لطيفيات

شاھ لطيف جا ڇٽيھ سُر

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ محقق استاد لغاري جو لکيل آھي جنھن ۾ ھن شاھ لطيف جي شاعريءَ جي 36 سُرن جو تعارف ۽ فلسفو بيان ڪيو آھي. استاد لغاري لکي ٿو:
”هن ڪتاب لکڻ جو مقصد، حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڇٽيهن سُرن بابت، مفصل معلومات ڏيڻ آهي، ته ڪهڙي سُر جو نالو، ڪهڙي ٻوليءَ مان نڪتل آهي؟ ۽ ان لفظ جي لغوي معنيٰ ڇا آهي؟ ڪهڙي سُر ۾ ڪيترا بيت؟ ڪيتريون وايون؟ ۽ ڪيترا داستان شامل آهن؟ ۽ اهي سُر ڪهڙي راڳڻي ۾؟ ۽ ڪهڙي وقت (ٽائيم) تي ڳايا وڃن ٿا؟ وغيره. هي ڪتاب لسنرز دوستن لاءِ به هڪ ڄاڻ خزانو آهي. هر هڪ سُر جي تعارف کان پوءِ، چند بيت، انهن جون سمجھاڻيون ۽ فلسفا به بيان ڪيا ويا آهن، ته جيئن شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڇٽيهن ئي سُرن بابت، هر رخ کان روشني پئجي وڃي.“
Title Cover of book شاھ لطيف جا ڇٽيھ سُر

34. سُر“بَيراڳ هندي”جو فلسفو

34. سُر“بَيراڳ هندي”جو فلسفو

“بَيراڳ هندي”ٻن ڌار ڌار لفظن جو مرڪب آهي، اهي ٻيئي لفظ سنسڪرت ٻوليءَ مان نڪتل آهن.”بَيراڳ”لفظ جي لغوي معنيٰ آهي“ويراڳ”،”سنياس”،”غمگيني”،”اُداسائي”،”مايوسي” يا”وڇوڙو” وغيره.”هندي” لفظ جي لغوي معنيٰ آهي”هندوستان وارو”. ٻنهيءَ لفظن کي ملائي، هڪڙو لفظ ٺاهبو ته ان جي معنيٰ ٿيندي”هندوستاني ويراڳ”. هن سُر ۾ ڪيترن ئي شاعرن جا دوها ۽ بيت شامل آهن. جيڪي ويراڳ ۽ وڇوڙي واري مذڪور کي منور ڪن ٿا. البت انهن دوهن ۾، نصيحتن ۽ ڀڄنن جو وڏو ڀنڊار ڀريل آهي.”مورک ڪو متيان ديتي، گيان ڪاٽا جاءِ، ڪوئلا ڪڀون نه اُجلي، جي سَو من صابن لاءِ.” جڏهن هن سُر جي درديلي ۽ ويراڳي دوهن تي اينداسين ته انهن جو رس ۽ چس ئي ٻيو ۽ اَور نموني جو آهي.
ساجن هماري پاس رهي، دن ٿوڙي دس بيس،
ايڪ ايڪ هووي لاک برس ڪا، ايسي هوون دن تيس.
ڪاگر ٿوڙا، نينهن گھڻا، مس سُون لکا نه جائي،
ساگر ڪا پاني، گھاگھر ۾ نه سمائي.
هڪ دوهي جي معنيٰ آهي ته” چمار جي گھر چندن جو ٻُوٽو اُگيو(پيدا ٿيو)، ته چمار ان تي هر هر وڃيو چمڙو (ڇوڙو) ٽنگي. چندن ويچارو ڇا ڪري؟ جو هاڻي ته هن جو نيچ ماڻهوءَ سان ڪم ڦاسي ويو آهي”. اها انسان جي لاءِ، هڪ وڏي نصيحت آهي ته اگر انسان ڪنهن خراب (ڪُڪرمي) ماڻهوءَ سان دوستي رکندو يا نيچ ماڻهوءَ سان نينهن لڳائيندو ته ان تي به اهڙو ئي اثر ٿي ويندو ۽ اهو هر هر پيو ان وٽ بيمانو ٿيندو.
راڳ جي لحاظ سان، سُر“بَيراڳ هندي” اُهو سُر آهي، جنهن ۾ ويراڳ( يعني برھ ۽ وڇوڙي) وارا درديلا آلاپ اُچارجن ۽ ڳائجن ٿا.”بَيراڳ هندي” شاھ جي رسالي جو چوٽيهون نمبرسُر آهي، جنهن ۾ 161 بيت، 10 وايون ۽ 4 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت” پَک نهين، پانور نهين، پَهُچ نهين، پِيَّ دور” ۽ آخري وائي” ايڪ هي رَين رهو بابو ! دوجي رات رهو” آهي.

بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون

پک نهين، پاور نهين، پَهُچ نهين، پِيَّه دُور،
اُڏر نه سڪان سکيان! مران سُور بَسُور.
مون کي کنڀ به نه آهن، طاقت ۽ زور به ڪونهي، پهچڻ جو وسيلو به ناهي ۽ منهنجو پيارو پرينءَ به دور رهي ٿو، اي منهنجيون سهڻيون سرتيون! آئون اُڏامي به نه ٿي سگھان، بس سورن مٿان سور سهيو پئي ڦٿڪان.

ساجن گئي، دو دن ڀئي، مين جانو ورس پچاس،
ڀولي پڇي پنڊتان،”دن مين ڪتني ماس؟”.
منهنجو سهڻو ساجن هليو ويو، جنهن کي ٻه ٽي ڏينهن ٿيا آهن، آئون سمجھان ٿي ته پُورا پنجاھ سال گذري چڪا آهن، آئون بيوَقوفن وانگر پنڊتن کان پڇندي وتان ته،” هڪڙي ڏينهن ۾ ڪيترا مهينا ٿيندا آهن؟”.

چمار ڪي گھر چندن گيا، نِت نِت ٽانڪي چام،
چندن بچارا ڪيا ڪري؟ جب چرا نيچ سين ڪام.
چمار(ڊيڍ) جي گھر(اڱڻ تي) چندن جو ٻُوٽو اُگيو، (ڄميو يا پيدا ٿيو) چمار اُن چندن جي ٻُوٽي تي، وري وري وڃيو ڇوڙو ٽنگي، چندن ويچارو ڇا ڪري؟ ڇو جو هاڻي ته هُن جو نيچ (ڪم ذات) سان واسطو پئجي ويو آهي.

پِي پِي ڪر نه پپيها! پيّه ڪا نام نه لي،
مت ڪو وادي هو برھ ڪا، جو پيّ سُني جيءَ دي.
اي پپيها! تون هر هر”پِي پِي” نه ڪر، منهنجي پيَّه جو نالو نه وٺ!متان ڪو برھ جو بيمار هجي؟ جيڪو پِي جي ٻولي ٻُڌي ۽ سندس ساھ نڪري وڃي.

بِرھ بُرا مت ڪو ڪهي، برھ هئي سُلطان،
جس گھٽ برھ نه سپجي، او گھٽ هئي مسان.
عشق کي خراب ڪير به نه سمجھي، عشق آهي سراسر سُلطان(بادشاھ)، جنهن جاءِ تي عشق ۽ پيار ڏسڻ ۾ نه اچي، سمجھو ته اُها جاءِ، ڦِٽل قبرآستان آهي.

مرنا مرنا هر ڪوئي ڪهي، مرِي نه جاني ڪوءِ،
ايڪ وار ايسا مرِئي، جو ڦر نا مرنا هوءِ.
مرڻ جون ڳالهيون ته هر ڪو ئي ڪري ٿو، پر ڪير به مري ڪو نه ٿو ڄاڻي، هڪ دفعو اهڙي ريت مري وڃجي، (من کي ماري ڇڏيو) جو پوءِ وري (اوهان کي) مرڻو ئي نه پوي.

ساجن ميرا ايڪ هئي، دوجا ڪرون نه ڪوءِ،
دوجا ساجن تب ڪرون، جب ڪل دوجي هوءِ.
منهنجو سهڻو ساجن ته هڪڙو ئي آهي، آئون ٻيو ڪو به (ساجن) ڪو نه ڪندي، ٻيو ساجن تڏهن ڪريان، جڏهن خيال ڪو ٻيو پيدا ٿئي.

سڀ جڳ ٻانڌا ڪاچي ڌاڳي، ڪو ئي ورلا ڇُوٽا،
اَوجھڙ چليا سو گام پهتا، راھ چليا سو لُوٽا.
سارو جڳ جهان ڪچي ڌاڳي ۾ ٻڌو (پوتو) پيو آهي، ڪو وِرلي اُن مان آزاد ۽ ڇُٽل هوندو، جيڪو اوجھڙ مان ويندو، سو منزل ماڻيندو، جيڪو سڌو ۽ شاهيءَ رستو وٺندو، سو لٽجي ۽ ڦرجي ويندو.

ساجن هماري پاس رهي، دن ٿوڙي دس بيس،
ايڪ ايڪ لاک برس ڪا، اَيسي هوون دن تِيس.
سهڻو ساجن، اسان وٽ ٽِڪِي(رهي) پوي، فقط ٿورڙا ڏھ ويھ ڏينهن، هڪ هڪ (ڏينهن) هجي لک سالن جو، اهڙا هجن صرف ٽيھ ڏينهن.

پِيتم! پريت لگاء ڪي، ديسان دور نه جا،
رهُ هماري نگري، مَين مانگون تم کاء.
منهنجا پيارا پريتم!تون نينهن لڳائي، ملڪ ڇڏي پري پرديس هليو نه وڃ، تون اسان جي ڀر (آس پاس) ۾ رهي پئو، آئون گداگريءَ ڪري اچان، تون ويهي کاءَ.

پِيتم! اَيسي پريت ڪرو، جيسي ڪک مسيت،
لاتون ساٿ لتاڙيي، ڇوڙون ناھ پريت.
منهنجا پيارا پريتم! تون اهڙي پريت ڪر، جيئن مسيت جو ڪک ڪري ٿو، جيڪو لتن سان پيو لتاڙجي، پر پريت جو نالو ئي نٿو ڇڏي.

پِيتم! اَيسي پريت ڪرو، جَيسي ورک ڪرن،
آپ جلن سر ڌوپ ۾، اَوران ڇان ڪرن.
منهنجا پيارا پريتم! تون اهڙي پريت ڪر، جيئن وڻ ۽ ٻوٽا ڪن ٿا، هو پاڻ سڄو ڏينهن سراسر اُس ۾ سڙن ٿا، پر ٻين کي ڇانهن ڪندا آهن.

ڪبيرا! ڪل جُڳ پڙا، ساڌو بني نه ڪوءِ،
ڪامي، ڪروڌي، مسڪرا، تس ڪي پوجا هوءِ.
اي ڪبيرا! هي ڪل جُڳ پيو هلي، هن(جُڳ) ۾ سچار ۽ انسان دوست ٿيڻ لاءِ ڪير به تيار ڪونهي، جيڪي پاپي، فسادي، ڪُڪرمي ۽ مشڪرا آهن، انهن جي حاضري، خدمت ۽ بلي!بلي! پئي پوي.

ساڌُوچليا، ٺڳ رهيا، ٺڳ ڀي چلڻهار،
آئي اُسي ڪي وار، جو ساچي ڪون جھوٽا ڪهي.
سچار ۽ انسان دوست ماڻهو ختم ٿي ويا آهن، فقط ٺڳ رهجي ويا آهن، هاڻي ته ٺڳ به وڃڻ وارا آهن، هاڻي انهن کي وارو ملي ويو آهي، جيڪي سڄو ڏينهن ٻين کي ڪُوڙو چوندا وتن.

سُپنا! تم جُوٺا هئي، جُوٺا سارا انيڪ،
جب سوئون تب دو جني، جب اُوٺون تب ايڪ.
اي ننڊ ۾ ڏٺل خواب! تون بلڪل ڪوڙو آهين، بلڪهِ سڄو سمورو سراسر ڪوڙو آهين، جڏهن سمهان ٿو، ته (خواب ۾) ٻه ڄڻا هوندا آهيون، جڏهن جاڳان ٿو ته هڪڙو هوندو آهيان.

سُپنا! تم سلطان هو، اُتم تيري ذات،
سَو ڪوهين ساجن بسي، مُجھ آڻ ملاوي رات.
اي ننڊ ۾ ڏٺل سهڻا سُپنا! تون سراسر سلطان ۽ بادشاھ آهين، تنهنجي اعليٰ ۽ اُوچي ذات آهي، منهنجو سهڻو ساجن، سَو ڪوهين دُور وسي ٿو، مون کي راتورات آڻي ملائيندو آهين.

ساڌُو ڪي سنگت ڀلي، بن مورک ڪا اخلاص،
ساڌُو ماري گُن ڪري، دل ۾ ڪري تپاس.
سچي ۽ انسان دوست ماڻهو جي صحبت ڀلي، مُورک، جاهل ۽ بيوقوف ماڻهوءَ جو اخلاق کڏ ۾ پوي! سچو(انسان) ماريندو ته به ڳُڻ ڪندو، دل ۾ سوچي ويچاري پوءِ ايئن ڪندو.

ساچي جڳ راچي نهين، جُوٺا مڻي نه رام،
ڪهو ڪبيرا! ڪَيسي بنون؟ دونون ڀاري ڪام.
سچار ماڻهو، جڳ جهان کي وڻن نه ٿا، وري ڪُوڙا ماڻهو، خدا کي بهتر نٿا لڳن، اي ڪبيرا! صلاح ڏي ته آئون ڪهڙو ٿيان؟ ڪم ته ٻيئي ڳرا آهن.

سانچ برابر تپ نهين، جُوٺ برابر پاپ،
نانڪ! جس هردي سچ بسي، اُس ڪي هردي آپ.
سچ جي برابر ڪا به عبادت ڪانهي، ۽ ڪُوڙ جي برابر ڪو به گُناھ! اي”نانڪ!” جنهن جي دل ۾ سچ هجي ٿو، اُن جي من ۾ مالڪ پاڻ وسي ٿو.

تُم داتا، جڳ منگتا، تيري بڙي بلي دربار،
تُم قلندر، ڪُل ڪا ڌني، هم پل پل ڪرون پُڪار.
تون ڏيهن جو ڏاتار آهين، جهان سارو توکان طلبيندڙ آهي، تنهنجي درٻاربيشڪ! وڏي ۽ طاقت واري آهي، تون قلندر کي به ڏيڻ وارو مالڪ ۽ سڀني جو صاحب آهين، اسين پل پل توکي پڪاريندڙ آهيون.

آٺ پهر، چَوسٺ گھڙي، لوهُو برست نين،
“سمن” برڇي پريم ڪي، جب لاگي تب چَين.
اٺئي پهر ۽ چوهٺ گھڙيون، منهنجا نيڻ رت جا ڳوڙها ڳاڙيندا رهندا آهن، اي”سمن!” جڏهن پريم جي بڙڇي لڳي ويئي، تڏهن مون کان چَين هليو ويو.

ڪاغذ نهين، ڪه مس نهين، ڪه ديس تمهاري ريت؟
لکڻ سُون آرس ڀيا، ڪه گھٽ مان گئي پريت؟
ڪاغذ ڪونهي؟ يا مس ڪونهي؟ يا توهان جي مُلڪ وارن جي اها رسم آهي؟ (خط) لکڻ کان سُستِي چڙهيل آهي، يا مورڳو اوهان جي علائقي مان، پريت ئي موڪلائي ويئي آهي؟

ڌرتي سڀ ڪاغذ ڪرون، ليکڻ ڪرون ونراھ،
سارا سمندرمس ڪرون، تان ايڪ گُن لکيانه جاءِ.
ساري ڌرتيءَ کي ڪاغذ ڪريان ۽ قلم ڪريان سارا وڻ ۽ ٻيلا، سمونڊر سمورا مس ڪريان، تڏهن به تنهنجو هڪ ڳُڻ لکي پورو ڪري نه ٿو سگھجي.

دادو!دعويٰ ڇوڙ دي، ته هووي خير ڪا خير،
نه ڪسي ڪي دوستي، نه ڪسي ڪا بير.
اي“دادو!” تون(حرص و هوا جي) دعويٰ ئي ڇڏي ڏي، ته ٿئي هر ڪنهن جو خير، نه ڪنهن سان رهي تنهنجي دوستي، نه ڪنهن سان تنهنجو وير.

ساڌ سڏاوڻ ڪٺن هئي، مت ڪوئي ساڌ سڏاءِ،
ساڌو تب سڏائيي، جب جيتا هي مر جاءِ.
ساڌو سڏائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، متان ڪو ساڌو سڏائي، ساڌو تڏهن سڏائڻ گھرجي، جڏهن جئري ئي مري وڃجي.

سجن پي بهوت، نالي ملي انيڪ،
جس ديکي ڇاتي ٺري، سو لاکن ۾ ايڪ.
سڄڻ به گھڻا ئي آهن، نالا ملن ٿا بيشمار، جنهن جي ديدار سان دلڙي ٺري پوي، سو لکن ۾ ڪو هڪڙو هوندو آهي.

ڌن ڌن مڙهي ساڌو ڪي، جس ۾ اُٺت بيٺت رام،
اور منک سُون کر ڀلا، جو هينگ بتاوي گام.
ساڌو جي مڙهي ته بلي! بلي! جنهن ۾ اٿندي ويهندي”رام! رام!” پئي پوي، اهڙن ماڻهن کان ته گڏھ ڀلو آهي، جيڪو هينگ سان منزل جو ڏس ڏئي ٿو.

نه من هلي، نه مالا هلي، نه مک سي بولي رام،
انتر ڪي گٺ لگ رهي، تو ڪيا بڪن سين ڪام؟
نڪو من هلي ٿو، نڪو تسبيح ڦري ٿي، نڪو منهن منجھان مالڪ جو نالو ٿو وٺجي، جيڪڏهن اندر جِي ڳنڍ لڳل رهي، ته”مڻ مڻ” ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو؟.

بلبل رووي رين دن، ڪهان ڀئي گلزار؟
اُن ڪُون قيامت آج هَي، جِن ڪُون بڇڙي يار.
بلبل ويچاريءَ رات ڏينهن روئي ٿي، ته”گل و گلزار ڪٿي آهن؟”، انهن جي لاءِ ته اڄ ئي قيامت آهي، جن جا يار وڇڙي ويا آهن.

ڪوا! سڀ تو کائيي، چُن چُن کائيي ماس،
دو نينان مت کائيي، پيا ملن ڪي آس.
اي ڪانگلڙا! منهنجو سڀ ڪجھ تون کائي ڇڏ، چونڊي چوندي ماس کاءُ، منهنجا ٻه نيڻ نه کائجانءِ، (ڇو جو) انهن کي، پياري پرينءَ ملڻ جي آس آهي.

ڪاگر ٿوڙا، نينهن گھڻا، مس سون لکا نه جاء،
ڇاگر ڪا پاني، گاگھر ۾ نه سماء.
ڪاغذ ٿورڙا آهن، نينهن گھڻو آهي، جيڪو مس سان لکي پورو ڪري نٿو سگھجي، جيئن سمونڊر جو پاڻي، دلي ۾ نٿو سمائي سگھجي.

جل ٿوڙا، نينهن گھڻا، لڳا پريم ڪا ٻاڻ،
“پيتم! پيتم!” ڪر رهي، اس پر گيا پراڻ.
سمونڊر جو پاڻيءَ ٿورڙو آهي، نينهن گھڻو آهي، مون کي اهڙو پريم جو قهري ڪانَ لڳو آهي،”پريتم! پريتم!”ڪندي ڪندي، ان تي منهنجو ساھ هليو ويو آهي.

آھ ڪرون تان جر جلي، مُشڪ جھنگل جل جاء،
پاپي جيوڙا نه جلي، جس ۾ آھ سماء.
آھ ڪڍان ته سمونڊر جو پاڻي ٻڙڪِي وڃي، جي ٿورڙو مسڪرايان، ته جھنگل ۽ ٻيلا سڀ ٻري وڃن، هيءُ منهنجو پاپيءَ جيوڙو (جسم) نٿو جلي، جنهن ۾ اها آھ سمايل آهي.

“ڪبير!” ڪوٺي ڪاٺ ڪي، آگ لگي چَوڌار،
مَھِ پڙيا، سو او ڳريا، چليا ديکڻهار.
اي”ڪبير!” (هي دنيا ايئن آهي، جيئن) ڪاٺ جي ٺاهيل ڪوٺي، جنهن کي چَوڌاريءَ باھ لڳل هجي، جيڪو به (سامان) اندر آهي، اهو سڙي پيو، ڏسڻ وارا ڏسيو پيا وڃن.

چَڪِي ڦرتي ديک ڪر، کڙا ڪبيرا روءِ،
دو پڙان ڪي بيچ ۾، ساجا رهيا نه ڪوءِ.
چڪيءَ کي ڦرندو ڏسي، ڪبير روئي بيٺو، (سوچي ٿو ته) پٿر جي ٻن پڙن درميان، ڪو به (داڻو) سڄو سلامت ڪو نه رهيو.

چَڪي ڦرتي ديک ڪر، مت ڪبيرا! رو،
جس ني کونٽا پڪڙا پريم ڪا، ساجا رهيا سو.
اي ڪبير! چڪيءَ کي ڦرندو ڏسي، ڪو ئي غم نه ڪر، جنهن (داڻي) پريم (ڪِيل) جو پاسو مظبوط ڪري جھليو، سو صحيح سلامت رهندو.

پيتم! پريت اڇا ڪي لائي، تو دک پاءِ،
سيوا ڪري ببول ڪي، انب ڪهان سون کاءِ؟
اي پريتم! تون مرضيءَ جي محبت ڪندين، ته دک پائيندين، پوڄا (خدمت) ڪندين ٻٻر جي، ته انب ڪٿان کائيندين؟

چندن! تيري باس ۾، موهي سڀ بنراه،
جَيسي تَيسي لاڪڙي، تيري نام بڪاء.
اي چندن! تنهنجيءَ خوشبوءِ ۾، سارا وڻ ۽ جھنگل واسجي ويا آهن، هاڻي جهڙي تهڙي ڪاٺڙي، تنهنجي نالي تي پئي وڪامجي.

ساڌو! جھنگل ڪيا ڦرتا هئي؟ جھنگل پاسي ڌُوڙ،
اُوپرچمڙي ڀيج رهي، انتر ڪُوڙا ڪُوڙ.
اي ساڌو! تون جھنگل ۾ ڇا جي لاءِ پيو ڦرين؟ جھنگل ۾ ته ڪجھ به ڪو نه رکيو اهي، تنهنجيءَ مٿان مٿان چمڙيءَ پئي چمڪي، اندر ۾ ته ڪُوڙو ڪُوڙ لڳو پيو آهين.

مُورک ڪُون متيان ديني، گيانَ ڪاٽا جاءِ،
ڪوئلا ڪڀُون نه اُجلي، جي سَو من صابن لاءِ.
مورک ماڻوءَ کي نصيحت ڪرڻ سان، اخلاق برباد ٿئي ٿو، (جيئن) ڪارو ڪوئلو ڪڏهن به سفيد نٿو ٿئي، توڙي جو سَو مڻ صابن سان کڻي ڌوئجي.

جانت ڪُون سڀ دُک هَي، اَجانت ڪُون سُکرام،
مورک بچارا ڪيا ڪري؟ جو پيٽ ڀرن سين ڪام.
ڏاهپ کي سڀ ڏک آهن، بي سمجھ کي سڀ سک، مورک ويچارو ڇا ڪري؟ جنهن جو رڳو پيٽ ڀرڻ سان ئي ڪم آهي.

بُرو قاصد! ميرا نامه، سجن ڪُون روبرو ديجو،
اگر احوال پوڇي، تو تم جلدي سي رو ديجو.
اي قاصد! منهنجو خطڙو، وڃي سهڻي سڄڻ کي روبرو (هٿوهٿ) ڏجانءِ، اگر هُو منهنجو احوال پڇي، ته تون جلديءَ ۾ روئي ڏجانءِ.

چندن پاس اَرُو کرا، او پي چندن هوءِ،
سُڪي ڪاٺي سَرکنڊ جِي، واس نه ڇڏي توءِ.
چندن جِي ڀر ۾، اَرُو جو ٻُوٽو ڦُٽو، اهو به چندن وانگر (سُرهو۽ خوشبوءَدار) ٿي پيو، سَرکنڊ جي ڪاٺي، ڀلي سُڪي هجي، ته به اها خوشبوءِ ختم ڪو نه ڪندي آهي.

من ڪي مت، مت چليي، من اوران سون لي جاءِ،
من ڪون اِيو ماريي، جيون ٽوڪ ٽاڪ هو جاءِ.
من جي خواهشن تي متان هلو! من ٻئي پاسي وٺي هليو ٿو وڃي، پنهنجي من کي اهڙيءَ ريت ماري ڇڏيو، جو ٽوٽا ٽڪرا ٿي پوي.

چاکن ۾ سڀ ڪج هَي، ديکن ۾ ڪج ناھ،
ڪبيرا! اونر عجب هَي، جو ديک چاک رک جاء.
چکڻ ۾ سڀ ڪجھ آهي، ڏسڻ ۾ ڪجھ به ڪو نه آهي، اي ڪبيرا! اهو عجيب انسان آهي، جيڪو ڏسن ۽ چکڻ ٻيئي ڇڏي ڏي.

پٿر پُوجي، هر ملي، مئن پوجان پهاڙ،
اُس پٿر سون چڪي ڀلي، پيس کائي سنسار.
جي پٿر جِي پوڄا ڪرڻ سان مالڪ ملي، ته آئون پهاڙ جي پوڄا ڪريان، ان پٿر کان ته چڪي ڀلي آهي، جنهن سان اَن کي پينهي، سنسار سڄو کائي ٿو.

بهتا پاني نرملا، بانڌا گندا هوءِ،
سامي تو رمتا ڀلا، داغ نه لڳي ڪوءِ.
وهندڙ پاڻيءَ تازو ۽ ڀلو هوندو آهي، بيٺل پاڻيءَ بدبوءِدار ۽ گندو ٿي ويندو آهي، سامي فقير هلندڙ سهڻو لڳي ٿو، جنهن کي ڪو به داغ نه لڳندو آهي.
سُر“بَيراڳ هندي” جي، برھ ۾ بيتاب بيتن کي پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته، هن سُر ۾ شامل ڪلام، شاھ صاحب جو شعر ڪو نه آهي. بلڪهِ مختلف شاعرن جا بيت ۽ دوها داخل ٿيل آهن. انهن بيتن، دوهن ۽ واين ۾، جيڪو درد سمايل آهي، اُهو پنهنجو مثال پاڻ آهي.”بُرو قاصد! ميرا نامه، سجن ڪُون روبرو ديجو، اگر احوال پوڇي، تو تم جلدي سي رو ديجو”. علاوه هن سُر ۾، ڪيترائي نصيحت ۽ هدايت ڪرڻ وارا اشعار آويزان آهن.”ساڌو ڪي سنگت ڀلي، بن مورک ڪا اخلاص، ساڌو ماري گُن ڪري، دل ۾ ڪري تپاس”،” چندن پاس اَرُو کرا، او پي چندن هوءَ”. يعني چڱي جي صحبت انسان کي چڱو بنائي ٿي ڇڏي.
اسان سُر“ بَيراڳ هنديءَ” جي، هر هڪ بيت ۽ دوهي کي، سمجھڻ ۽ سمجھائڻ جي، هتي ڪوشش نه ڪئي آهي، طوالت سببان، چونڊ ڪلام جي شرح ۽ سمجھاڻيءَ کي شامل ڪري، شيخ اياز جي شعر وانگر، هن سُر کي مڪمل ڪيو ويو آهي ته“ هِي پيار ڪڻا، ٿورا به گھڻا، ڪئي آھِ پني مون پورت لوڪو! ڪجھ شاھ ڏني، ڪجھ شيخ ڏني، هن سنڌڙيءَ کي صورت لوڪو!”.