28. سُر“سهڻي” جو فلسفو
“سهڻي” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي“خوبصورت”،”سُندر”،”ٺاهوڪي”،”دلپسند”،”وڻندڙ” ۽ دلفريب” وغيره. هي شاھ جي رسالي جو معنوي ۽ حقيقي سُر آهي، جنهن ۾ شاھ صاحب، سهڻي ۽ ميهار جي قصي (لوڪ داستان) کي، انوکي عشق جي آميزش سان،”احديت” واري مقام تي پهچايو آهي.
ڳالھ ٿا ڪن ته، ڪنهن زماني ۾، سنڌو درياءَ جو هڪ وهڪرو(ڇاڙ) سانگھڙ شهدادپور وٽان وهندو هو. جنهن کي”لوهاڻو درياءَ” ڪري سڏبو هو. ڀٽائي صاحب فرمائي ٿو” آڻيو وجھي آر ۾، ڏي لوهاڻو لُوهيون”. هي قصو اُن درياءَ جي ڪنڌيءَ تي آباد هڪ شهر سان منسوب آهي، جتي”جرڪت” نالي هڪ شخص رهندو هو، جيڪو ذات جو”سامٽيو” هو. اُن جي گھر هڪ خوبصورت نياڻي ڄائي، جنهن جو نالو سونهن سببان”سهڻي” رکيائون. گھڻا ماڻهو سهڻي کي، ذات جي ڪنڀار به چون ٿا، يا ڌنڌي جي نسبت سان، (مٽيءَ جي ٿانون ٺاهڻ جي ڪري) کيس ڪنڀار سڏيو ويو.
هن سُر ۾، شاھ صاحب سهڻي کي صلاح ڏيندي چوي ٿو ته”اي سهڻي!جي سچي ساهڙ سان وصال چاهين ٿي ته، هيڪڙائيءَ هٿ ڪر، ٻيا وسيلا سڀ وسار، صرف سڪ ۽ اڪير جي ترهي تي تري وڃ.”پاڻ مَ کڻج پاڻ سين، وسيلا وسار، ڀيلو ڀيري ڀڃ، اُڪنڊ کڻ عميق ڏي، لاتقنطوا من الرحمت الله، ترهي ان تريج، ندي تن نيڙ ٿئي، جي ترهي رءَ ترن، سڪ رساڻي سهڻي! اصل عاشقن”. شاھ صاحب، سهڻي ميهار جي قصي جي تمثيل سان،”وحدت الوجود” واري فلسفي جي عاليشان اُپٽار هن ريت ڪئي آهي؛
سو ساهڙ، سو سهڻي، سائر پڻ سوئي،
آهي نجوئي، ڳُجھ ڳُجھاندر ڳالهڙي،
شاھ جو سُر“سهڻي”، هندوستاني راڳ،”تلڪ ڪامود” سان وڌيڪ مشابھ آهي. سنڌ ۾”سهڻي راڳ” جنهن ۾ ڪافيون ڳايون وڃن ٿيون، سو”ڀيروي” ۽”جھنگلي” سان ملندڙ آهي. هي شاھ جي رسالي جو اٺاويهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 208 بيت، 14 وايون ۽ 12 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت” وه تک، واهڙ تک، نينهن تک نرالي” ۽ آخري وائي“ ڪهڙي منجھ حساب؟ هئڻ منهنجو هوت ري” آهي.
بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
جيڏيون! ڏٺيان جي، صورت ساهڙ ڄام جي،
سُک ٿي سُتيون ڪينَ ڪِي، ڪانڌن پاسي ڪي،
هوند! مونهان ئي اڳي، گھِڙو سڀ گھڙا کڻي.
اي جيڏيون ڙي! جي اوهين هيڪر ساهڙ ڄام جي سهڻي صورت ( جلوي جي جھلڪ) ڏسو ها. ( ته هوند) اوهين به پنهنجي ڪانڌن سان، گڏ خوش ٿي، سک سان ڪڏهن ڪو نه سمهو ها. جيڪر مون کان ئي اڳ ۾، سڀيئي سهيليون، دلا کڻي، دادلي درياھ ۾ گھڙي پئو ها.
ڪنڌيءَ اُڀيون ڪيتريون،”ساهڙ!ساهڙ!” ڪن،
ڪَني سانگو ساھ جو، ڪي”گھوريس!”ڪيوگھڙن،
ساهڙ سندو تن، گھاگھائي گِھڙن جي.
مون کان سواءِ، ٻيون به ڪيتريون ئي(سڪ ۽ پيار واريون) درياءَ جي ڪنڌيءَ تي اچيو،”ساهڙ!ساهڙ!” ڪن ٿيون. ڪن کي ته پنهنجي ساھ جو صرفو ٿئي ٿو ۽ ڪي”آئون صدقي ٿيس!” چئي، گھڙيو ٿيون پون. سهڻو ساهڙ، صرف انهن جو ئي حامي ٿئي ٿو، جيڪيون ٻولائي ڪُنن ۾ ڪاهي پون ٿيون.
گِهڙي گھڙو هٿ ڪري، ٻوڙيائين ٻانهون،
ويچاريءَ وڏيون ڪيون، وچ درياھ دانهون،
“موٽ محب! پاهون، تاڪن تڪي آهيان.
پُورو پڪل گھڙو هٿ ڪري، ٻانهون پاڻيءَ ۾ ٻوڙي، سڪايل سهڻيءَ درياءَ ۾ داخل ٿي ويئي. ويچاريءَ، درياءَ جي وچ سير ۾ اچي ڪري، تمام وڏيون دانهون ۽ ڪوڪون ڪيون. (چيائين)”اي منهنجا محبوب ميهار! تون منهنجيءَ مدد جي لئي، جلدي پوئتي موٽ! ماريندڙ بحري بلائن، مون کي ٻڏندي تڪي ورتو آهي”.
گھڙو ڀڳو ته گھوريو! پاڻا هو حجاب،
واڄٽ وڄي وجود ۾، رهيو روح رباب،
ساهڙ رءَ ثواب، آئون گھڻو ئي گھوريان.
جي دِلو ڀڄي ڀُري پيو ته ڇُٽو! اهو پاڻ اسان ٻنهيءَ جي وچ ۾، پردو (رنڊڪ) هيو. منهنجي من اندر ۾، محبت جو واڄو مسلسل وڄي ٿو پيو، منهنجو روح ساز سمان (وانگر) ٿي ويو آهي. سچي ساهڙ جي ديدار کان سواءِ، ٻيو جيڪو به ثواب آهي، اُهو آئون سمورو ڦٽو ڪري ٿي ڇڏيان.
ڪونهي آڳھ اهڙو، جهڙي محبت من،
اُڀيون اوريين پار ڏي، ڪُوڙيون ڪک پُڇن،
ندي تن نيڙ ٿئي، جي تُرهي رِءَ ترن،
سِڪ رساڻي سهڻي! اصل عاشقن،
سي جھليون ڪين ڪُنن، پُڇن جي ميهار کي.
ٻيو ڪو به اهڙو آڌار ۽ وسيلو، بهتر ۽ ڪامياب ڪونهي، جهڙو من جي محبت وارو وسيلو آهي. ڪُوڙي عشق واريون، درياءَ جي اوريين پاسي کان بيهي، پَريين پار وڃڻ جي لئي، ڪکن ۽ پنن جا ٻوڙا، پُڇنديون ٿيون رهن. ندي اُنهن جي لئي، ننڍڙو واهڙ ٿي پوي ٿي، جي ترهي کان سواءِ، (توڪل سان) ٿيون ترن. اي سڪايل سُندر سهڻي! هميشه اعليٰ عشق وارين کي، سچي سڪ ئي، پنهنجي پِرينِ تائين توڙ پهچائيندي آهي. جن پريمين، پريت ۽ سچيءَ سڪ سان، مٺڙي ميهار جو نالو ورتو، ته اُنهن کي اوڙاھ عميق ڪُنن، ڪڏهن به ڪو نه روڪيو.
دهشت دم درياھ ۾، جِتِ جايون جانارن،
نڪو سنڌو سير جو، مپ نه ملاحن،
درندا درياھ ۾، واڪا ڪِيو ورن،
سڄا ٻيڙا ٻار ۾، هليا هيٺ وڃن،
پُرزو پيدا نه ٿئي، تختو منجھان تن،
ڪو جو قهر ڪُنن ۾، ويا ڪين ورن،
اُتي اَڻ تارن، ساهڙ! سير لنگھائيين.
درياھ جي وهڪري ۾، وڏي دهشت ۽ زور، جتي خوفناڪ جانورن جا ٿاڪ ۽ ماڳ مڪان آهن. نڪو وڏو وهڪرو وٿي ٿو ڏي ۽ نڪو ملاح هيٺ پاڻيءَ جي اُونهائيءَ ماپي ٿا سگھن. وڏا وحشي جانور، دادلي درياھ جي اڌ ۾گجگوڙون ڪيو، اڳيان ڦِريو ٿا اچن. سڄا ثابت ٻيڙا، اُن اُونهي اوڙاھ عميق ۾، هيٺ ٻڏيو، غرق ٿيو ٿا وڃن. اُنهن ٻُڏل ٻيڙن مان، ڪو پُرزو يا ڪاٺيءَ جِي تختِي جو ذرو به مٿاڇري تي تري، ظاهر نه ٿو ٿئي. ڪارن ڪُنن ۾، ڪو اهڙو قاتل قهر برپا ٿيل آهي، جو جيڪي هيڪر هيٺ وڃن ٿا، ته وري واپس مٿي نٿا اچن. اي سهڻا سچا ساهڙ! اسان جهڙين اڻ تارن کي، اُتي اچي سٽاڻِيءَ سير مان، پار اُڪارجانءِ تون.
ڪنهن جنهن گھيڙ گھڙي، جِين اَوتڙ تڙ ٿيوس،
سالم ويئي سهڻي، ڪُنن ڪين ڪيوس،
اُهُسُ اکڙين ۾، پريان جو پيوس،
حقان حق ٿيوس، هُئي طالب حق جي.
(هيءَ سڪايل سُندري سهڻي) ڪنهن ( محبت واري) درياءَ جي، اهڙي گھيڙ مان گھڙي، جو اَڻائو تڙ به هُن جي لئي، سَڻائو تڙ ٿي پيو. سهڻي صحيءَ سلامت پار وڃي پهتي، ڪارونڀار ڪُنن هن کي ڪو ئي جوکو يا نقصان ڪو نه پهچايو. (درياءَ جي پَريين پار کان) پِرين جو پيارو تجلو، هن کي اکڙين ۾، پل پل پوندو رهيو. ذاتِ حق (الله تعاليٰ) وٽان، هُن کي حق مليو، هيءُ اصل ۾ هُئي ئي ڳولائُو حق جي.
سُر”سهڻي” شاھ جي رسالي جو سراسر سُلوڪ وارو سُر آهي. هن سُر جا بيت”وحدت الوجود” واري فلسفي جا جرڪندڙ جلوا پسائين ٿا. ڀٽائي رحه فرمايو آهي” واڄٽ وڄي وجود ۾، رهيو روح رباب”. ٻئي هنڌ فرمائي ٿو” سهڻيءَ جا سيلا، وحدت سڀ وڃائيا”،”الست بربڪم قالوا بليٰ، پر اِها پاري”،”وامامن خاف مقام ربه، ايءُ لنگھيائين لنگھ”. شاھ جي رسالي ۾، سُر”سهڻي” جي ظاهري قصي کي تمثيل بنائي، شاھ صاحب جنهن فنا ۽ فڪر واري فلسفي جي پالوٽ ڪئي آهي، ان جو مثال، دنيا جي ڪجھ قليل ڪتابن ۾ ملي ٿو.”ڪهڙي منجھ حساب؟ هئڻ منهنجو هوت ري! نڪين تقاوت ۾، نڪين منجھ رباب، ڪثرت آهي قرب ۾، ادغامين اعراب، هُو جي جھرڪيا جر تي، سي تان سڀ حُباب، فنا وجھي فم ۾، ڪارڻ ٿيءُ ڪباب، هُئڻ منهنجو هوت ري ! ڪهڙي منجھ حساب؟”. اسان کي گھرجي ته اسين سُر“سهڻي” جي سُلوڪ واري فنائي فلسفي کي سمجھون ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ته جيئن قدم قدم تي ڪاميابيون ماڻيون.