33. سُر“هير رانجھي” جو فلسفو
“هير رانجھو” ٻن ڌار ڌار ٻولين جي لفظن جو مرڪب آهي.”هير” هندي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي“ٿڌڙي هوا” يا”وڻندڙ هوا”. صفت ۾”هير” لفظ جي معنيٰ ٿيندي”سُهڻي”،”حَسين”،”خوبصورت”،”وڻندڙ” ۽”دلپسند” وغيره.”رانجھو، رانجھا يا رانجھن” سرائيڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي”پيارو” يا”سهڻو” وغيره.
“هير” ذات جي سيال ۽ جھنگ شهر جي رهاڪو هئي ۽”رانجھو” تخت هزارا شهر جي رئيس جو پٽ هيو، جيڪو جھنگ سيال ۾ هير تي عاشق ٿيو.
شاھ جي رسالي جي هن سُر ۾، جيڪي بيت يا ڏوهيڙا شامل ڪيا ويا آهن، انهن جو شاعر“نورنگ” نالي هڪ لغاري آهي، جيڪو ديري غازي خان جي پاسي جو ويٺل هيو. هنن بيتن ۾، سرائيڪي سُرن ۽ آلاپن جو استعمال ڪيل آهي. جن ۾ مجاز ۽ محبت جي دانائيءَ ۽ حڪمت جا موتي مڙهيل آهن. هڪ بيت ۾ هير فرمائي ٿي،”اي ميان رانجھا! منهنجا تن ۽ من، محبت جي مامري ۾، اهڙيءَ ريت ٽڪڙا ٽڪڙا ٿيل آهن، جهڙيءَ ريت درزيءَ، ڪپڙي کي ڪٽي، ان جون ليرون ليرون ڪري ڇڏيندو آهي، آئون انهن ليرن(ٽڪڙن) مان ڪفني سبائينديس، پوءِ اها ڪفني پائي، ڦيريدار فقيرن سان گڏ، تنهنجي ڳولا ۾ پئي ڦِرنديس. اي منهنجا رانجھن سائين!منهنجي لاءِ ته تو جهڙو، هن جهان ۾ ٻيو ڪو سهڻو ڪو نه آهي، پر مون جهڙيون تنهنجي لاءِ لکين لک هيرون حاضر آهن”.
اسان لوڪان دي ڪاڻ نه ڪائي، لوڪ اسان تون وڳي،
ٻڪرِي وانگي آپ ڪُهايوسي، بي قدران دي اڳي،
ڪڍ ڪتاب قاضي! کول مسئلا،”عشق شرع ڪيا لڳي”؟
راڳ جي لحاظ سان، هن سُر جو نالو”هير” آهي. پنجاب ۾،”سُر هير” هڪ مخصوص لئي ۽ سُر ۾ ڳائجي ٿي. سنڌ ۾ فقير گھڻو ڪري هن سُر کي،”سُر مانجھ” ۾ ڳائيندا آهن.”هير” جي موضوع جون ڪافيون”سُر جوڳ” ۾ به ڳايون وڃن ٿيون.
هي شاھ جي رسالي جو ٽيٽيهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 35 بيت، 12 وايون ۽ 2 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت” رانجھن والا زهر پيالا، ڳُجھڙي آيم ڀاڄي” ۽ آخري وائي” دارون ڪيٿي لاوان؟ وي ميان! مين در در رانجھن دي سينڌي” آهي.
بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
مَردي آن، مَرويسان رانجھن!مين، تون هير سڏيسين ڪَين نُون؟
تيڏا شوق نال منجھِين دي، چوٽڪ لايئي مَين نُون،
ڳلِي اساڏي آ ميان رانجھا! ول ول تاءَ نه مينون،
تو جيها مينون اور نه ڪوئي، مَئن جيهيان لک تَينون.
اي منهنجا رانجھن سائين! منهنجو ساھ ٿو نڪري، آئون مري وينديس، مون کان پوءِ تون”هير” سڏيندين ڪنهن کي؟ تنهنجو سمورو شوق ۽ ڌيان، مينهن چارڻ سان آهي، مون کي ته محبت جو مچ ۽ الفت جو آڙاھ لڳائي ڇڏيو اٿئي، اي منهنجا رانجھن سائين! ڪڏهن اسان جي ڳليءَ ۾ اچي ڦيرو ڪري وڃ، مون کي هر هر ايئن نه ساڙ ۽ نه جلاءِ، تو جهڙو منهنجي لئي ٻيو ڪير به نه آهي، پر مون جهڙيون لک آهن تنهنجي لئي.
تن ڀِي ٽُڪڙا، من ڀِي ٽُڪڙا، جِيُون درزيان ديان لِيران،
اِين لِيران چُون ڪفنِي سِيسان، چَلسان نال فقيران،
تو جيها رانجھا! اور نه ڪو ئي، مَئن جيهيان لک هِيران.
منهنجو تن به ٽُڪڙا ٽُڪڙا ۽ من به ٽُڪڙا ٽُڪڙا آهي، جهڙيءَ ريت، درزين جون ڪٽيل ڪپڙي جون لِيرون هونديون آهن، آئون انهن (ڪٽيل) لِيرن مان ڪفنِي(ننڍڙي چوليءَ) سِبنديس ۽ گدائي فقيرن سان گڏ پئي هلنديس، اي منهنجا مٺڙا رانجھن سائين! تو جهڙو سهڻو هن جهانَ ۾ ٻيو ڪير به ڪونهي، پر مون جهڙيون لکين لک ٻيون ٻانهيون (هيرون) آهن.
رانجھن هووي بحري شقرا، مئن بن بن طعاما ٿيوان،
ڪري ڪُلاٽا لي جاوي، مينون کاوي تان مئن جيوان.
منهنجو مٺڙو رانجھن، بحري باز هجي، آئون وري وري پئي خوراڪ ٿيان، هُو مون تي حملو ڪري، مون کي جھڙپ ڏيئي جھٽي، هُو مون کي کائي ته آئون پئي جِيئان.
چوٽي چُوڻي مک نه دلبر! ڇوڙ ته هوون سادي،
ڏُون نيڻان دي ويکڻ ڪيتي، وسيهر نانگ وراڌي،
جي ڀَني، سي ڀڄ ڇُٽي، اَئون جي کڙي، سي کاڌي!
منهنجا مٺڙا دلبر سائين! پنهنجن وارن جا چوٽا، تيل ڦُليل سان نه مک، ڇڏي ڏي ته اهي ڀل هجن سادا ۽ رُکا، ٻن نيڻن جي نهارڻ خاطر، اِهي آهن شوخ ۽ ڏمريل نانگ زهريلا، جيڪي ڀورا ٿي ڀڳا، سي ڀڄي ڇُٽا ۽ جيڪي بيهي رهيا، اُهي ڪَرڙجِي ۽ ڪاٽجِي ويا.
داغ درونِي، سَوز ماهي دا، گھن قبر وچ ويسان،
سيج کيڙي دي مُور نه ماڻا، جي وچ دوزخ سڙسان،
مُنڪر تي نڪيراڳون، مئن حرف اِهو گھن پڙهسان،
“جي شَھ رانجھا مين نون ميلو، جو شھ آکيا ڪرسان”،
رُخصت ٻاجھون يار ماهي دي، وچ جنت نا وڙسان.
مٺڙي ماهي جِي سڪ ۽ سَوز جو، اندروني گھائُو داغ کڻي، آئون قبر جي اندر داخل ٿي ويندي، کيڙي جي سيج مُور نه ماڻيندي، توڙي جو دوزخ جي اندر اُڇلائِي ويندي، مُنڪر ۽ نڪير جي اڳيان، آئون حرف اهو هڪڙو وٺي پڙهندي،”جي شاھ رانجھن مون کي ملايو، ته پوءِ جيئن شاھ فرمايو، آئون اُوئين ئي ڪندي”، يار ماهيءَ جي رخصت ۽ اجازت کان سواءِ، آئون جنت جي اندر قطعي ڪو نه ويندي!
ڪڍ نه ڪاتِي، ڏي نه دڙڪا، مئن ڪُسڻ قبول ڪريسان،
ماهِي ڪِيتي مرڻ قبوليا، کيڙيان مُول نه ويسان،
جي ميان رانجھا سڏ ڪريسي، ڪُٺڙيائي سڏ ڏيسان.
ڪاتِي ڪڍِي نه ڏيکار، دڙڪا نه ڏي، آئون ته ڪُسڻ قبول ڪندي، ماهِي خاطر، مون مرڻ قبوليو آهي، کيڙي ڏي مُور نه ويندي! جي ميان رانجھن مون کي سڏ ڪندو، ته آئون ڪُٺڙِي ئي سڏ ڏيندي.
سُڻ ميان رانجھا! هڪ اساڏي،،”ڦيرا پاءَ ڪڏاهين،
آئي هي رُت ماھ سانوڻ دي، چُليان ڦُلڻ وائين،
مُنهن ويکڻ ڪون اکيان سِڪن، ڳل لڳڻ ڪون ٻانهين.
اي ميان رانجھن سائين! هڪ ڳالھ اسان جي ٻُڌ!” ڪڏهن ڦيرو ڪري وڃ، موسم ماھ سانوڻ جي موٽي آئي آهي، گُلن ڦُلن جون هوائون گڏو گڏ گھُليون آهن، تنهنجي منهن ڏسڻ لئي اکڙيون سِڪن ٿيون ۽ ڳل ڳيراٽڙين لاءِ ٻيئي ٻانهون”.
شاھ جي رسالي جي، هن سرائيڪي سُر ۾، شاعر نورنگ فقير لغاريءَ جا، اهڙا ته درديلا ۽ فراق ۾ پوتل دوهيڙا شامل ڪيل آهن، جو پڙهندڙ کي، پنهنجو جوڀن ۽ جوانيءَ وارو وسريل زمانو وري ياد اچي وڃي ٿو.”ٻڪري وانگي آپ ڪُهايوسي، بيقدران دي اڳي”،”نال پِنبڙيان دي ڌاڳي وٽيي، هار هنجھون دا پوتا”،”ڪالا نانگ تنهان ڪُون کاوي، جِنهان دليان دوست وساريي” وغيره. هن سُر ۾ شامل ڪلام، شاھ صاحب جو ڪلام ڪو نه آهي، البت شاھ جو رسالو ترتيب ڏيڻ مهل، هن سُر کي جو شامل ڪيو ويو، ته هاڻي اهو سُر، ڇٽيھ سُرن واري شاھ جي رسالي جي سُونهن ٿيندو رهي ٿو. جنهن مان پريت جي پياسين جِي، پياس اُجھائڻ ۾، ڪافي مدد ملندي رهي ٿي.