لطيفيات

شاھ لطيف جا ڇٽيھ سُر

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ محقق استاد لغاري جو لکيل آھي جنھن ۾ ھن شاھ لطيف جي شاعريءَ جي 36 سُرن جو تعارف ۽ فلسفو بيان ڪيو آھي. استاد لغاري لکي ٿو:
”هن ڪتاب لکڻ جو مقصد، حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڇٽيهن سُرن بابت، مفصل معلومات ڏيڻ آهي، ته ڪهڙي سُر جو نالو، ڪهڙي ٻوليءَ مان نڪتل آهي؟ ۽ ان لفظ جي لغوي معنيٰ ڇا آهي؟ ڪهڙي سُر ۾ ڪيترا بيت؟ ڪيتريون وايون؟ ۽ ڪيترا داستان شامل آهن؟ ۽ اهي سُر ڪهڙي راڳڻي ۾؟ ۽ ڪهڙي وقت (ٽائيم) تي ڳايا وڃن ٿا؟ وغيره. هي ڪتاب لسنرز دوستن لاءِ به هڪ ڄاڻ خزانو آهي. هر هڪ سُر جي تعارف کان پوءِ، چند بيت، انهن جون سمجھاڻيون ۽ فلسفا به بيان ڪيا ويا آهن، ته جيئن شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڇٽيهن ئي سُرن بابت، هر رخ کان روشني پئجي وڃي.“
Title Cover of book شاھ لطيف جا ڇٽيھ سُر

20. سُر” لِيلا” جو فلسفو

20. سُر” لِيلا” جو فلسفو

“ ليلا” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي،”راند روند”،”کيل تماشو”،”انگل آرو”،”ناز نخرو”،”ٺِينگ ٽپو”،”عيش و نشاط” ۽”چلولائي” وغيره،
هي شاھ جي رسالي جو حقيقي ۽ مجازي محبت تي آڌاريل، معنوي، سُلوڪ ۽ پڇتاءُ وارو سُر آهي. جنهن ۾ ليلا پنهنجي خطا تي پشيمان ٿي، چنيسر ڀتار کي، معافي لاءِ ليلائي ٿي.
ليلا، ديول ڪوٽ جي حاڪم، چنيسر سُومري جِي پٽ راڻي هئي. چنيسر سومرو، جنهن جو پاڙو”داسڙو” هو، سو اندازن 1288ع کان، 1306ع ڌاري، ديول ڪوٽ پرڳڻي تي حڪومت ڪندو هو. هي شهر مڪليءَ جي ويجھو، پيرپٺي جي آس پاس، بگھاڙ شاخ جي ڪنڌيءَ تي آباد هو، ليلا، چنيسر جي حسين و جميل راڻي هئي. جيڪا هميشه سُونهن ۽ سُهڻين شين تي هِرکندي رهندي هئي. چون ٿا ته ليلا جو چنيسر کي چيل هو ته”مون کي ٽي خطائون معاف ڪجانءِ”، چنيسر، ليلا کي سندس پرپٺ ۽ بنا چئو چوان جي، ٽي خطائون معاف ڪري چڪو هو.
اُنهيءَ ساڳي دور ۾، راءُ کنگھار نالي ڍٽ جو حاڪم هوندو هو، جنهن کي“ ڪونئرو” نالي هڪ خوبصورت نياڻي هوندي هئي. ڪونئرو جوان ٿي ته، چنيسر جي حسن جي هاڪ ٻڌي، اُن تي پرپُٺ عاشق ٿي. هڪ لڱا ڪونئرو ۽ سندس ماءُ وڻجارڪو ويس ڪري، چنيسر کي راضي ڪرڻ واسطي، اچي ديول ڪوٽ ۾ رهيون ۽ ليلا سان ملاقات ڪيائون. ليلا، ڪونئرو کي نوَ لکو هار پاتل ڏسي، دل هرکائي ويٺي ۽ ڪنهن به قيمت تي، اُهو هار حاصل ڪرڻ لاءِ حيلا هلايائين. ڪونئروهڪ شرط تي هار ڏيڻ جي”ها” ڪئي ته تنهنجو ور چنيسرداسڙو هڪ رات جي لاءِ منهنجو ٿيندو ته هي هار آئون توکي ڏينديس. ليلا اهو شرط مڃي ورتو ۽ چنيسر کي نشو پياري، ڪونئرو جي حوالي ڪري ڇڏيو. صبح جو جيئن ئي چنيسر جي اک کُلي، ته ٻيو مامرو ڏٺائين. ڪونئرو، چنيسر کي چيوته” توکي ليلا هڪ هار جي عيوض منهنجي حوالي ڪيو آهي ۽ اڄ کان اڳتي تون منهنجو آهين”. چنيسر کي غيرت آئي، پنهنجو ملھ هڪ مڻيي برابر ڏسي، ليلا کي محلات مان تڙي ڪڍيائين. ليلا پهرين غلطي سمجھي، معافي جي تقاضا ڪئي، پر چنيسر پار پتا ڏيئي، اهو ثابت ڪيو ته اها تنهنجي چوٿين ۽ آخري غلطي هئي. اِن ڪري هاڻي هتان هلي وڃ. ليلا ليلايو، ٻاڏايو، اڳيان عاجزيون ۽ ڪورنشون ڪيائين، پر چنيسر سُهاڳڻ کي سِگھو ئي ڏهاڳ ڏنو،

ٿِڙڪي پسي ٿوڪ، تِرڪي تڪبر ۾ پيئي،
اچيو اچيو”اگلي” چئي، ليلا کي لوڪ،
اندر اوڀالن سين، ساڙي ڪيائونس سوڪ،
ٻالاپڻ جو ٻوڪ، وئو ويچاريءَ وسري!
سنڌي موسيقيءَ جي روايت ۾، گھڻي وقت کان وٺي، ويندي اڄ تائين، ليلاچنيسر جي موضوع واريون ڪافيون” سنڌي جوڳ” واري راڳڻي ۾ ڳايون وڃن ٿيون،
هي شاھ جي رسالي جو ويهون نمبر سُر آهي. جنهن ۾ 64 بيت، 4 وايون ۽ 4 داستان شامل آهن هن سُر جو پهريون بيت” داغ تنهنجو دائما ! ماري معذوري” ۽ آخري وائي” آءُ پرين ! گھر پيهي، ميان چنيسر ! هارُ هٿان مون ڇڏيو” آهي،

بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون

مڻيون وجھان مچ ۾، هائيءَ هڻان هار،
ڀري جي ڀتار، ته ميريائي مانُ لهان.
هيءُ هار باھ جي ٻرندڙ بڀڙ ۾ اُڇلي ڇڏيان ۽ دهڪندڙ ٽانڊن ۾ وڃي هڻان، جي منهنجو محبوب ورُ، راضي ٿي وري واپس موٽي اچي، ته آئون ميري ۽ مندي هوندي به، مان ۽ شان واريءَ ٿي پوان،

مڻيي اُتي موهجي، هاري ! ڳيڙُءِ هار،
ڪوڙيين ڪئا ڪيترا، اِنهينءَ خر خُوار،
ڀِري وئو ڀتار، آيُئي ڏنءُ ڏُهاڳ جو.
اي هارايل موڳي ! انهيءَ ڪُوڙي مڻيي تي موهجي، تو وڃي هار ۾ هٿ وڌو، انهيءَ خراب ( گڏھ جهڙي ڪوجھي ۽ ڪُوڙي ) مڻيي، ڪروڙين ڪروڙ (انسان) خُوار، بدنام۽ ذليل ڪري ڇڏيا، تو کان تنهنجو ور مٽجي ( ڦري ٻئي جو ٿي ) ويو، تنهن ڪري ئي ته توکي، ڏُهاڳ جي آڳ واري وڏي مچ ۾ جلڻو پيو.

هُيسِ گھڻو هُشيار، پر ڪل نه پييم ڪانڌ جي،
مون ڀانيو موچاري ٿيان، هنيين وجھي هار،
ڪانڌ ڪُوڙيءَ جو نه وڻيو، سَئين ڀَتين سينگار،
وهم لهي وينجھار، ٿو دليون پرکي داسڙو.
آئون ته بيشڪ ! وڏي هُشيار هُئي، پر مون کي منهنجي ڪانڌ ( چنيسر ڄام ) جي ڪل ئي ڪا نه پيئي، مون سوچيو ته” هنيين جي مٿان هار پائي، خُوبصورت ۽ سُهڻي ٿي ٿيان”. مون ڪُوڙيءَ جو ڪيل، طرحين طرحين وارو ٺاھ جوڙ، منهنجي ڪانڌ کي قطعي ڪو نه وڻيو ! وڏو پارکو پرين، ته اندر جا ارادا به پروڙي ٿو وٺي ۽ چنيسر داسڙو ته دليون به پرکي ٿو وٺي،

ٿِڙڪِي پسي ٿوڪ، ترڪي تڪبر ۾ پئي،
اچيو اچيو” اگلي!”، چئي ليلا کي لوڪ،
اندر اوڀالن سين، ساڙي ڪيائونس سوڪ،
ٻالاپڻ جو ٻوڪ، ويو ويچاريءَ وسري.
ليلا، ڪا قيمتيءَ شئي ڏسي ٽڙي پيئي، تڪبر ۾ پئجي، ترڪي وڃي نظرن کان هيٺ ڪري هاڻِ ته سارو لوڪ اچي ٿو ليلا کي چوي،” اڙي ! تون ته گدلي ۽ صفا گنهگار آهين”. هن جو اندر، مهڻن ۽ طعنن سان تپائي، جلائي، ساڙي، سوڪ ( ڪرڙئون ) ڪري ڇڏيو اٿن، هاڻِ ته ڦوھ جوانيءَ وارو جذبو ۽ شوق، ويچاريءَ کان صفا وسري ويو آهي،

وڏيري هُياسِ، ميڙو مون ڳرِ سرتيين،
هٿ ڇُهڻ سين هار جي، ڪڙي ڪانڌ ٿياس،
ڍولي ڍيلياس، آيُمِ ڏنءُ ڏُهاڳ جو،
آئون وڏي وڏيري هئي، مون وٽ منهنجي گھر ۾، سُهڻين سرتين جو، سدائين ميڙو متل هوندو هو، هار کي رڳو هٿ لائڻ سان ئي، پنهنجي پياري ڪانڌ لئي آئون قهر جهڙي ڪڙي ٿي پيئي آهيان، مون کي چنيسر ڍول ڍيلي کڻي پري ڪيو، تڏهن مون تي ڏُهاڳ جي آڳ جو، آڙاھ ٻري پيو آهي،

لکين ليلائون، چنيسر جي راڄ ۾،
ٻيون سڀ سگليون، اگلي آئون،
صدق صدائون، ڪهڙيون ڪريان تن سين ؟.
چنيسر ڄام جي بادشاهي ۽ راڄ ڀاڳ ۾، ٻيون به لکين ليلائون رهن ٿيون پيون، اُهي سڀيئي سُهڻي اخلاق ۽ خلوص واريون آهن، فقط هڪ آئون ئي ميري ۽ مندي آهيان، صدق ۽ سچائيءَ واريون دعوائون، آئون ڪهڙيون ويهي اُنهن سرتين جي اڳيان ڪريان ؟.

اوڳڻ ڪري اپار، تو در آيس داسڙا!
جيئن تو رُسڻ سنديون روح ۾، ته مون ڀيڻي ناھ ڀتار!
سائينءَ لڳ ستار، ميٽ مدايون منهنجيون.
اي چڱا چنيسر داسڙا ! مون تمام گھڻا اوڳڻ ۽ ڪوجھا ڪم ڪيا، پر پوءِ به تنهنجي در تي هلي آئي آهيان، اي منهنجا گھوٽ ! جي تنهنجي روح ۾، رُسڻ واريون رمزون موجود آهن، ته منهنجي پُڄڻ ڀيڻيءَ ناهي، اي عيب ڍڪيندڙ ! الله پاڪ جي واسطي ! منهنجي مداين ۽ ڪچاين تي کڻي پردو رک،
ڀٽائي رحه پنهنجي ڪلام ۾، ليلا جي تمثيل سان، انساني خطائون ڏيکاري ٿو ۽ وري اُنهن جي بخشش ۽ معافي جي لاءِ، مالڪ مهربان وٽان، ٻاجھ ۽ مهر جو متقاضي پڻ آهي.”اگلي آئون، ڍولا!مون نه پروڙيو.”“مون کان تان پيئي، تون کم کانديلا سُپرين!”“ ايءَ پرين! تنهنجي پت، جيئن ولهيون ڍڪين ولها !” رسالي جي ڪلام ۾، هڪ هنڌ لکيل آهي،” توکي تڙي ڪير؟ تون ڪا تڙڻ جهڙي! وڌم توسان وير، من! سِکن ٻيون سُهاڳڻيون.” ليڪن حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه پنهنجي ڪلام ۾ فرمائي ٿو ته” توڻي ڏي نه ڏي، توءِ منهنجو ولهو، آئون تنهن ڀلي کي، پاڻ پرنيان ڪيترو؟”.