي مٺڙي وسڪاري، جنجل، ڏک ۽ ڏولائي کي، گھرن مان ماري، ڀڄائي ۽ تڙي ڪڍيو آهي. (اُتران مٿي چڙهي آيل) ڪاري ڪڪر، اڄ کنوڻين کي، خوب وسڻ جو وارو ڏنو آهي.

گنير گت سکن، چلڻ جي چاھ پئي،
هنڊوا حيرت ۾ پيا، لالي ڪِي لبن،
چمڪن چوڏس چنڊ جيئن، وِڄڙيون وهسن،
لوچن ٿيون لطيف چئي، پسڻ لئي پِرينِ،
ڪيسر قريبن، سنباهي ساڻ ڪيا.
هاٿِي هلڻ جو چاھ ۽ شوق من ۾ رکي، هري هري سهڻي چال چلن ٿا. مٺڙي محبوب جي لبن جي لالائيءَ کي ڏسي، ڳاڙها مينهن وساڙا به حيرت ۾ پئجي ويا. وڄڙيون( کنوڻيون) چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر، چَوطرف پيون چمڪاٽ ڪن ۽ چمڪي چمڪي خوش ٿين. سهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته” اُهي کنوڻيون به پنهنجي پرينءَ جي پسڻ لئي، مسلسل لوچ پوچ ۾ پيون ڦٿڪن.” مٺڙن محبوبن، زعفران جهڙا ڳاڙها سُرها ويس وڳا، اڄ ساري سنڀاري کڻي پاتا آهن.

اڄ پڻ اُتر پار ڏي، ڪڪريون ڪاريون،
وسي ٿو وڏڦڙو، ٽهڪن ٿيون ٽاريون،
لَٿين لُک لطيف چئي، ڍايون تاساريون،
ڀِڄندي ڀٽاريون، وري وٿاڻين آئيون.
اڄ وري اُتر طرف کان، ڪاريون ڪڪريون اچي ظاهر ٿيون آهن. وڏ ڦڙو مينهن مسلسل پيو وسي، وڻن، ولين ۽ ٻُوٽن جون ٽاريون، سايون سهڻيون لُڏن ۽ لمن پيون. سهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته” ڏيھ مان ڏڪار، سوڪهڙو ۽ تپش لٿي ( اُڃ ۽ اوس ختم ٿي) ۽ اُڃايل تلين، پاڻيءَ پِي پِي ڍءُ ڪيو آهي. مال جون قطارون، مِينهن ۾ پُسندي، پنهنجي پنهنجي ماڳن (وٿاڻن) تي موٽي آيون آهن”.

سارنگ سينگاري، وڄون وسڻ آئيون،
اُڃيا لک، لطيف چئي، پلر پياري،
وڄڙين واري، ڪعبي تي ڪر نائيا.
وڄون، پنهنجيءَ سارنگ واريءَ موسم کي سينگاري، (سهڻو ڪري) پوءِ وسڻ آئيون آهن. سهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته” برسات جو پاڻي، لکين اُڃايلن جي اڃ لاهي ٿو ڇڏي”، (پياسين کي پاڻيءَ اچي ٿو پياري). (ڏسو ته سهي!) اڄ وڄڙين ورائي کڻي ڪعبت الله شريف تي، ڪارن ڪڪرن جا ڪر جھُڪائيا ( ۽ پاڻيءَ پلٽيا) آهن.

موٽي مانڊاڻن جي، ڀِري ڪيائين ڀيڄ!
وڄون وسڻ آئيون، سارنگ چڙهيو سيج،
تنهن نوڻيون سڀ نوازيون، ڏنن ڏيئي ڏيج،
ٻج کڻي، پٽ هليا، هاري منجھان هيج،
راضي منجھان ريج، عالم سڀ آباد ٿيو.
وري ٻيهر، گھاٽن ڪارن ڪڪرن جي ٺاھ جوڙ ڪري، خوشيءَ سان ( مُرڪندي) مينهن واري آلاڻ ۽ نميءَ پيدا ڪيائين. وڄون وسڻ لئي تيار ٿي آئيون ۽ سارنگ آسمان جي سجايل سيج تي نروار ٿي نڪتو. اُن زمين جي هيٺاهينءَ کي، پلر جي پالوٽ سان ڀري ڇڏيو ۽ مٿاهينءَ کي، مينهن جو مهڪندڙ ڏيج ڏنائين. هاري، وڏي خوشيءَ مان ٻج کڻي، ٻنين ۾ ڇٽڻ لاءِ روانا ٿي ويا. سارو جڳ جهان، ريڄ جي برڪت مان راضي ٿي، شاد ۽ آباد ٿي پيو.
شاھ جي رسالي جو سُر”سارنگ”، سونهن، سُرهاڻ ۽ سُڪار وارو سُر آهي. جنهن جي مطالعي ڪرڻ سان، نيڻ ٺريو ٿا پون، اکڙين کي آرام ٿو ملي ۽ ماندو من قرار ٿو ماڻي.”اڱڻ تازي، ٻهر ڪنڍيون، پکا پٽ سونهن، سُرهي سيج، پاسي پرين، مر ٿا مينهن وسن، اسان ۽ پرين، شال! هون برابر ڏينهڙا”. شاھ سائين هن سُر ۾، پنهنجي پياري وطن ۽ ساڻيھ سان گڏوگڏ، ساري جڳ جهان لاءِ، آسودگي ۽ خوشحاليءَ جي دعا پڻ گھري آهي.”سائين!سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سُڪار، دوست! تون دلدار! عالم سڀ آباد ڪرين”. آئون سُر“سارنگ” جو تعارف ۽ فلسفو، ڀٽائي رحه جي پنهنجن ئي پيارين سٽن سان اختتام پذير ڪريان ٿو، وري ايئن نه ٿئي، جو پيارا پڙهندڙ چون،”سُر سارنگ به پڙهيوسون ۽ سرير کي سُڪون به ڪو نه مليو”.”آئي مند ملار، آئون کُنهنبا ڪنديس ڪپڙا. وسڻ جا ويس ڪيا، اڄ پڻ منهنجي يار. لٿي ڪس قُلوب تان، تاڙي ڪِي توار. اُتران ٿي آئيو، ڪڪر ڪارونڀار. روضي پاس رسول جي، اُٺو آب اپار. ٿر بر وِڄون وُٺيون، سرها ٿيا سنگھار. آئون کُنهنبا ڪنديس ڪپڙا، آئي مند ملار”.