30. سُر“ڪيڏاري” جو فلسفو
“ڪيڏارو” سنسڪرت ٻوليءَ جي“ڪيدار” ۽ عربيءَ جي“ڪيد” مان نڪتل لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي“جنگ”،”لڙائي”،”معرڪو”،”جھيڙو”،”قتلِ عام” يا”ماتم” وغيره. هن سُر جو مکيه موضوع ڪربلا جي واقعي واري جنگ آهي، جنهن ۾ حضرت امام حسين ۽ سندس ساٿين شهادت ماڻي.
قضيو ڪربلا جو، مڙوئي ملار،
ڳالھ سڄيائي ڳُجھ جي، الاهي اسرار،
هن سُر جي پهريين داستان ۾فرمايل آهي ته“ محرم جو مهينو ته وري ٻئي سال به موٽي آئيو، پر امام سڳورا موٽي ڪو نه آئيا”. امير شهزادن جڏهن مديني منوره مان نڪري، ڪوفي ڏانهن روانگي ڪئي، ته انهن دين اسلام کي بچائڻ جي لاءِ، ڪک، پن، ڪاٺي، پاڻي ۽ گاھ ڏانهن به ماڻهو موڪيا ۽ ايئن به چيائون ته”جيڪڏهن ڪا مصيبت اچي ويئي ته وڏي، سخت ۽ زور واري ويڙھ ٿيندي”. سُر ڪيڏاري جي ٻئي داستان ۾ڄاڻايل آهي ته،”حضرت امام حسين رضه سان، جڏهن يزيدي ٽولي جنگ جوٽي، ته امام سڳورن لاءِ، گھرن ۾ ماڻهن، وڻن ۾ پکين، جھنگل ۾ مروئن ۽ آسمان تي ملائڪن به زاروزار رُنو”. داستان ٽئين ۽ چوٿين جي معنوي مذڪور ۾ لکيل آهي ته”جھُونجھڪارڪي جھڳڙي ۾، هاٿين هڏ مڇائيا، بهادر بهادرين گڏيا، ڌڙ ڌڙن تي ڪريا، رڻ گجيو راڙو ٿيو ۽ پوءِ گھوڙن ۽ گھوٽن رڻ ۾ لائون لڌيون”. داستان پنجين ۽ ڇهين کي پڙهنداسين ته معلوم ٿيندو ته ڪربلا جي ميدان ۾، حق ۽ باطل جو فيصلو هميشه هميشه جي لاءِ ٿي چڪو. شير جامِ شهادت جو پيالو پيتو ۽ ڪوفين جي ڀاڱي ۾، قيامت تائين، لعنت لکجي ويئي.”منهن ڪاري مروان، لعنت لکي لعين کي”. داستان ستين ۾، سُورهيه کي تاڪيد ڪيل آهي ته“ جيڪڏهن جيت لاءِ جنگ ڪرين ٿو ته اول پنهنجي جامي سان جنگ جوٽ. پنهنجي نفس کي نهوڙ، وهم، خوف ۽ خطري کي، دل مان ڪوري ڪڍ، ته اي نجات جا طالب! توکي انهيءَ قهر ۽ ڪوس جو راز معلوم ٿئي.”
هندوستاني گَوَين موجب،”ڪيداري” هڪ راڳڻيءَ جو نالو آهي، جيڪا”ديپڪ راڳ” جي پنجن ڀاريائن مان هڪ آهي. هن راڳڻيءَ کي،”سمپورڻ راڳڻي” به ڪري سڏيندا آهن، جيڪا اڌ رات جو ڳائبي آهي.
هي شاھ جي رسالي جو ٽيهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 88 بيت، 9 وايون ۽ 7 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت” ڏٺو محرم ماھ، سَونڪو شهزادن ٿيو” ۽ آخري وائي” يا علي! يا علي! سِر يتيمن جي آئي، آيو حڪم الله جو، يا امام”! آهي.
بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
ڏٺو محرم ماھ، سَونڪو شهزادن ٿيو،
مڪي، مديني، ماڻهوئين، رُنو مٿي راھ،
تنهن واحد کي واھ! جو حڪم ههڙا ڪري.
محرم جو چنڊ (مهينو) ڏٺو، ته شهزادن کي، دل ۾ کُٽڪو پيدا ٿيو. ماڻهن، مڪي پاڪ ۾، مديني منوره ۾ ۽ رستن ۽ راهن تي، افسوس ۾ زار وقطار روئڻ شروع ڪيو. اِها هڪ الله پاڪ کي ئي صحيءَ خبر آهي، جيڪو اهڙا حڪم صادر ڪري ٿو ڇڏي.
مير مدينئان نڪري، ڏيرا ڏنائون،
ڪاٺيءَ، پاڻيءَ، گاھ کي، ماڙهو مڪائون،
چڙهندي چيائون،”ٿيندي ويڙھ وڏاند ري”.
امير شهزادن، مديني منوره مان نڪري، وڃي اڳتي منزل ڪئي. پاڙي، اوڙي، پنهنجي، پرائي، اَڀري، سَڀري، ننڍي توڙي وڏي، سڀ ڪنهن ڏانهن ماڻهو موڪليائون. سفر تي چڙهندي، ( رواني ٿيڻ مهل) چيائون، ته،” ويرين سان ويڙھ ٿيندي ته وڏي سخت ٿيندي”.
ڪِلي وير ڪٽڪ ۾، پاکر جو پائي،
اڃان اُن کي، جيئڻ جو، آسانگو آهي،
سُورهيه سو چائي، جو رُڳو ئي رِڻ چڙهي.
لڙائيءَ واري مهل، لشڪر ۾، جيڪو (مجاهد) زرھ پائي پوءِ وڙهي ٿو. ته اُن کي حياتيءَ (زنده) رهڻ جو، اڃان آسرو هوندو آهي. سچو سُورهيه چاهيندو آهي ته”هو جنگ ۾ رُکو ئي ( بغير زره پائڻ جي) جُنبي وڃي”.
حسن مير حسين کي، رُنو ٽن ٽولن،
گھرماڻهن، جھنگ مرن، اَڀن ۾ ملڪن،
پکين پاڻ پڇاڙيو، ته”لڏيو هوت وڃن”،
الله! شهزادن، سوڀون ڏئين سچاڻي!
حضرت امام حسن رضه ۽ حضرت امام حسين رضه جي افسوس ۾، ٽن ٽولن زاروزار رُنو. گھرن ۾ ماڻهن رنو، جھنگل ۾ مروئن رنو ۽ آسمان ۾ ملائڪن به رنو. پکين هڪٻئي کي (حيرت ۽ افسوس ۾) چيو، ته”امام سڳورا، اڄ مديني منوره مان لڏيو پيا وڃن”. اي الله پاڪ! اي ساري جڳ جا سچا ڌڻي! تون شير شهزادن کي، ڪاميابيون نصيب ڪجانءِ!
دوست ڪُهائي دادلا، مُحب مارائي،
خاص خليلن کي، سختيون سهائي،
الله الصمد بي نياز، سا ڪري، جا چاهي،
انهيءَ ۾ آهي، ڪا اُونهيءَ ڳالھ اسرار جي.
(تقدير) ڪڏهن ڪڏهن دادلا دوست ڪُهائي ٿي ۽ مٺڙا محب به مارائي ٿي وجھي. الله پاڪ جي خاص پيارن دوستن کي به، سختيون برداشت ڪرائي ٿي ڇڏي.”الله بي پرواھ ۽ بي نياز آهي” اُها مرضي هلائي ٿو، جيڪا هو پاڻ ڇاهي ٿو. انهيءَ رمز ۾، (الله پاڪ جي) اسرار جِي، ڪا اُونهيءَ ڳالھ ضرور لڪيل آهي!
جھِمنديون اڄ اچن، جھوليون جھونجھارن جيون،
پايو ٻُڪ ٻُهار جا، اُن جون وهون واڪا ڪن،
پٽيو پار ڪڍن، رڻ گجيو، راڙو ٿيو.
اڄ ته لال ڳاڙهي رت سان، ٽمنديون پيو اچن، اُهي جھوليون (گودڙيون)، جن ۾ سُورهيه شهيدن جا ڌڙ کڄيو پيا اچن. ٻُهاريل ددڙ جا ٻُڪ پنهنجن وارن ۾ وجھيو، انهن جون وهون( مستورات آرياڻيون) هاءِ! هاءِ! (ڪُوڪون) ويٺيون ڪن. پٽيو پار ڪڍن، جيئن ئي جنگ جو ميدان ويڙھ ۾ تتو، تيئن ئي روئڻ جو راڙو زور سان شروع ٿيو.
ڏاڙهي رت رتياس، ڏند ته موتيءَ ڳُتيا،
چوڏهينءَ ماھ چنڊ جئن، پڙ ۾ پيشانياس،
“الله نورالسمٰوٰت والارض”، جلوو زميناس،
“سيماهم في وجوههم”، منهن ۾ مڻ ڳُتياس،
ڪڪرا ڪربلا جا، مادر ميڙياس،
ڦٽن اُتان رت ڦڙا، عليءَ ٿي اُگھياس،
مِڙئِي معاف ڪياس، خالق بدلي خون جي.
اُن جي ڏاڙهيءَ مبارڪ رت ۾ ڳاڙهيءَ ٿي ويئي ۽ ڏند مبارڪ ته ڄڻ موتين جا مڙهيل داڻا هجن. سندس نورانيءَ چهرو، جنگ جي ميدان ۾، چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر، چٽو ڏسڻ ۾ ٿي آيو.”الله آسمانن ۽ زمين جو نُور آهي”، ان جو جلوو زمينن تي (قائم ۽ دائم) آهي.”سندن پيشانيءَ تي (سجده جو) نشان آهي” ۽ چهري تي نُور جو مڻيادار جلوو موجود آهي. ڪربلا جي تتل ميدان تان، ننڍا ننڍا پٿر ۽ ڪڪرا، اُن گھوٽ جِي امڙِ ميڙي پئي پري ڪيا. اُن گھوٽ جي گھاون تان، وهندڙ رت جا ڦڙا، حضرت علي ڪرمُ الله وجه ٿي اُگھي صاف ڪيا. اُن عظيم شهيد کي، شهادت جي عيوض ۾، سڀني آزمائشن جا بار، الله پاڪ معاف ڪري ڇڏيا.
تحقيق جي ورقن مان معلوم ٿئي ٿو ته، علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي نزديڪ سُر“ڪيڏارو” شاھ جو ڪلام ڪونهي. هي فقط رسالي جو ڪلام آهي، جيڪو سوين سالن کان، شاھ جي رسالي ۾ شامل ٿيندو آيو آهي. ڪلام جي پاڪيزگي، بلند خيالي۽ غمِ حسين کي سامهون رکندي، راقم پڻ پنهنجي هر هڪ ترجماتي، تشريحي توڙي ترتيبي رسالي ۾ اُن کي شامل ڪيو آهي.
هن سُر ۾، جيڪو ويريءَ سان ويڙھ وارو بيباڪ بيان قلمبند ڪيل آهي، اُهو اهڙو ته انوکو ۽ جيءُ کي جذبو ڏيارائيندڙ آهي، جو پڙهندڙ پنهنجي پاڻ کي، ويريءَ سان وڙهندي محسوس ڪري ٿو؛”سُورهيه! مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار”،”ڪانڌ! ڪلارين ڪپڙين، ور! وناهيون آءُ”،”پاونگ اُڀو پڙ ۾، هڻي هزاري هول”،”بهادر گڏيا بهادرين، کڙڳ کِلوِل ڪن”. هن سُر ۾ شامل ڪلام جو مجموعي منظر ۽ پسمنظر، انسان جي اکڙين مان آنسو وهائڻ لاءِ ڪافي آهي؛”سختي شهادت جي، مڙوئي ملار”،”مير مدينئان نڪري، آئيا نه موٽي”،”ڪُوفي ڪربلا ۾، پاڻي نه پيارين”،” اڄ مير مومنن جا، مدينو ڇڏي هليا”. شاھ جي رسالي ۾ سُر”ڪيڏارو”، هر حالت ۾حق جي حمايت ڪرڻ ۽ اُن جو ڀرپور ساٿ ڏيڻ ۽ باطل کان نفرت ڪرڻ ۽ اُن سان وڏي ويڙھ ڏيڻ جو ڏس ڏئي ٿو. اسان کي گھرجي ته، اسين سُر”ڪيڏاري” کي پڙهون، پروڙيون ۽ اُن جي پيغام تي پورو پورو عمل ڪريون.