لطيفيات

شاھ لطيف جا ڇٽيھ سُر

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ محقق استاد لغاري جو لکيل آھي جنھن ۾ ھن شاھ لطيف جي شاعريءَ جي 36 سُرن جو تعارف ۽ فلسفو بيان ڪيو آھي. استاد لغاري لکي ٿو:
”هن ڪتاب لکڻ جو مقصد، حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڇٽيهن سُرن بابت، مفصل معلومات ڏيڻ آهي، ته ڪهڙي سُر جو نالو، ڪهڙي ٻوليءَ مان نڪتل آهي؟ ۽ ان لفظ جي لغوي معنيٰ ڇا آهي؟ ڪهڙي سُر ۾ ڪيترا بيت؟ ڪيتريون وايون؟ ۽ ڪيترا داستان شامل آهن؟ ۽ اهي سُر ڪهڙي راڳڻي ۾؟ ۽ ڪهڙي وقت (ٽائيم) تي ڳايا وڃن ٿا؟ وغيره. هي ڪتاب لسنرز دوستن لاءِ به هڪ ڄاڻ خزانو آهي. هر هڪ سُر جي تعارف کان پوءِ، چند بيت، انهن جون سمجھاڻيون ۽ فلسفا به بيان ڪيا ويا آهن، ته جيئن شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڇٽيهن ئي سُرن بابت، هر رخ کان روشني پئجي وڃي.“
Title Cover of book شاھ لطيف جا ڇٽيھ سُر

27. سُر“مارئي”جو فلسفو

27. سُر“مارئي”جو فلسفو

“مارئي”سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي،” مارُوجي”،”مال چارڻ واري” يا “سِيل ۽ سَت واري”وغيره. هي شاھ جي رسالي جو، حقيقي ۽ وڏو معنوي سُر آهي، جنهن ۾ وطن جي حب ۽ ساڻيھ جي سچي سڪ وارو سُهڻو جذبو سمايل آهي. شاھ صاحب هن سُر ۾، مارئي جي تمثيل ڏيئي، روح جو قالب جي قيد ۾ داخل ٿيڻ وارو داستان چٽيو آهي. عمر مارئي جو ظاهري ۽ تاريخي قصو هيٺين ريت آهي؛
ٿر جي علائقي“ڀالوا”۾، رٻاري ذات جا ماڻهو رهندا هئا. انهن مال چاريندڙ پنهوارن ۾، هڪ انتهائيءَ خوبصورت، سَت ۽ سِيل واري ڇوڪري،”مارئي” نالي سان رهندي هئي. جنهن جي پيءُ جو نالو”پالڻو” ۽ ماءُ جو نالو”ماڏوئي” هو. ڇوڪري وڏي ٿي ته سندس مڱڻو”کيت” نالي برادريءَ جي هڪ نوجوان سان ڪيو ويو. ان ڳوٺ ۾،”ڦوڳ” نالي هڪ حاسد ماڻهو رهندو هو، جنهن وڃي عمرڪوٽ جي حاڪم عمر سُومري کي هُشي ڏني ته ٿر ۾ رهندڙ هڪ پنهوار ڇوڪري، اوهان جي ڪوٽ جي سُونهن راڻي بنائڻ جي لائق آهي. اهڙي ريت، ڦوڳ، عمر سومري کي، ڀالوا جي ڀر ۾، هڪ کوھ تي وٺي آيو، جتان پاڻيءَ ڀريندي، مارئي کي، اٺ تي زوريءَ کڻي ويا ۽ اچي عمرڪوٽ ۾ قيد ڪيائون. عمر بادشاھ کيس پنهنجي پَٽ راڻيءَ بنائڻ لاءِ، ڪيترائي حيلا هلايا، پر مارئي انڪار ڪيو ۽ اباڻن جي ڏنل لوئيءَ نه لاٿائين ۽ نڪي لڄايائين.
جنهن سَتيءَ سَت نه ڇڏيو، سا مارئي مر ڄائي !
انهيءَ اچي عمرڪوٽ ۾، لڄ نه لڄائي.

عمر بادشاھ به وڏي عدل، انصاف ۽صبر وارو انسان هيو، جنهن مارئي جي سَت ۽ سِيل کي، داغ نه لڳايو. کيس امانت باسلامت ڪري، خوشيءَ مان ملير موڪل ڏنائين.
“مارئي راڳ” شاھ صاحب کان گھڻو اڳ، سنڌ ۾ هلندڙ هو، پر شاھ جي راڳ ۾، جيئن”سُرمارئي” ڳائجي ٿو، اهو ڀيروي ناهي. محسوس ٿئي ٿو ته”راڳ مارئي” هندوستاني راڳ” مانڍ” سان ملندڙ اهي. هي شاھ جي رسالي جو ستاويهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾، 241 بيت، 13 وايون ۽ 11 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت” اول نام الله، جو مڙنيون مٿاهون” ۽ آخري وائي” کٿيءَ منجھ کٽيائين، مارو ڄام ملير جو” آهي.

بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون

وطن مون ملير، قضا آنديس ڪوٽ ۾،
چانڪهِ پيئنديس پرينءَ سين، پائر جو پنير،
هاڃا ڪيو حمير، بالله ني ٿو بند ۾.
منهنجو اصلي ملڪ ته ملير آهي، پر قضا ۽ تقدير جي لکيي موجب، آئون هن ڪاري ڪوٽ ۾ قيد ٿي آئي آهيان. مون ڀانئيو ته آئون پنهنجي پياري پرينءَ سان، پائُر ملڪ جو پاڪ پنير وڃي پيئندي. الله جو قسم! ته همير سومرو، مون کي قيد و بند ۾ وجھي، وڏا هاڃا ۽ ظلم ٿو ڪري.

نڪا”ڪُن فيڪون” هئي، نڪا مُورت ماھ،
نڪا سُڌ ثواب جي، نڪو غرض گناھ،
هيڪائي هيڪ هئي، وحدانيت واھ!
لکيائين لطيف چئي، اُت ڳُجھاندر ڳاھ،
اکين ۽ ارواح، سائي ساڃاءِ سومرا!
(قرآن الڪريم جي آيت جا الفاظ)”ٿيءُ! پوءِ ٿي پوي ٿو”، اڃان ايئن چيو ڪو نه ويو هو ۽ نڪو چٽي چنڊ جو جسم(وجود ۾) هو. نڪو ثواب جي ڪنهن کي سُڌ ۽ خبر هئي، نڪو گناھ جو ڪارڻ ۽ سبب ڪنهن کي معلوم هو. فقط الله پاڪ جي هيڪڙائي ۽ وحدانيت واري خاص خوبصورتي موجود هئي. سهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته،”اُن وقت ڳُجھ ڳُجھاندر ڳالهڙيءَ وارو راز، الله پاڪ پاڻ لَوح محفوظ ۾ لکي ڇڏيو هو”. اي سومرا سردار! منهنجين اکين ۽ ارواح کي، مٺڙن ماروئڙن سان، سڪ ۽ ساڃاھ، اُن وقت کان وٺي، اڃان تائين ساڳي آهي.

اُتان اوٺي آئيو، خبر اِيءَ کري،
“وسارج مَ ور کي، پئج منڌ! مري،
ويندينءَ اُت وري، ڪو ڏينهن آهين ڪوٽ ۾.
اُتان (مليران) هڪ اوٺي قاصد آئيو آهي، (پانڌي پيار ڀريو پيغام اچي پهچايو آهي) ته اي ماندي مارئي! هي خبر صفا صاف، سهڻي ۽ سچي اٿئي! (جنهن اچي چيو آهي ته)” اي عورت ذات! پنهنجي حقيقي ور کي هرگز وساري نه ويھ! تون صفا مئلن مثل ٿي پئو! اِجھو واپس ورڻ واريءَ آهين! ڪو هڪ اڌ ڏينهن آهين هن قهريءَ ڪوٽ ۾”.
جو ڏيھ ڏاڏاڻيان آئيو، ڏنم تنهن طعنو،
“سرتين سيل چوائيو، جور هڻي جانو،
پائي ويھ مَ پلنگين، ڳچيءَ سر ڳانو،
مٿان لڪ، لطيف چئي، کانءِ مَ خزانو”،
ٿيو سڏ سمانو، حرف لٿي هيڪڙي.
جيڪو (پانڌي قاصد) منهنجي ڏاڏاڻي ڏيھ مان آيو آهي، تنهن (اچڻ شرط) مون کي مهڻو ۽ طعنو اچي ڏنو آهي. (چوي ٿو ته)”تنهنجين سهڻين سرتين، تَوبھ! تَوبھ! ڪري، نڪ تي زور سان آڱر گسائي، ست، سيل شرم ۽ ڀرم رکڻ جو، سختيءَ سان تاڪيد چوائي موڪليو آهي. (تون پراون سان پرچي) ڳچيءَ ۾ پٽ جا ڳاڙها ڳانا پائي، پلنگن ۽ پٿراڻين تي چڙهي نه ويھ!” سهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته،” اڳيان ڏاڍو ڏکيو ۽ آزمائش وارو وقت اچڻو آهي، تون پنهنجي سچي سونهن، ست، سير ۽ پاڪائيءَ وارو خزانو ايئن نه جلاءِ. سَوَلو، خير ۽ مان مرتبي وارو سڏ اجھو ٿيڻ وارو آهي! اهو هڪڙو حرف ( ته تو عمر بادشاھ جا خزانا قبول ڪيا) پاڻ تي اچڻ نه ڏي”.

ماروئڙي روئي، ٿر نياپا چائيا،
“آن جو ڳُتو جيڏيون! مِينڍي ور سوئي،
لاٿم نه ڌوئي، ساڻ سرچي سُومري.
ملير جي ماروئڙي، زاروقطار روئي، (پنهنجين پيارين سرتين کي) ٿر ڏانهن نينهن نياپا چوائي موڪليا آهن. ته” اي جيڏيون! اوهان جيڪو منهنجو مينڍو ڳنڌيو هو، اُن کي ور ۽ وڪڙ، اڃان تائين اُهو ئي پيل آهي. نڪو سومري سردار سان سرچي آهيان، نڪو مون وارن کي ڌوئي، اُنهن مان مَر لاٿي آهي.

ور! سي وطن ڄائيون، صحرا ستر جن،
گولاڙا ۽ گگريون، اوڇڻ اباڻن،
ويڙهيا گھُمن وليين، جھانگي منجھ جھنگن،
مون کي ماروئڙن، سڃ ڳڻائي سيج ۾،
بيشڪ! ڀليون آهن منهنجيون ملير ڄائيون، جن جو ڀرم، ڍڪ، ستر، پردو ۽ پناھ، ٿر جو سُکيو ستابو صحرا آهي. گولاڙن جون ولڙيون ۽ ڳڳرين جون قطارون، اباڻن جو ڄڻ اوڇڻ (ڪڄڻ جو ڪپڙو) آهن. جھنگل جا جھانگيئڙا، اُنهن گھاٽين جھُڳٽين (ولڙين) ۾، ڄڻ پردي ۽ پناھ سان ٿا گھُمن ڦِرن. مون کي منهنجن مٺڙن ماروئڙن، اُها ٿر واري سُهڻي سُڃ، سيج ۽ ڏيج ۾ ڏيئي ڇڏي آهي.

کٿيءَ منجھ خلاف، رهيو نه رتيءَ جيترو،
لٿو لوئڙياريين، گُوندر جو غلاف،
ميرا لاٿا ماروئين، سڀ اوڍيائون صاف،
ملير مڙوئي معاف، عُمر انعامي ڪيو.
(مارئي جي مٿي تي پاتل پوتيءَ ۽) کٿيءَ جي پاڪائيءَ ۾، ٻيو ڪو به شڪ ۽ گمان، رتيءَ برابر به ڪو نه رهيو آهي. ڳوٺن ۾ رهندڙ ڳوٺاڻن تان، (مارئي جي ماڙيءَ وڃڻ واري) ڏوراپي جو ڏک ۽ پاڇولو هٽي ويو آهي. ماروئڙن مايوسيءَ ۽ ڏک ۾ پاتل ميرا ڪپڙا لاٿا، هاڻي سڀ اڇا، اُجرا، پاڪ ۽ صاف کڻي اوڍيا اٿن. مٺڙو ملڪ ملير، مڙوئي معاف ۽ بخشش ڪري، عُمر بادشاھ اُنهن کي، انعام اڪرام ۾ عطا ڪري ڇڏيو آهي.
مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته، ڪيترن ئي وڏن شاعرن ۽ عالمن، سُر“مارئي” جي تمثيل سان، روح کي انساني جامي ۾ داخل ٿيڻ ۽ ان مان وري واپس نڪرڻ واري عمل کي اجاگر ڪيو آهي.”الست بربڪم، جڏهن ڪن پيوم، قالوا بليٰ قلب سين، تڏهن تت چيوم”. يا وري هي بيت کڻي ڏسجي؛” نڪا ڪن فيڪون هئي، نڪو لڱ لحم، بنيو هو نه بت ۾، اڃان ڪو آدم، مون ماروءَ سين سڱ، سو ئي آهي سومرا!” حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڪلام ۾، سُر“مارئي” کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي، هن سُر جي مطالعي ۽ مذڪور مان، اسان کي نه فقط سنڌ جي لوڪ داستان“عمر مارئي” جي ظاهري قصي جي پروڙ پوي ٿي، پر هن سُر جي مطالعي مان، تصوف جي باريڪ نقطن ۽ عالمِ ارواح جي ابتدا واري ماحول ۽ مانڊاڻ جو منظر پڻ معلوم ٿئي ٿو.