35. سُر“ڍول ماروي”جو فلسفو
“ڍول ماروي” ٻن ڌار ڌار اسمن جو مرڪب لفظ آهي. اهي ٻيئي لفظ سنسڪرت ٻوليءَ مان نڪتل آهن.”ڍول” جي معنيٰ آهي”ڍولو”،”ڍوليو”،”ڍولڻ”،”لالڻ”،”ساجن”،”سُهڻو”،”موچارو”،”ملوڪ”،”معشوق”،”محبوب”،”منٺار” يا “دلدار” وغيره. انهن ٻنهيءَ لفظن کي ملائي، هڪڙو لفظ ٺاهبو ته ان جي معنيٰ ٿيندي”ڍول ۽ ماروي”.
هن سُر ۾، ڍول ۽ ماروي جي مشهور لوڪ داستان بابت بيت چيل آهن. ڍول گُجرات جو رهاڪو هو ۽ ماروي مارواڙ(جيسلمير) جي ويٺل هئي. ٻنهيءَ جو ننڍپڻ ۾ ئي مڱڻو ۽ نڪاح ٿيل هيو. جوان ٿيڻ بعد، ٻنهيءَ جي گڏجڻ ۾ دير ٿي ويئي، ته ماروي راڳيندڙ فقيرن کي راڳ سيکاري، ڍول جي محفل ۾ موڪليو. جن وڃي ان جي اڳيان، مارويءَ جي سُونهن سوڀيا ۽ جوان ٿيڻ بابت بيت چيا ۽ ڍول کي يادگيريءَ ڏيارائي.
ڍاڍي! جي ڍول ملي، ته ڍولا نان ڪهيج،
ڪرسڻ پڪو، ڪڻ ڇڻيو، لائو آپ ڪريج.
اُڀي سُورج سامُهين، مٿو ڀري ميٽ،
تاس نه پني پيٽ، هيم ورني ماروئي.
مونهن ميٺي، گن ڪري، ڏيبُوءِ لڪڙيان،
انڌاري ۾ ڏيکجي، وِجُلي سانوڻيان،
روايت آهي ته اهڙي عاليشان راڳ ٻڌڻ کان پوءِ، ڍولو اُٺ تي چڙهي، ماروي جي ماڳ پهتو ۽ اچي پنهنجي مٺڙي ماروي ماڻيائين. خليفي نبي بخش”قاسم” لغاريءَ جو هڪ بيت آهي ته؛”سو ڍولو گھر آئيو، جن ڪي جوتي باٽ، مين ڍولي سي هنس ملي، کِلن لاگي کاٽ”. هن سُر ۾، آمان، آميان، اُتر واءُ، بُوند برسڻ، ڀنورا، تلڪ، ڏيبُوءِ، ڏيوڙا، سانوڻيان، سپيان، سُورج، ڦول، ڪاجل موهڻ، ڪرسڻ، ڪريهر، ڪمان، ڪُونجڙيان، کجور، وِجُلي، وڻ پڪا وڻيان ۽ هنجھن جهڙن انتهائي حساس ۽ شاندار لفظن ۽ اصطلاحن جو استعمال ٿيل آهي.
راڳ جي لحاظ سان، سُر“ڍول ماروي” يا”ڍول مارو”، ڪو الڳ سُر ڪونهي. هن کي، سُر”مارئي” وانگر، سُر”مانڍ” ۾ به ڳائي سگھجي ٿو.”ڍول ماروي” شاھ جي رسالي جو پنجٽيهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 21 بيت، 2 وايون ۽ 2 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت” اُتر واءُ کوندي، پهلي موسم مينهن” ۽ آخري وائي” مليو مارو مون کي، حيلن چالن سان مليو” آهي.
بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
اُتر ڏيسان آوڻيان، ڏکڻ ساوڻيان،
ڍولو نرور سيريين، ڌڻ ٻڪريان،
پُڇو ڪونجڙيان، ته ڪَونه هِياري سڄڻين؟
سانوڻ مند جون سهڻيون ڪڪريون، اُتر ملڪن (طرفن) کان اچن پيون ۽ ڏکڻ پاسي ڏانهن وڃن پيون، منهنجو محبوب ڍولو راجائي محلن ۾ آهي ۽ آئون ٻهراڙيءَ ۾، ڌڻ ٻڪرين سان آهيان، (سچي ڳالھ) ڪُونجڙين کان پڇي ڏسو ته”ڪير هنيين سان سِڪايل آهي؟ سهڻن سڄڻن لئي!”.
ڪونجان رات ڪريڙيو، ٽولي ٽولي بِيس،
سُتي ڍول سنڀرئو، اُرلِي ڀاڳي اِيس.
ڪونجڙين رات ڪڻڪاٽ پئي ڪيا، ويھ ويھ ٽولا پئي ويا، مون کي سُتي سُتي ڍولو ياد پيو، مون کان دروازي جي، مُهڙ واري مُکيه اِيس، جذبات ۾ ڀڄي پيئي.
ڍاڍي! جي ڍول ملي، ته ڍولا ني ڪهيج،
“کرسڻ پڪو، ڪڻ ڇڻيو، لائو آپ ڪريج.”
اي راڳي فقير! جي توکي منهنجو ڍول محبوب ملي وڃي، ته اُن ڍولي کي چئجانءِ،”کرسڻ گاھ پڪو آهي، اُن مان انَ جا داڻا (ڪڻا) ڇڻن پيا ٿا، لابارو اچي پاڻ ڪر”.
ڍاڍي! جي ڍول ملي، ته ڪَهِيي سين لج،
اکيان ڪاجل موهيان، تلڪ تسي پر بک،
پھ پھ بُوند پهوريين، اوسٽ اوسٽ لک.
اي راڳي فقير! جي توکي منهنجو محبوب ڍول ملي وڃي، ته اُن کي حجابي ۽ لڄ ڀريل لفظن سان مخاطب ٿجانءِ، (کيس چئجانءِ ته”ماروئي جون) سُرمي پاتل ڪجليون اکڙيون، موھ ۾ ڀرجي ويون آهن ۽ تلڪ نراڙ تي هاڻي پيو بکي ۽ چمڪي، پهرايل هڪ هڪ ٻڪريءَ تي، برسات جي بوند پئي برسي، پر ( ماروئي جي من تي)
ڏُڪار ۽ سوڪ جا لکين لک لامارا آهن”.
ڍولا! ماروئي پاتلي، جيسي رَين کجور،
مُنھ ميٺي، گُن گھڻي، تو ڪيئن ڇڏي دور؟
اي ڍولا! تنهنجي ماروئي، اهڙيءَ ته سنهڙي ۽ سهڻي آهي، ڄڻ کجور جي پتلڙي ڪا ٽارڙيءَ هجي، منهن منجھان مٺڙا مٺڙا ٻول ٻوليندڙ، گھڻن ڳُڻن ۽ اخلاقن واري، تو ڪيئن پرديس ۾ وساري ڇڏي آهي؟
اُڀي سورج سامهين، مٿو ڀري ميٽ،
تاس نه پني پيٽ، هِيم ورني ماروئي.
مٿي کي ميٽ لڳائي، سورج جي سامهون، سڌي بيٺي آهي، (جيئن پيٽ واريءَ عورت کي، ڪنهن شئي کائڻ جي ڇڪ ٿئي ٿي، تيئن) اُلفت جي اُڃايل، سوني رنگ جهڙي سُونهري سهڻي ماروئي.
من چئي، مِيرِي چڙهان، پڳ ڏي پاوَڻيان،
ڍولي سين واتان ڪران، ڳل ڏي ٻانهڙيان.
من چوي ٿو، ته”ڪکن ۽ ڪانن جي ٺاهيل کُڏيءَ جي چوٽيءَ تي چڙهان، پنهنجا پير پَوڙيءَ تي ٺاهي ٺاهي رکان، ٻانهون ڳل ۾ ڏيئي، (ڳيراٽڙيءَ پائي) ڍولي سان ڳالهڙيون ڪريان”.
مُنهن مِيٺي، گُن ڪري، ڏيبُوءِ لَڪڙيان،
انڌارِيءَ ۾ ڏيکجي، وِجُلِي سانوڻيان.
منهن منجھان مٺڙا مٺڙا ٻول ٻولي، ڳُڻ ۽ ڀلايون ڀال ڪري، لڪ (چيلھ) اهڙي، ڄڻ ڏينڀُونءَ جي سَنَهڙي چيلھ هجي، گھُوپ انڌاريءَ رات ۾ ايئن ڏسجي، ڄڻ سانوڻيءَ رُت ۾، کنوڻ وِيلا ڏي!
محققن ۽ عالمن جي تحقيق موجب، شاھ جي رسالي ۾ شامل سُر“ڍول ماروي”، شاھ جو ڪلام ڪو نه آهي. البت ڪلام جي جوڙ جڪ ۽ مٺاس، مطالعي ڪندڙکي موهي وجھي ٿي.” اُر سِنگا، نُھ سِپيان، نَينَ ته وِنگٽ وِنگ، ڍول! تُمارِي ماروئي، هڻي ٻاڻ نِهنگ، ماري مُنڌ نِسنگ، چاڙهي سِينڱ مَلڪ جِئن”. سُر جي شروع ۾ ڏيکاريل قصو، هن ريت اختتام پذير ٿئي ٿو ته،” ڍولو نيٺ اچي پنهنجي ماروئي کي مليو”. هن سُر جي آخر ۾ ڏيکاريل وائيءَ جا ٻول،”ڍولي ۽ ماروئي” جِي اُنهيءَ محبت ۽ ميلاپ جا سنگِ مِيل ۽ ثُبوت آهن.” مِليو مارُو مون کي، حِيلن چالن سان مِليو. چَوڪِي چارِي ڪيترا، بِيٺا واٽون جھليو. ساري سُپيريَنِ کي، جيرو منهنجو جليو. گھر جو محرم منگتو، عرض اُنهيءَ اَليو. سوئي آيُمِ سُپرين، جيءُ جنهين لئي جليو. نِگئو نرور سيرِيين، راجا رِڻمل مِليو”.