13. سُر”ڏهر” جو فلسفو
“ڏهر” هندي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي،”هيٺاهون ميدان” (جتي پاڻي گڏ ٿئي)،”ٻن واريءَ جي دڙن جي درميان ٺهيل ماٿري” يا”بيتن جو هڪ قسم” (جن کي دُعا يا ذڪر خاطرپڙهيو وڃي).”ڏهر” لفظ جي ٻي معنيٰ،”ڏاھ”،”خبرچار”،”سُڌسماءِ”،”اُهڃاڻ” يا”ڏس پتو” به آهي،
هي شاھ جي رسالي جو معنوي پهلوءَ وارو حقيقت تي آڌاريل سُر آهي، جنهن ۾ الله پاڪ جي ساراھ سان گڏوگڏ، پن جو پاتال ۾ ٻُڏڻ، پاهڻ جو پاڻيءَ ۾ ترڻ، مانجھاندي جي ماڳ کي ساڻيھ سمجھڻ، ڪنڊي ۽ ڍور ڌڻين جون ساروڻيون سلڻ، سانگن جو گاھ سُڪي وڃڻ، ڪنڌيءَ اڪ ڦُلارڻ، پٽيهل ۾ پاڻيءَ جو لهي وڃڻ ۽ ڪنڌيءَ جو ڪائو ڏيڻ جهڙن عنوانن جو احاطو ڪيل آهي. مثلا؛
ڪنڊا ! تون ڪيڏو ؟ جڏهن ڀريو ڍور وهي،
جسوڌڻ جيڏو، تو ڪو ڏٺو پيڙو ؟
هن سُر ۾، اڳئين وقت جي هڪ حاڪم، جسوڌڻ راءِ جو ذڪر به ملي ٿو، ته ڄام لاکي ڦُلاڻيءَ جي لوڙين هڻڻ ۽ مسڪينن جي مدد ڪرڻ جو احوال به موجود آهي، اوڏن، جاڙيجن، جتن، ڍاٽين، ريٻارڻن، سمن ۽ سنگھارن جي سار سنڀار به لڌل آهي، ته ماريءَ جي ميرن ڪپڙن، بغل منجھ بندوق، روھ ۾ راماڻن ۽ ڪُوجن جي ڪُڻڪاٽن جو قيمتي پهلوءَ به سمايل آهي.
ماريءَ ميرا ڪپڙا، بغل منجھ بندُوق،
ماريو مير ملوڪ، لتاڙيو لڪين چڙهي.
حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي وقت ۾ هلندڙ سُر”ڏهر” جِي ڪنهن خاص لئي کي”راڳ” جو درجو ڏنو ويو. جيڪو”شاھ جي راڳ” جو حصو بنيو. بطور راڳ جي، سُر”ڏهر”، هن وقت تائين، فقط شاھ جي راڳ ۾ ڳائجي ٿو. هي شاھ جي رسالي جو تيرهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 108 بيت، 4 وايون ۽ 5 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت” اللهُ! جيئن نالوءِ، تيئن مون وڏو آسرو” ۽ آخري وائي” منهنجي ننڊ نه نيڻن وو! ڪالهون پوءِ لڪن ۾” آهي،
بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
جيڏو تنهنجو نان، ٻاجھ په اوڏيائي منگان،
ري ٿنڀين، ري ٿوڻيين، تون ڇپر، تون ڇان،
ڪُڄاڙو ڪهان ؟ توکي معلوم سڀڪا،
(اي منهنجا مالڪ !) جيڏو وڏو ۽ سُهڻو تنهنجو نالو آهي، آئون توکان ٻاجھ، مهر ۽ بخشش به اوڏي ئي وڏي گھُران ٿو. ٿنڀن کان سواءِ، ٿُوڻين کان سواءِ، تون ڇپر به آهين ۽ تون ڇانهن به آهين. وڌيڪ ڪهڙو حال بيان ڪري ٻُڌايان؟ هر شئي توکي پاڻهي ئي معلوم آهي. (هر ڳالھ جي توکي خبر آهي)
صاحب ! تنهنجي صاحبي، عجب ڏٺي سُون !
پن ٻوڙين پاتار ۾، پهڻ تارين تون،
جي گھر اچين مون، ته ميريائي مان لهان،
اي منهنجا مالڪ سائين ! تنهنجي مالڪيءَ ( بادشاهيءَ) اسان عجب جهڙي ۽ حيرت ۾ وجھندڙ ڏٺي آهي. اُونهي اوڙاھ پاڻيءَ ۾، هلڪڙو پن ٻوڙيو ڇڏين ۽ ڳرو پٿر پيو تارين تون، جي منهنجي گھر اچي مهر ڪرين، ته آئون گنهگار به مانائتي ٿي پوان،
جان تو هئڙو سور، ڪنڊا ! ڍورڌڻين جو،
مٿي لامن ٻُور، هوند نه چاڙهيئي هيترو !
اي ڪنڊي جا جھُونا وڻ ! جي ڍورڌڻين جي جدائيءَ جو، توکي پنهنجيءَ دل ۾، ذرو به درد ۽ سُور هجي ها، ته پنهنجي ٽارين مٿان، ٻُور، گُل ۽ گونچ، جيڪر ايترو ججھو ڦُٽائي ۽ جھلي ڪو نه بِيهين ها !
ڇِنل ڇڄ هٿن ۾، ڪُلهن ڪوڏارا،
پورهئي ڪارڻ پيٽ جي، اُٿين سوارا،
اوڏ په ويچارا، لاکا ! وڃن لڏيو،
ڇِنل، ٽُٽل ۽ پُراڻا ڇڄ هٿن ۾ اٿن ۽ ڪوڏرون رکيل اٿن ڪُلهن تي، (اُنهن ويچارن جا پار پتا اِهي جو) پنهنجي پيٽ گُذران لاءِ، هُو هميشه صبح جو سويري اُٿن ٿا، اي لاکا ڄام! اِهي اوڏ ويچارا، هاڻي تُنهنجي لوءِ مان، لڏيو ٿا وڃنئي !
وِڙهي ويل سڀڪنهين، لاکو لوءِ بلوءِ،
ڪرڳل ڪندو ڪڇڙي، پرھ ڦُٽيان پوءِ،
حيفُ! تنين کي هوءِ، جن اَڻ سنڀُوڙي آئيو.
لاکوڦُلاڻيءَ هر وقت وڙهندو وتي ٿو، ڳوٺ ڳوٺ ۽ ڍاڻيءَ ڍاڻيءَ، وڏي گوڙ گھمسان سان، ڪڇ تان حملو ڪندو رهي ٿو، باک ڦُٽيءَ مهل کان پوءَ، تن کي حيف هجي! جن جي مٿان، اَڻ سنبريل حالت ۾ حملو ڪيائين، (جن اڳ نه سنڀاليو ته هُواچي ٿو)
جھِڄان پسيو جھوڪ، آيل ! سنگھارن جي،
جن ٿي پَهِي پِياريا، منجھان مٽن موڪ،
لڏي وچان لوڪ، اُٺي وِئڙا اُڪري،
اي منهنجي مٺڙي امڙ ! آئون سُهڻن سنگھارن جا، خالي وٿاڻ ۽ ڀاڻ ڏسي، ڏُک ۾ جھِڄيو ۽ جھُريو ٿي پوان، جن سچن سنگھارن، کير، لسي ۽ ججھي ڏُڌ منجھان مٽ ڀري، اڳي ٿي اُڃايل مسافر ۽ واٽهڙو پياريا، اُهي ويچارا، وڏي وسندڙ ڳوٺن مان لڏي، هاڻِ وسڪاري واري طرف هليا ويا آهن،
ڇڏيو ڇپر وٽ، رڙهيو ريجاڻِي چُڻين،
ڪُهي ڪيناري چاڙهيون، پيون وڪامن هٽ،
تو سر مٿان سٽ، ڏيهاڻي ماري ڪري،
(اي ڪُومل ڪُونج ! تون) روھ جبل جو ڪنارو(وٽ) ڇڏيو، جتي ريڄ واري زمين آهي، اُتي وڃيو ٿي چُڳين ! (تو جهڙيون تنهنجيون ڀينر ڪُونجون) ماريءَ ماري، ڪُهي، وڃي ڪاٺيءَ (اڏيءَ) تي چاڙهيون آهن، اِهو مارِي، توکي به مارڻ لاءِ، روزانو ٿو (وجھ ڳولي ۽) تو تي جُلھ ۽ حملا ڪري،
وڳر ويا وهي، ڪالھ تنهنجا ڪُونجڙي !
ڪندينءَ ڪوھ رهي ؟ سَر ۾ سُپيرين ري،
اي ڪُومل ڪُونجڙي ! تنهنجي سُهڻين ساٿين جا، سارا وڳر، وطن ڏانهن واپس وري ويا آهن، تون پنهنجي جوڙيءَ وال ساٿي کان سواءِ، هن سَر (علائقي) ۾ ترسي ڇا ڪندينءَ؟.
هي شاھ جي رسالي جو تاريخي اُهڃاڻن سان ڀرپور سُر آهي. جنهن جي داستانن ۾، غفلت بدران بيداريءَ کي اهميت ڏنل آهي. ٻئي داستان ۾، پٽيهل ڍوري جو پاڻيءَ گھٽجڻ ۽ جسوڌڻ راءِ جواُتان کان گُذري وڃڻ جو احوال اوريل آهي. هن سُر ۾، سمي سردار ڄام لاکي ڦُلاڻي جي ڦُرن، ڳُڻن ۽ ڳالهين بابت پڻ ورق ورايل آهن. ڪٿي ڪٿي سُهڻن سنگھارن ۽ مالدار ماڻهن جو هڪٻئي سان گڏ گذارڻ ۽ صلح سانت ۾ رهڻ وارو طريقو ۽ اُصلوب آويزان ڪيل آهي. هن سُر جي آخر ۾ وري ڪُونجن تي ڪهل ڪرڻ ۽ انهن کي نه مارڻ جي ترغيب پڻ ڏنل آهي، ڪُونجن کي اها پڻ صلاح ڏنل آهي ته اوهين جبل جي وٽ ۾ پري پري وڃي چوڳو ڳوليو پر ريجاڻي ( آبپاشي ) واري علائقي ۾ نه اچو، ڇو جو اُتي ماريءَ ميرا ڪپڙا پايو، بغل منجھ بندوق کنيو ٿو ڦِري !
هن سُر ۾، تاريخي حقيقتن سان گڏوگڏ، هدايتون ۽نصيحتون پڻ نمايان نظر اچن ٿيون، جن تي عمل ڪرڻ سان، انسان فلاح ۽ ڪاميابيءَ پڻ ماڻي سگھي ٿو.