14. سُر“ آبري” جو فلسفو
“ آبري” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي” پاڻيءَ کان سواءِ”،” اُڃايل”،” بي زوري”،” هيڻي”،” اَڀري” ۽” ضعيفه” وغيره. هي شاھ جي رسالي جو حقيقي ۽ تمام وڏو معنوي سُر آهي.
سسئي پُنهونءَ جو قصو، سنڌ جي سچي ۽ مشهور لوڪ داستانن مان هڪ آهي. سسئي جو جنم برهمڻ آباد ۾ ٿيو، سندس پيءُ جو نالو” نائُون برهمڻ” ۽ ماءُ جو نالو” منڌر” هو.
ڪيچ جي سردار آريءَ ڄام جو پُٽ شهزادو پُنهون، سنڌ جي ساحلي شهر ڀنڀور ۾، سُرهاڻ ۽ خُوشبوءِ جي واپار سانگي ايندو رهندو هو. جتي هن”محمد” نالي ڌوٻيءَ جي پاليل نياڻي سسئي سان (جيڪا هن دريا مان لُڙهندڙ پيتيءَ مان ڪڍي پالي هئي) عشق مان شادي ڪئي. هوت بلوچ (پنهون جا ڀائر) هن شاديءَ مان راضي نه هئا. اُهي کيس ڀنڀور جي شهر مان وٺڻ لاءِ آيا، جن کي پنهنجي والد آريءَ ڄام چئي ڇڏيو هو ته”جيڪڏهن سچ پچ پنهون پرڻيو ويٺو هجي ته اُن جي گھر واريءَ کي به ساڻ ڳِنهيو اچجو، ڇو جو اُها هاڻِ اسان جي عزت هوندي”، شاھ صاحب چوي ٿو ته” آريءَ اُتن جيئن، اُوئين ته اوٺين نه ڪيو”. آريءَ ڄام جا پٽ، پنهنجي ڀاءُ پنهونءَ کي، ڀنڀور مان کڻي ويا ۽ ويچاري سسئيءَ کي ڇڏي ويا، جنهن جبلن ۾، پنهونءَ جي پٺيان پيدل ڪشالا ڪڍيا ۽ وڃي پنهونءَ سان روحاني وصال ماڻيو.
شاھ صاحب سُر”آبري” ۾، سسئي پنهون جي قصي جي تمثيل ڏيئي، وحدت الوجود جي فلسفي جي وڏي اُپٽار ڪئي آهي ۽ الله پاڪ جي وحدانيت ۽ هيڪڙائيءَ بابت پنهنجن پاڪ خيالن جا واهڙ وهايا آهن. مثلا؛
وَاللهُ بِڪُلِ شيءِ مُحيطُ، ايءُ آرياڻي اُهڃاڻ.
هوت تنهنجي هنجھ ۾، پُڇين ڪوھ پهي ؟
وڃين ڇو وڻڪار؟ هِتِ نه ڳوليين هوت کي.
شاھ جي رسالي ۾، سسئي پنهونءَ جو داستان اڪيلو سُر آهي، جيڪو پنجن راڳن ۾ ڳائجي ٿو. اُنهن ۾ سُر”آبري” به هڪ جدا راڳ آهي، جيڪو گھڻو ڪري آڌيءَ رات کان پوءِ ڳائجي ٿو.
هي شاھ جي رسالي جو چوڏهون ۽ سسئي پنهون جي داستان جو پهريون نمبر سُر آهي. جنهن ۾ 170 بيت، 20 وايون ۽ 11 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت” اول، آخر، آھِ، هلڻ منهنجو هوت ڏي” ۽ آخري وائي” ڳالهيون هوت ٻاروچي ساڻ وو! منهنجي جيءَ جون جيڏيون!” آهي،
بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
ڏري ۽ ڏاري، سَٽِ سُورن جي سسئي،
پييائي پنهونءَ ڏي، نرمل نهاري،
لالڻ جي لطيف چئي، سونهن ستي ساري،
پريتڻو پاري، مارڳ ۾ منڌ مئي.
سسئي سُورن واريءَ سٽ سببان، پاڻ به پئي ڏکن ۾ پرزا پرزا ٿئي ۽ ٻين جا هانو به پئي افسوس ۾ اڌواڌ ڪري، جنهن طرف سندس پيارو پنهون هليو ويو آهي، نرمل مسلسل اوڏانهن پيئي ٿي نهاري. سُهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته” هُو پنهنجي لالڻ جي، سهڻي سونهن واريون سهڻيون ڳالهيون پئي هر هر ياد ڪري.” (سسئي) پنهنجيءَ محبت جو ناتو نڀائي، نيٺ وڃي دڳ ۾ دم ڏنو.
مهند محتاجي ڪري، حُج وڃائي هل،
عُذرخواهي، عاجزي، سسئي ! ڪنهن مَ سل،
ڏونگر ڏورڻ ڏاکڙو، لئون رءَ ڪونهي لل،
ايءُ ڀلائيءَ جو ڀل، جيئن پاسي ٿيڻ”پاڻ” کان.
(اي سُور سُٻيلي سسئي!) تون پنهنجي محتاجيءَ ( ۽ عشق ۾ فنا واري جذبي) کي اڳيان رکي،”حُجت” وڃائي، پوءِ اڳتي وڌ. اي سُورن هاڻي سسئي! عُذرخواهي جهڙي عاجزيءَ وارو ڏک، ڪنهن به ٻئي انسان سان نه سل. ڏونگر ڏورڻ ڏاڍو ڏکيو معاملو آهي، عشق جي آڌر کان سواءِ، ٻيو ڪوئي چارو ۽ ڏاهپ ڪونهي. اِن ڳالھ ۾، ڀلائيءَ جي ڀلان ڀل آهي، جو”پاڻ” کان (مَين، تڪبر، خُودي، آپي، ۽ اَنا کان ) پري ٿي رهجي.
پنهون ڇڏيو پوءِ، جانب جبل ڳوليين،
تيلاهين تنگون ڪرين، جيلاهين تون جوءِ،
ساجن سُڃ نهاريين، ڏُکي ! ڏوھ ڪيوءِ،
هاڙهي هوت نه هوءِ، وري پُڇ ويٺين کي.
(اي سُورن هاڻي سسئي!) تون پنهنجي پياري پنهونءَ کي پوئتي ڇڏيو، (آريءَ جي اُلفت ڀنڀور ۾ رکيو) جانب کي، جبل ۾ پئي ڳوليندي وتين، تون تنهن ڪري تڪليفن ۾ پئي آهين، جو تون عورت ذات ( ڪچي ارادي واري) آهين، پنهنجي سُهڻي ساجن کي، سُڃ ۽ بيابان ۾( دل جي گهراين کان ٻاهر) ڳولين ٿي، اي ڏاڍي ڏُکي! اهو وڏو ڏوھ جو ڪم ٿي ڪرين، تنهنجو هوت پنهونءَ هاڙهي جبل ۾ ڪونهي ڪو، ورائي پڇ انهن کان، جيڪي گھر ويٺيون آهن، (جن صبر سان سُتي ۽ گھر ۾ ويٺي، سُهڻو ساجن صحي سُڃاتو آهي).
وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي،
لڪو ڪين لطيف چئي، ٻاروچو ٻئي پار،
ٿيءُ ستي، ٻڌ سندرو، پرت پنهونءَ سين پار،
نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو.
(اي سُورن هاڻي سسئي!) تون وڻڪار واري واديءَ ڏانهن ڇو پئي وڃين؟ هتي (اِتيئي پنهنجي من اندر ۾) هوت کي ڇو نٿي ڳولين؟ سُهڻو شاھ لطيف ڇوي ٿو ته“ تنهنجو ٻاروچل ٻئي ڪنهن به پاسي، ڪٿي به لڪل ڪو نه آهي. ٿي پاڪباز، ڪر توڪل، (اتي ئي ويهي) پنهنجي پياري پنهل سان پريت نڀاءِ. اکيون جھڪائي، پنهنجي من اندر ۾ جھاتي پائي ڏس، ته تو ۾ ئي، تنهنجي دوست جو ديرو موجود آهي.”
مون کي ڀانئي”ڀاڄ”، ڏير ڏُوراڻا هليا،
اڳيان اُتي اُن جي، خُوب نه پڪم کاڄ،
ميڙي آپ سرتيون ! نه ڪِي ڳايم ڳاڄ،
سا مون هٿان نه ٿَئِي، جيڪا رسم راڄ،
آيل! آئون اَڪاڄ، ٻول ٻاروچي وترو.
ڏيرن ڀانئيو ته”هيءَ ڀاڄوڪڙ ۽ رولُو زال آهي، (ان ڪري، پنهونءَ سان پرڻي آهي)”، تنهن ڪري پنهونءَ جا ڀائر، (منهنجا ڏير) مون کي ڌِڪي ڌار ڪري هليا ويا. (جڏهن ڀنڀور شهر ۾ آيا هئا ته) اُتي، اُنهن جي اڳيان ويهي، سُٺا سُٺا ۽ لذيذ طعام مون ڪو نه پڪايا هئا. هڪ جيڏيون سُهڻيون سرتيون سڏي، (گڏ ڪري) اُنهن هوت بلوچن جي اچڻ جي خُوشيءَ ۾، نڪي مون ڳيچ ڳايا هئا. اُها ريت ۽ رسم مون کان ادا ڪو نه ٿي، جيڪا راڄن ۽ خاندانن ۾، خُوشيءَ جي موقعن تي رائج ۽ هلندڙ هوندي آهي. اي منهنجي مٺڙي امڙ! آئون نڪاري، سست ۽ ڍٻ ڍري آهيان، هوت بلوچ جو سُخن ۽ حساب ڪتاب، تمام مٿاهون آهي!(وڌيڪ وزن وارو آهي).
ڀڄي جان ڀنڀور کان، ڏونگر ڏوريو مون،
ڪاهي رسيس ڪيچ کي، جتي پاڻ پنهون،
سڀت آهين تون، قضا ڪندينءَ ڪن سين؟
جڏهن ڀنڀور جي شهر کان بيزار ٿي مون ڀاڄ کاڌي ۽ (جڏهن خُوديءَ، تڪبر ۽ ٻيائيءَ کي ٻن ڏيئي) مون وڃي محبت جو ڏونگر ڏوريو. ته آئون ڪاهي وڃي ڪيچ شهر کي پهتي، جتي پاڻ پنهونءَ(منهنجو معشوق) موجود هو. (اي منهنجا مٺڙا محبوب!) جڏهن سڀ ڪجھ ڪندڙ تون ئي پاڻ آهين، ته پوءِ فيصلو ۽ نبيرو ڪندين ڪنهن سان؟
سُر“آبري” جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته، شاھ صاحب، سسئي جي تمثيل سان، عشق الاهيءَ جي اعليٰ عنوان جي اُپٽار ڪئي آهي.”پنڌ مَ ڪر پهاڙ ڏي، وُجود ئي وڻڪار، وڃي ڏُور مَ ڏور، دران منجھ دوست ٿيو، سڀ ۾ پنهون پاڻ، ٻيو ناھ ٻروچ ري”. ڀٽائي صاحب هن سُر ۾، ظاهري طرح سسئي سان مخاطب ٿيندي، انسان ذات کي، توڪل ڀري تلقين به ڪري ٿو، پاڻ فرمائي ٿو ؛“اي سُورن هاڻي سسئي! تون پنهنجو پاڻ وساري، بي خُود ٿي، پوءِ بر ۽ بيابان ۾ هل. اي مُٺي! تون سُهڻي ساجن جي لاءِ،”سڪڻ” کي متان پنهنجي من مان ڪڍين!”
هن سُر مان ڏُونگر ڏورڻ جو ڏس به ملي ٿو ۽ پياري پنهل جي پٺيان، رائو ريلڻ جو رهنما اُصول به هٿ اچي ٿو.”ٿڪيائي ٿي ٿيل، چڙھ چُڪيائي چوٽيين، هلندي هوت پنهونءَ ڏي، ڀئو مڙيئي ڀيل، اُٿي رائو ريل، ويٺين تان وارِي وري”. اسين سڀيئي، سسئي پنهونءَ جي دُکي داستان مان، دردن جو درمان به ڳولي سگھون ٿا ۽ سُورن جو سامان به. اِنهيءَ ريت، سسئي وانگر ڪاف ڪشالا ڪڍي، پنهنجي منزل به ماڻي سگھون ٿا.