لطيفيات

شاھ لطيف جا ڇٽيھ سُر

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ محقق استاد لغاري جو لکيل آھي جنھن ۾ ھن شاھ لطيف جي شاعريءَ جي 36 سُرن جو تعارف ۽ فلسفو بيان ڪيو آھي. استاد لغاري لکي ٿو:
”هن ڪتاب لکڻ جو مقصد، حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڇٽيهن سُرن بابت، مفصل معلومات ڏيڻ آهي، ته ڪهڙي سُر جو نالو، ڪهڙي ٻوليءَ مان نڪتل آهي؟ ۽ ان لفظ جي لغوي معنيٰ ڇا آهي؟ ڪهڙي سُر ۾ ڪيترا بيت؟ ڪيتريون وايون؟ ۽ ڪيترا داستان شامل آهن؟ ۽ اهي سُر ڪهڙي راڳڻي ۾؟ ۽ ڪهڙي وقت (ٽائيم) تي ڳايا وڃن ٿا؟ وغيره. هي ڪتاب لسنرز دوستن لاءِ به هڪ ڄاڻ خزانو آهي. هر هڪ سُر جي تعارف کان پوءِ، چند بيت، انهن جون سمجھاڻيون ۽ فلسفا به بيان ڪيا ويا آهن، ته جيئن شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڇٽيهن ئي سُرن بابت، هر رخ کان روشني پئجي وڃي.“
Title Cover of book شاھ لطيف جا ڇٽيھ سُر

11. سُر“پرڀاتي” جو فلسفو

“ پرڀاتي” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي،”پِرڀات وارو. يا”صبح وارو”. هي شاھ جي رسالي جو حقيقت تي آڌاريل معنوي سُر آهي. جنهن ۾ سالڪ کي، اسُر ويل جو اُٿي، داتا جي در تي، ڪيرت (ساراھ واريون صدائون) ڪرڻ جي صلاح ڏنل آهي. شاھ صاحب چوي ٿو“اي منگتا ! تنهنجي تُنبي جي تارن تي ته ڪٽ چڙهي ويئي آهي، اِهو ڀانن ۽ ڀَٽ فقيرن جو ڀير ۽ نمونو ئي ڪونهي، جو ڪينرو ڪِلِيءَ تي ٽنگي ۽ بيهاري ڇڏين”.
ايءُ نه ڀانن ڀير، جيئن ڪيريءَ ٽنگيو ڪينرو،
سُونهاري صُبوح سين، وجھي ويٺين وير،
توکي چوندو ڪير ؟ ڪيرت ڌاران مڱڻو.
اي مڱڻا! اي ڏڏ! ڏاتار ته گھڻو ڏيندڙ آهي ۽ ڏيندڙ به اهڙو، جي اُنهيءَ جي سخا جي خبر، سَنهي ۽ گھڻي ڪتڻ وارن کي پئجي وڃي ته اُهي پنهنجا سمورا ساز ۽ سامان، پلڪ ۾ پُرزا پُرزا ڪري ڇڏين.
جيڪين ڏڏن ڏي، ڳُجھ ڳُجھان ئي ڳُجھ ۾،
سو جي سُڻين ڪڏهين، ڪيرت وارا ڪي،
ته ساز مڙيئي سي، هوند پٿون ڪن پلڪ ۾.
اي مڱڻا ! ڏوھ ته سمورو تنهنجو ئي آهي، تون داتا جو در ڇڏي، ٻين ٺلهن ۽ سکڻن درن تي صدائون هڻندو وتين، اِن ڪري ئي ته تنهنجا حال هيڻا ٿي ويا آهن.
ڏاتار ڏُک ڪيا، پاڻان مٿي مڱڻي،
“مون در ڇڏيو مڱڻا! مڱين ڪوھ ٻيا ؟
تيلاهين تو پيا، وچان وِلها ڏينهڙا”،
پُوريا در مَ پِنُ، جن پِنيي پُورت نه ٿئي،
ڏيھ ۾ ڏاتر هيڪڙو، نانءُ تنهين جوڳِنُ،
جو رين رساڻي دِنُ، ڏيئي ڏُرمائي ڪينڪين.
ڄاڻي توءِ مَ ڄاڻ، ايءُ در اَٻوجھن جو،
اِن در سيئي اگھيا، جن نه ڀانيو” پاڻ”،
رُونجھاڻي راڄاڻ، آهي اَٻوجھن جو.
پرڀاتي، (جاجڪاڻي، وِهاڳ يا وِهاڳڙو) سنڌ جو آڳاٽو راڳ آهي. پرڀاتي جِي لئي، سنڌ جي قديم راڳ” لوڙائُو” سان به ملي ٿي. هي شاھ جي رسالي جو يارهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 46 بيت، 4 وايون ۽ 2 داستان شامل اهن. هن سُر جو پهريون بيت” ايءُ نه ڀانن ڀيرُ، جيئن ڪِيريءَ ٽنگيو ڪِينرو” ۽ آخري وائي” وڏا ڏاڻ ڏنائين، کنيائين رختُ ريزالن جو” آهي،

بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون

جاجڪ ! جيڏا پس، ويا سويرا ساڄ کڻي،
ڪينر ڪِيريءَ ٽنگيو، ڪنجھي لڳي ڪس،
تو گھِرندي مس، لڄ لنگھڪِي ڇڏئي.
اي جاجڪ ! تون تنهنجا سينگا(هڪ جيڏا سرتا) ته ڏس، هُو صبح جو سويرا، وڄائڻ وارا ساز ۽ سامان کڻي، هتان روانا ٿي ويا آهن، تنهنجو ڪينرو (سُرندو ) ته سدائين ڪِليءَ تي ٽنگيو بيٺو آهي ۽ ساز جي ڪنجھي واري ڌاتُوءَ تي ڪٽ چڙهي ويئي آهي، توکي نئين ڏاڙهيءَ اڃان مس آئي آهي، ته تو کڻي لنگھن واريءَ لڄ ڦٽي ڪئي آهي،
چارڻ وس نه ڪاءِ، ته ڪا ڪِيرت جي ڪري،

جني سندو مڱڻو، هٿ تني جي آهِ،
جي ڳارائينس ته ڳاءِ، جي سُمهارينس ته سُمهي رهي.
چارڻ ويچاري جي وس ۾ ڪا ڳالھ ئي ڪانهي، ته هُو صدا ۽ ساراھ واريون وايون ڪري (يا نه ڪري ) سگھي، هِي جن مالڪن جو مڱڻو (ماڻهو ) آهي، سڀ ڪُجھ اُنهن (مالڪن) جي ئي هٿ وس ۾ آهي، جي هُو چون ٿا”ڳاءِ” ته ڳائي ٿو، جي هُو چون ٿا“سُمهي رھُ” ته ويچارو سُمهي ٿو رهي،
اُٿيو اَٻوجھاءَ! سٻڙ جو سڏ ٿيو،

جيئن اَئين ڪِيرت ڪٽ نه سِکيا، تيئن پاڻا ريڌو راءَ،
“مڱو مون مُلاءَ، آئون اوهان جو آهيان”.
اي اَٻوجھو ! اُٿو ! سُهڻي سخي سٻڙ ڄام جو، صدا قبول ڪرڻ وارو سڏ ٿيو آهي، جيئن جو اوهين ساراھ ۽ صدائون ڪرڻ قطعي ڪو نه سکيا آهيو! تيئن ئي توهان تي سُهڻو سردار، اڄ پاٻوھ ۽ پيار مان پاڻهي ئي پرچي پيو آهي، ( هُو چوي بيٺو)”اچو ! اوهين اڄ مون کان گھُرو! ڇو جو آئون ته آهيان ئي اوهان جو پنهنجو”.
ڏڏ ٿي، ڏان گھُر، ڇڏ وڄا جي وائي،
سٻڙ رات سنباهيا، تازِي تو لائِي،

جو ڄاڻي نه ڪائي، تنهن سين ٻيلي ڌڻي ٻاجھ ڪِي.
صفا اڻ ڄاڻ ٿي پئو! پوءِ وڃي انعام اڪرام حاصل ڪرڻ جي صدا هڻ ! ڄاڻ، علم، حڪمت ۽ دانائيءَ جي بنھ ڳالھ ئي ڇڏي ڏي. سخي سٻڙ ڄام، رات سنبرائي، سِترائي، تيار ڪري بيهاريا آهن، تازِي گھوڙا خاص تنهنجي لاءِ ئي ! جيڪو مسڪين منگتو، صفا ڪُجھ به ڪو نه ٿو ڄاڻي، تنهن سان لي ٻيلي جي ڌڻي سدائين پئي مهرباني ۽ ٻاجھ ڪئي آهي،

اُٿي ورُ ! ورناءِ، دانهون دنبورن جيون،
اڳيان اُنڙ ڄام جي، لنگھا ! تون ليلاءِ،
جوڙ تندون، ڪر جاءِ، متان سٻڙ جو سڏ ٿئي!
اُٿي ! راڳ روپ واري ڌنڌي ڏي وراڻ ڪر، ٻين جي دنبورن جا سُهڻا ۽ سُريلا آواز ڪن ڏيئي ٻُڌ، اي لنگھا! سخي سردار اُنڙ ڄام جي اڳيان، تون وڃي عاجزيون ۽ ڪورنشون ڪر، (سُرندي جون) تندون ٺاهي جوڙي، صحي جاءِ تي لڳائي، تيار ڪري بيهار، متان اوچتو سٻڙ ڄام جو سڏ ٿئي !

“ڏاتار” ته تون، ٻيا مڙيئي مڱڻا،
مينهن مندائتا وسڻا، سدا وسين تون !
جي گھرِ اچين مون، ته ميريائي مان لهان.
ڏيهن جو ڏاتار ته هڪڙو ئي تون آهين، ٻيا (جڳ جهان ۾) جيڪي به آهن، سي مڙيئي مڱڻا آهن، مينهن ته وسن ٿا (ڪڏهن ڪڏهن) مند اچڻ تي، تون ته سڀ ڄمار پنهنجيءَ رحمت وسائيندڙ آهين، جي مُحبت سان منهنجي گھر اچين، ته آئون اگلي عيبدار ئي مانُ واريءَ ٿي پوان،

ڏڏ وڏو ڏڏ! پاڻ ڪوٺائي “مڱڻو”،
نه ڪنهن نيو پاڻ سين، نه ڪنهن ڪيو گڏ،
سٻڙ ڪري سڏ، ڏڏو ڏوليءَ چاڙهيو.
مڱڻهار ته موڳو، وڏو ڏڏ ۽ ڪُند ذهن آهي، پر اُن کي سخي سٻڙ ڄام پاڻهي ئي پاڻ وٽ گھُرايو آهي. نڪو هن کي ڪير پاڻ سان گڏ وٺي ويو ۽ نڪو ڪنهن پنهنجين ساٿين ۾ اُن کي شامل ڪيو. سُهڻي سخي سٻڙ ڄام پاڻهي ئي پاڻ ڏڏ کي سڏ ڪري، ڏوليءَ تي چاڙهي، انعام اڪرام ڏيئي، ( مان شان سان ) روانو ڪيو،
شاھ جي رسالي جو سُر”پرڀاتي”، سُر“ بلاول” جو ساٿي سُر آهي. جهڙيءَ ريت”يمن” ۽”ڪلياڻ”،”سامونڊري” ۽”سريراڳ” يا “رامڪلي” ۽”پُورب” سُر آهن. سُر“پرڀاتي” ۾، هڪڙي داتا جي در تان گھُرڻ جي صلاح ڏنل آهي ۽ پُوريل درن تان پنڻ جي سخت منع ڪيل آهي،” پُوريا در مَ پِنُ، جن پِنيي پُورت نه ٿئي، ڏيھ ۾ ڏاتر هيڪڙو، نانءُ تنهين جو ڳنُ، جو رين رساڻي دنُ، ڏيئي ڏُرمائي ڪِينڪِين” يا” ڪُوڙا در دنيا جا، جاجِڪ ! مڱين جي”، اهڙيءَ ريت سُر“پرڀاتي” انساني روح کي تر و تازه ڪري، پنهنجي پُڄاڻيءَ تي پهچي ٿو ۽ اسان جي لاءِ، معنيٰ ۽ معرفت جا موتي مُهيا ڪري ٿو.