6. سُر “سامونڊري” جو فلسفو
هي شاھ جي رسالي جو بظاهر مجازيءَ محبت وارو سُر آهي، البت اُونهائيءَ ۾ وڃڻ کان پوءِ، هن سُر ۾ حقيقت جا اشارا به ملن ٿا، جهڙوڪهِ؛
حاصل ڪريين حاج، واحد ! وڻجارن جي.
کارو تني کي، جيڪس وھ وري ويو.
سامونڊري جڏهن وڻج واپار سانگي، سڙھ سنڀالي، ٻيڙا ٻار ۾ ڇوڙي، سڻائي سفر تي هليا ويندا هئا، ته پويان اُنهن جون پياريون گھرن واريون، ورن جي خيرسلامتيءَ سان واپس ورڻ لاءِ، سالن جا سال اوسيئڙي ۽ انتظار ۾ هونديون هيون، ڳوڙهن سان ڳل پُسائينديون، سيَڪارا ۽ سُڏڪا ڀرينديون، ڪانڌن لاءِ ڪُونجن وانگر ڪُڻڪنديون، ڦوڙائي، فراق ۽ وڇوڙي جا وڍ سهنديون رهنديون هيون،
آيل ! ساريو اُن کي، اوڇنگارون اچن،
سرتيون ! سامونڊرين جا، اڄ پڻ چڪيم چاڪ،
مون سِر اُٺا جيڏيون ! سندا محبت مينهن،
لطيف جي سُر سامونڊري ۾، جتي وڻجارن ۽ وائٽين، لهرين ۽ لعلن، مهراڻ ۽ موجن، ملاح ۽ مُعلمن، ڇتر ۽ ڇوهن، سِڙھ ۽ سُکاڻين، پڳھ ۽ پاتڻين ۽ درياھ ۽ دنگين جو ذڪر اچي ٿو ته اُتي، سامونڊرين جي سنگت لاءِ، تڙن تي تڪيندڙ آسائتين البيلين عورتن جي انتظارين ۽ اشڪبارين جا انوکا انداز ۽ مثال پڻ مطالعي جي لاءِ ملن ٿا، سُر “ سريراڳ ” ۽ سُر “ سامونڊري ” هڪٻئي جا ساٿي سُر آهن، فرق فقط ايترو آهي جو “ سريراڳ ” ۾ حقيقي ۽ معنوي ماحول جو مضمون سمايل آهي ۽ “ سامونڊري ” ۾ وري بظاهر مجازي محبت وارو مانڊاڻ منڊيل آهي،
سُر “ سامونڊري ” يقيني طور مقامي سُر آهي، سنڌ جو اهو آڳاٽو راڳ هاڻي فقط “ شاھ جي راڳ ” ۾ ئي سلامت وڃي بچيو آهي،
هي شاھ جي رسالي جو ڇهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 128 بيت 6 وايون ۽ 4 داستان شامل آهن، هن سُر جو پهريون بيت “ کُوها ڪالھ کڻي، وڌائون اُتر آسري ” ۽ آخري وائي “ هُوءِ جا ويا هڻي، آئون تنهن جڙ جڏي ڪِي ” آهي،
[b]بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
[/b]
لڳي اُتر هير، سامونڊرين سڙھ سنباهيا،
ننگر کڻي ناکُئا، ٿيا سڻائي سير،
هنيڙي نت اُڪير، کاري کيڙائُن جي،
جيئن ئي اُتر جي هير لڳي، ( گھُلي ) تيئن ئي سُهڻن سامونڊرين، ٻيڙن تي ٻڌڻ لاءِ، سڙھ تيار ڪيا، ناکئا ( ٻيڙيون هلائيندڙ ) ننگر کڻي، سڻائي ۽ سولي سير تي روانا ٿي ويا، منهنجي هينئڙي کي، کاري سمونڊر ۾ سفر (هلچل ) ڪندڙن جي، هر هر سڪ ۽ اُڪير لڳل آهي،
دنگي منجھ درياھ، ڪِين ٻُڏي ! ڪِين اُپڙي !
هُو جي واڍي واڻيا، سي سُونهڻ سڀ سڙيا،
مُعلم ماڳ نه اڳيين، فرنگيءَ منجھ ڦريا،
ملاح ! تنهنجي مڪڙي، اچي چور چڙهيا،
جتي ڍينگ ڍريا، تتي تاريءَ تنهنجي،
ٻيڙيءَ درياءُ جي لهرين جي اندر، نڪين ٿي ٻُڏي ! نڪين ٿي تري ! ڪاٺ جا پڪا ۽ پُختا تختا، جيڪي واڍي ٺاهي ٺوڪي ڀچائيا هئا، انهن ۾ لڳل ڪاٺيءَ جا ڪِل بُٿا ( ڪمزور ) ٿي ويا آهن، ديسي ناکئا، اڳيين ماڳ تي ناهن، هاڻي فرنگي ( يُورپي انگريز ) اُن پاڻيءَ ۾ پيا هلچل ڪن، اي ناکئا ! ( خبردار ! ) تنهنجي ٻيڙيءَ تي، چور چڙهي آيا آهن، ( اي الله سائين ! ) جتي پاڻيءَ جا وڏا ڇول اچي ڇُليا آهن، اُتي آسرو فقط تنهنجو ئي آهي،
ٿي ڏياري ڏيٺ، ڍوليو هلڻ جي ڪري،
مکيو پنهنجي مڪڙي، چيٺي چڱيءَ چيٺ،
رُئان رهن نه سُپرين، جان ڪين جھليان بيٺ،
مون سين ڪري ميٺ، سڄڻ سفر هليا،
ڏياريءَ وارو مهينو ڏٺو آهي، منهنجو محبوب پرين، هلڻ جي تياري بيٺو ڪري، پنهنجي مڪڙيءَ کي ( تيل ) مکيو، چڱيءَ ريت بيٺو چيٺي، (پُوريءَ طرح سنڀالي تيار ڪري ) روئان، منٿون ۽ حيلا ڪريان، محبوب تِل نٿا ترسن، توڙي جو اُنهن جي چيلھ واري ڪمرپٽي کي، سوگھو ڪري ٿي جھليان، مون سان محبت واريون مٺڙيون مٺڙيون ڳالهڙيون ڪري، منهنجا محبوب پرين، نيٺ سفر تي روانا ٿي ويا آهن،
اڄ پُڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جيون،
هلڻ هارا سُپرين، رُئان تان نه رهن،
آئون جھليندي ڪيترو ؟ آيل ! سامونڊرين،
پڳھ ڇوڙي جن، وڌا ٻيڙا ٻارِ ۾،
اڄ وري پيا پاڻ ۾ صلاحون ڪن، وڻجارا واپار لئي پرديس وڃڻ جيون، هي پرديس وڃڻ وارا سُهڻل سُپرين، جي زاروزار روئان ٿي، ته به وڃڻ کان ڪو نه ٿا مُڙن، اي منهنجي مٺڙي امڙ ! آئون ڪيستائين روڪي روڪيندي ڀلا ؟ اُنهن سُهڻن سامونڊرين کي، جن پڳھ جا رسا ڇوڙي، کڻي پنهنجا ٻيڙا اُونهي اوڙاھ عميق سمونڊر ۾ اُتاريا آهن،
اسان اُڌارا ، آڻي آونگ چاڙهيا،
منهن ڏيئي مون آئيا، سَمهان سيارا،
اُڀَرَنِ سِيَڪارا، پسيو ور ٻين جا،
اسان سُڪل مڇيءَ جا ٽڪرا ( ٻيرا ) اُڌارا آڻي، ( گذاري خاطر ) چُلھ تي چاڙهيا آهن، مون ولهيءَ کي، سخت سياري وارا ڏاڍا ڏکيا ڏينهنڙا، اکيون ڏيکاريندا آئيا، ٻين سرتين جا ور، پنهنجي پنهنجي گھر پهتل ڏسي، منهنجيءَ سرير مان، سيسڙاٽ نڪريو ٿا وڃن،
اڳينءَ جان آئون، جر پلءُ ٿي پائيان،
ته آيل!وڻجارن جيون، ٿيون ڌئنڪن ڌڄائون،
منجھان روح رءِ ٿيا، مُحمدُ مڃيائون،
پُنِيُنِ مُدائون، کنڊ کيڙائُو آئيا،
اڳينءَ نماز ( ظُهر ) جي وقت، جيئن ئي آئون سٽاڻي سمونڊر کي ڀيٽا (مڃتا ) ڏيڻ جي لئي ويئي، ته اي منهنجي مٺڙي امڙ ! ( آئون ڏسان ته ) وڻجارن جي ٻيڙن جون، کُوهن مٿان ٻڌل رنگ برنگي جھنڊيون، پري کان ٿورو ٿورو نظر پيون اچن، منهنجا سهڻا سامونڊري روح اندر رچي، صفا سچا ٿيا ۽ حضرت مُحمد مصطفيٰ صلي الله عليه و آله وسلم تي پاڪ ڪلمون پڙهيائون، اُنهن جي من جون مرادون پُوريون ٿيون، کاري سمونڊر جا کيڙيندڙ ( جھاڳندڙ ) خيرسلامتيءَ سان اِجھو موٽي آئيا،
سُر “ سامونڊري ” پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جا سامونڊري سوداگر، جڏهن لنڪا، جاوا ۽ سُماترا وغيره ملڪن ڏانهن، وڻج ۽ واپار سانگي هليا ويندا هئا، ته پويان اُنهن جيون پياريون، سندن اوسيئڙي ۽ انتظار ۾، وڇوڙي جا وڍ سهنديون هيون، سندن خيرسلامتيءَ سان وري واپس ورڻ جي لاءِ، سٽاڻي سمونڊر تي اچي اکا ۽ باسون باسينديون هيون،
البت جڏهن انهن جا پيارا پرديسي ۽ کاري کيڙائُو، اَمُل اَتوريا آڻي، پنهنجي اڱڻ تي ڍير لائيندا هئا، ته اُها وير ۽ خوشيءَ جي گھڙي، ڏسڻ جهڙي هوندي هئي،
ماءِ ولاتي موٽيا، تڙ ٿا توارين،
وايون وڻجارن جيون، جيءَ کي جيارين،
کليو کيڪارين، جن سيڻ سلامت آئيا،