لطيفيات

شاھ لطيف جا ڇٽيھ سُر

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ محقق استاد لغاري جو لکيل آھي جنھن ۾ ھن شاھ لطيف جي شاعريءَ جي 36 سُرن جو تعارف ۽ فلسفو بيان ڪيو آھي. استاد لغاري لکي ٿو:
”هن ڪتاب لکڻ جو مقصد، حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڇٽيهن سُرن بابت، مفصل معلومات ڏيڻ آهي، ته ڪهڙي سُر جو نالو، ڪهڙي ٻوليءَ مان نڪتل آهي؟ ۽ ان لفظ جي لغوي معنيٰ ڇا آهي؟ ڪهڙي سُر ۾ ڪيترا بيت؟ ڪيتريون وايون؟ ۽ ڪيترا داستان شامل آهن؟ ۽ اهي سُر ڪهڙي راڳڻي ۾؟ ۽ ڪهڙي وقت (ٽائيم) تي ڳايا وڃن ٿا؟ وغيره. هي ڪتاب لسنرز دوستن لاءِ به هڪ ڄاڻ خزانو آهي. هر هڪ سُر جي تعارف کان پوءِ، چند بيت، انهن جون سمجھاڻيون ۽ فلسفا به بيان ڪيا ويا آهن، ته جيئن شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڇٽيهن ئي سُرن بابت، هر رخ کان روشني پئجي وڃي.“
Title Cover of book شاھ لطيف جا ڇٽيھ سُر

12. سُر”ڪارايل” جو فلسفو

12. سُر”ڪارايل” جو فلسفو

“ڪارايل” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي،”ڪارڙو مور”،”ڪارڙو هنجھ” يا”ڪارڙو نانگ”. هي شاھ جي رسالي جو معنوي سُر آهي، جنهن ۾ پاڻيءَ جي هنجھ پکيئڙي، مور ۽ ڪاري ڪاريهر نانگ بابت ڪيئي رُخ روشن ڪيل آهن. ڪنهن هندي شاعر چيو آهي ته” تال سُوک ڪر پٿر ڀيو، هنس ڪهين نه جائي، پُراني پريت ڪي ڪارني، ڪنڪر چُن چُن کائي”. ساڳي وانگر حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه پُڻ هِن سُر ۾ چيو آهي ته ؛
سَر ۾ پکي هيڪڙو، چُڻي چانگاري،
جيڪا رضا رب جي، سا پکيئڙو پاري،
وٽان ويچاري، وڳر سڀ وهي ويا،
پکي ٻيا متا متارا ٿيندا آهن، پر هنجھ هميشه ڏُٻرا هوندا آهن. اُنهن جي من ۾، ماريءَ جو خوف پيو وڍ وجھندو آهي ته ڪٿان ٿو ماريءَ مار ڪري!؟
پکي ٻيا مچن، هنجھ سدائين ڏُٻرا،
ماريءَ سندو من ۾، وِرھُ ويچارن،
ڪنبن ۽ ڪڍن، موتي جي مهراڻ جا،
مور ۽ ڪاري نانگ جي قصي کي به اختصار سان هن سُر ۾ سمايو ويو آهي. مثلا؛
مٿي جھڙ جھيڙين، مور ڪارايل پاڻ ۾،
نُوڻِي نانگ نه ڏين، موران موٽڻ مِيهڻو.
جيڪڏهن وحدانيت يا وحدت الوجود جي فلسفي تي نظر ڊوڙائبي ته سُر”ڪارايل” ۾، شاھ صاحب ان ڳالھ جو بلڪل چٽو اظهار ڪري ٻُڌايو آهي ته ؛
سو پکي، سو پڃرو، سو سَرُ، سو ئي هنجھ،
پيهي جان پروڙيو، مون پانهنجو منجھ،
ڏِيل جنهن جو ڏنجھ، سو ماري ٿو منجھ ڦري.
“شاھ جي راڳ” وارن سُرن کي، جڏهن هندوستاني موسيقيءَ جي راڳن سان ڀيٽبو ته ايئن معلوم ٿيندو ته سُر“ڪارايل”ڄڻ هندوستاني موسيقيءَ جي راڳ”جلڌار ڪدارا” سان ملي ٿو، هي شاھ جي رسالي جو ٻارهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 56 بيت، 5 وايون ۽ 3 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت” وحده وائي ڪري، چڙهندي چيائين” ۽ آخري وائي” هوت بلوچ جي آهيان، ڀلو! جيڏيون! آئون جا بلوچ جي آهيان” آهي،

بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون

ڪَونر پاڙُون پاتار ۾، ڀَونر ڀِري آڪاس،
ٻنهين سندي ڳالهڙي، رازق آندي راس،
تنهن عشق کي شاباس! جنهن محبتي ميڙيا.
ڪنول ٻُوٽي جون پاڙون، اُونهي پاڻيءَ هيٺ (زمين جي تري ۾) ۽ ڀَونر ته مٿي آسمان جي طرف اُڏامندڙ آهي، ٻِنهيءَ جي پيار واري ڳالهڙي، رزق رسائيندڙ ڌڻي، راس آندي آهي، (هڪٻئي سان ڳنڍي آهي) اِنهيءَ پريت جي ريت کي جس هجي! جنهن ٻيئي محبت ڪندڙ ملائيا،

سر ۾ پکي هيڪڙو، چُڻي چانگاري،
جيڪا رضا رب جي، سا پکيئڙو پاري،
وٽان ويچاري، وڳر سڀ وهي ويا،
تلاءُ ۾ هنجھڙو پکي اڪيلو آهي، چُڳي به پيو ۽ ورلاپ واريون وايون به ڪري پيو، (ڪُڻڪاٽ به ڪري پيو) جيڪا الله پاڪ جي مرضي ۽ حڪمت آهي، سا پيارو پکيئڙو پيو پُوريءَ ڪري ۽ نڀائي، ويچاري هنجھڙي وٽان، اُن جا سڀ ساٿي، ٽولا ٽولا ٿي ڪري، هاڻِ هليا ويا آهن،

اڇو آب لُڙ ٿيو، ڪالوڙيو ڪنگن،
ايندا لڄ مرن، تنهن سر مٿي هنجھڙا،
پاڪ صاف پاڻي، ميرو ۽ لُڙو ٿيو، جنهن کي ڪانوَڻِينِ هڻي ڪارو ڪري ڇڏيو. هنجھ ويچارا، چُڳڻ لئي ايندي، اُن پاڻيءَ جي سر تي، هاڻي لڄي ٿين ٿا،

ڪارايل جي ڪوڏ، مون ڪينجھر سڀ نهاريو،
وري وانهيري نه وريا، للا لاکيڻيءَ لوڏ،
هينئڙي جني هوڏ، سي هنجھڙا سڀ هلي ويا،
سُهڻن مور پکين کي، خُوشيءَ مان ڪُڏندي ڏسڻ لاءِ، مون سموريءَ ڪينجھر ڍنڍ وڃي جانچي ڏٺي، سُهڻِي چال چلڻ وارا سُهڻا هنجھ، وري واپس ويهڻ واريءَ جاءِ تي وريا ئي ڪو نه، منهنجي هن هينئڙي جي، جن پکيئڙن کي ڏسڻ جي لاءِ، هوڏ ٻڌل آهي، هاڻي اُهي هنجھڙا، هِن سر مان ئي هليا ويا آهن،

ڪُسرِ ڪنگن قبرون، سُسرِ ساڱاهيج،
هنجھ!هُتي جي ڳالهڙي، ٻگھن سين مَ ٻوليج،
ماڻي تون مريج، چئج مَ ڪهين چُهنج سين،
ڪِني، ڪوجھي ۽ ميري پاڻيءَ واري تلاءُ ۾، ڪُوڙن ڪانوڻين جون قبرون هونديون آهن، تون صاف سٿرو تلاءُ سُڃاڻجانءِ. اي هنجھ پکيئڙا! هُن پار واري سُهڻي ۽ پاڪ پاڻيءَ جي، ڀُڻڪ به ٻگھلن کي نه ٻُڌائجانءِ، تون پاڪ پاڻيءَ ماڻي مرجانءِ، پر ڪنهن کي به چُهنب چوري، ڪُجھ به نه چئجانءِ. ( واتئون ورائي ويڻ نه ڏجانءِ )

آسڻ جن اَريج ۾، تن جي وِھُ جو ورنُ ٻيو،
تن جو ڪنڊو ئي ڪم ڪري، جي مٿس پير پيو،
پُريين آهي پڌرو، تن نانگن جو نِهو،
ڪِلي وير ڪِهو ؟ جو سامهون ٿئي سَپَنِ کي،
(اُهي نانگ) جن جي رهڻ جون جايون ۽ ٺِڪاڻا، سدائين سُڪل زمين ۾ هُجن ٿا، اُنهن جي زهر جو اثر ئي اَور هوندو آهي. اُنهن جو پُراڻو پيل ڪنڊو ئي ڪم لاهي ٿو ڇڏي، جي ڪنهن جو پير اُن جي مٿان وڃي پيو. پِيڙهين کان ئي اُنهن نانگن جو بُڻ بُڻياد، پڌرو ۽ نشانمبر آهي. اُهو ڪير ٿيندو آهي ؟ جيڪو مقابلي جي مهل، اهڙن وڏن وڙهندڙ نانگن کي سامهون ٿي سگھي.

سَنَهان ڀانءِ مَ سپ، وِياءَ واسينگن جا،
لتاڙيا، لطيف چئي، چوريا وجھن چپ،
تني جي جھڙپ، هاٿِي هنڌان نه چُري،
اِهي سپ سنهڙا نه سمجھ، جيڪي واسينگن جي بُڻ بُڻياد منجھان آهن. سُهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته” لتاڙڻ يا ٿورڙي چورڻ سان ئي، اِهي ڄاڙيءَ سان ڌڪ هڻن ٿا.”(چپن سان چڪ هڻن ٿا) اُنهن جي فقط هڪڙيءَ سٽ سان، فِيل مست ( هاٿي ) به جتي هوندو، اُهو اُتان چُرندو ئي ڪو نه !

واتان جني وِھُ وهي، سي آيا اوڳارين،
جي آرڻ ٻڌي آئيا، تان نانگ نه نهارين،
ڏنير تن ڏارين، ميل جني جي من ۾،
( اُهي نانگ ) جن جي واتن مان زهر ( وِھُ ) وهندو ٿو رهي، سي ڏنگڻ تي اچن، ته مورڳو ماريو ٿا وجھن، جي وڙهڻ جو مقصد ( ضد ) ڪري آئيا، ته اُنهن کي ٻيا نانگ به نظر نٿا اچن، اُهي زورآور نانگ، ٻين کي چِيريو وجھن، جن جي من ۾ دشمني واري ميرائي ۽ مندي موجود هوندي آهي،
معلوم ٿئي ٿو ته سُر“ڪارايل” ۾، هنجھن، مورن ۽ کپر ڪاريهر نانگن جي تمثيل سان، ڀٽائي صاحب، انساني اُمنگن، حسرتن ۽ خواهشن جو خوبصورت عڪس ويهي چِٽيو آهي.”سَرَ ۾ پکي هيڪڙو، پارهيڙي پنجاھ”،” ماڻڪ چُوڻو جن جو، هنجھ حُضوري سي”،” پکي ٻيا مچن، هنجھ سدائين ڏُٻرا”.
اهڙيءَ ريت، هنجھن کي ٻگھن سان دوستيءَ نه رکڻ جي دل واري صلاح، ڪاري ڪاريهرنانگ جي ڇيڙ ڇاڙ کان باز اچڻ جي سختيءَ سان هدايت ۽ کپر ۽ گاروڙين جي پاڻ ۾ ازلي دشمني ۽ وير جهڙا دل آويز داستان داخل ڪيل آهن.
معنوي پهلوءَ ۾ جھاتي پائي ڏسنداسين ته، هن سُر ۾، وحدت الوجود جو جلوو ۽ فلسفو پڻ جرڪندي نظر اچي ٿو، مثلا؛
سو پکي، سو پڃرو، سو سَرُ، سو ئي هنجھُ،
پيهي جان پروڙيو، مون پانهنجو منجھُ،
ڏيل جنهين جو ڏنجھُ، سو ماري ٿو منجھ وڙهي.
اسان کي شاھ جي سُر“ڪارايل” مان معنيٰ جا موتي حاصل ڪرڻ گھرجن، هي اُهو اعليٰ وکر آهي، جيڪو”وحده” جي وائيءَ ۾ سمايل آهي ۽”الست بربڪم” جي اُهڃاڻ ۾ آويزان آهي،