5. سُر“سريراڳ” جو فلسفو
هي شاھ جي رسالي جو وحدانيت وارو ۽ انتهائي۽ ڳُوڙهو سُر آهي، جنهن ۾ انسان کي، آخرت جي تياري ڪرڻ لاءِ ڪشالا ڪڍڻ، اُونهون اوڙاھ اُڪرڻ، ٻاجھ لاءِ ٻاڏائڻ، سُبحان جي سيوا ڪرڻ، توبھ جي تسبيح سورڻ ۽ معرفت جا موتي ميڙڻ جو درس ڏنو ويو آهي،
اُٿي اور الله سين، ڪُوڙ ڪماءِ مَ ڪچ،
تانگھي ۾ تاڻي، ٻڌ پنهنجو تُرھو،
هڪيو هوئج هُشيار، کنوڻ کوندي اوچتي،
لهرين ليکو ناھ ڪو، ڪپر ڪُن ڪارا،
آهين آر اکيُنِ ۾، ناکئا ! ڪِجُ نگاھ،
جوڙي جُنگ جهاز کي، ڪوڏ هڻائج ڪِير،
جي لُنڊا منجھ ليکي، وِير وڙهندي تن سين،
ٻيڙي پُراڻي، وکر پاءِ مَ وترو،
وِير ورنديئي ويسرا ! ويھُ مَ ويڳاڻا!
جت ٿيندو رب قاضي، اُت توريندئي تجويز سين.
۽ وري الله پاڪ جي ڪرم، رحم، ٻاجھ، فضل ۽ بخشش جو بحرِ بيڪنار اهڙو، جو ان جو ٻيو ڇيڙو ته آهي ئي ڪونه ڪو،
هيڪي ٻانهي چِت ۾، ٻي جا ڪري الله !
ڪڍي اُونهي ڪُن مان، اُڪاري اوڙاھ،
تنهن واحد کي واھ ! جو سُتَڙُ سڀيئي ڪري،
هندوستاني ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي هڪ روايت موجب، ڇھ وڏا راڳ آهن، ڀيرو، مالڪوس، هنڍول، سِرِي، ميگ ۽ ديپڪ، سِرِي اُنهن ڇهن وڏن راڳن مان هڪ آهي،
هي شاھ جي رسالي جو پنجون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 84 بيت 7 وايون ۽ 4 داستان شامل آهن، هن سُر جو پهريون بيت “ جيڪين منجھ جھانَ، سو تاريءَ تڳي تنهنجي ” ۽ آخري وائي “ عُمِر سڀ عبث، ويل وڃايمِ پانهنجي ” آهي،
[b]بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
[/b]
سي پُونجيارا پُرِ ٿيا، سمونڊر سيويو جن،
آندائون عميق مان، جھوتي جواهرن،
لڌائون، لطيفُ چئي، لعلون مان لھرن،
ڪانهي قيمت تن، مُل مهانگو اُنِ جو،
جن سُهڻن سمونڊر جي سيوا ڪئي ۽ اُن کي پنهنجي حلال رزق جو وسيلو بنايو، اُهي پُونجيءَ وارا صفا پُرِ ٿي ويا ! اُنهن اُونهي اوڙاھ پاڻيءَ مان، جھوتون ڏيئي ۽ ٽٻيون هڻي، چلڪندڙ ماڻڪ ۽ موتي چُونڊي ٻاهر آندا، سُهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته “ سانداري سمونڊر جي لهرين منجھان، اُنهن وڃي لعلون ڳولي لڌيون ”. اُهي( لعلون) ايڏيون ته انمول ۽ قيمتي آهن، جو مُهانگي مُلھ ۾ به ٻيو ڪٿان کان نٿيون ملي سگھن،
سيويو جن سُبحان، وير نه وڙهي تن سين،
ٻڌي توڪل تُرهو، آر لنگھيا آسان،
توبھ جي تسبيح سين، تري ويا طوفان،
ڪامل ڪشتيبان، وچ ۾ گڏين واهرو،
جن سُهڻين سامونڊرين الله پاڪ جي عبادت، عاجزي ۽ سيوا سچيءَ دل سان ڪئي، اُنهن کي، سٽاڻي سمونڊر جي وڏي ڇوليءَ به نقصان نٿي پهچائي، توڪل جو تُهلو ( مُوڙو ) ٻڌي، پاڻيءَ جو وڏو وهڪرو، اُهي آسانيءَ سان اُڪري هليا ويا، توبھ جي تسبيح پڙهي، ( استغفار جو ورد ڪري ) تيز ۽ تکي طوفان مان به اهي خير سلامتيءَ سان تري پار هليا ويا، وڏو ڄاڻو ( ناکئو ) سٽاڻي سمونڊر جي وچ سير ۾ اچي، اُنهن جو واهرو، مددگار، ساڻي ۽ ساٿي ٿيو،
ڪرڦُل، ڦوٽا، پارچا، پاڻيٺ پاتائون،
ڪوٺيون قيمت سنديون، تر ۾ تاڪيائون،
بَيرقُون بحرنِ ۾، ڇوڙي ڇڏيائون،
لاڄُن منجھ، لطيف چئي، ٻيڙا ٻڌائون،
نذرُ نبيءَ ڄامُ جو، چڙهندي چيائون،
جي ڇوهي ڇوڙيائون، سي ٻيڙيون رکين ٻاجھ سين.
لَونگ، ڦوٽا، قسمين قسمين قيمتي ڪپڙا، جدا جدا عرق ۽ ٻيا سهڻا سُريلا سامان ٻيڙن ۾ وڌائون، ٻيڙن جي ترن وارا تھ خانا، قيمتي سامان سان ڀري، پوءِ طاق ڏيئي، ڀچائي بند ڪيائون، ٻيڙن جون رنگ برنگي جھنڊيون، پاڻيءَ ۾ کولي، (ٻيڙن تي ) هلڻ لئي ڦڙڪايائون، سهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته “ پنهنجا ٻيڙا چئني طرفن کان، رسن سان ڏاڍا مضبوط ڪري ٻڌائون ”، ٻيڙن تي چڙهندي ( سُوار ٿيندي ئي ) حضرت نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي نالي مُبارڪ جو نذرانو باسيائون، ( اي الله پاڪ ! ) جيڪي وڏا وڻجارا هلندي طوفان ۾ روانا ٿي ويا، اُنهن جون ٻيڙيون پنهنجيءَ ٻاجھ، مهر، رحم، ڪرم ۽ فضل سان سلامت رکجانءِ !
اَتِ اُبتو آرُ، منهنجي موج نه سهي مڪڙي،
ميڙي مَٺايُن جو، بيحد چاڙهيم بارُ،
چوڻ چارو ناھ ڪو، بديون بيشمارُ،
ڪپرُ ڪارونڀارُ، اُڪاريين احسان سين.
تمام گھڻي پاڻيءَ جو اُبتو ڦيرو ۽ وهڪرو آهي، منهنجي ٻيڙيءَ، اُتي پاڻيءَ جي مَوج ۽ تک جي سٽ نٿي سهي سگھي، خسيس ۽ بيڪار سامانن کي گڏ ڪري، مون ٻيڙيءَ تي کڻي وڏو بار سٿيو آهي، ڳالهائڻ جي ڪا گھٽي ئي ڪانهي، (رستو ئي ناهي ) مون وٽ بُرايون ايتريون بيشمار آهن، ( اي الله پاڪ ! ) هي ڪپر جي ويجھو، جيڪو عميق اوڙاھ پاڻيءَ آهي، سو پنهنجي ڪرم ۽ ٻاجھ سان، مون کي پار ڪرائجانءِ،
ويٺو تُن تُنينس، مکُ ڏينهاڻي مڪُڙي،
سنباهي، سيد چئي، مٿي ناءُ نئينس،
وٽائي وڏاندرا، لاڄُو لڳائينس،
آخرِ اُهرائينسِ، ته جوکو ٿئي نه جڙاوَ کي.
پنهنجي پُراڻي ٻيڙيءَ جي تري وارا سوراخ ويٺو ڀر ۽ اُن ٻيڙيءَ کي روزانو تيل مکي تيار ڪندو رھ، سُهڻو سيد چوي ٿو ته “ اُن کي اول پُوريءَ طرح تيار ڪري، پوءِ پاڻيءَ ۾ لاهي، سمونڊر ۾ هاڪارڻ لاءِ کاڏي تي آڻ، پهريان وڏا مضبوط، سگھا ۽ نوان رسا وٽائي، چوٽيءَ تي چمڪندڙ جھنڊيون ٻڌينس، مڪمل تياريءَ ڪري، پوءِ تارينس، ته تنهنجي ٻيڙيءَ جي بناوت ۽ جڙاوت کي ڪو به نقصان نه پهچي ”.
ويا سي وينجھار، هيرو لعل ونڌين جي،
تني سندس پوئيان، سيهي لهن نه سار،
ڪُٽين ڪُٽ لُهار، هاڻي اُني ڀيڙيين.
اُهي موتي وينجھڻ وارا ئي مري کپي ويا، جيڪي ماڻڪ ۽ لعلون ونڌڻ (سوراخ ڪڍڻ) جو ڪم ڪندا هئا، اُنهن جا جيڪي پونير آهن، تن کي شيهي جي به پُوري خبر، پرک ۽ ڄاڻ ڪانهي ڪا، هاڻي اُنهن ماڳ مڪانن تي، ( اُنهن جاين ۽ دُڪانن تي ) لوهار فاسد، ڪوڙو ۽ ڪٽيل لوھ پيا ٿا ڪُٽين،
اگھيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي،
پلءِ پايو سچ، آڇيندي لڄ مران.
ڪُوڙو ۽ ڪچو شيشو وڪامي ويو، ( اگھامي ويو) بازارن مان سچا ۽ اصلي ماڻڪ واپس موٽي آيا، ( سچا موتي ڪو نه وڪاڻا )
هاڻي سچو سون پلئي ۾ پايو، (رومال ۾ کنيو ) وڪڻڻ جي لاءِ، آڇيندي ( ڏيکاريندي ) شرم اچي ٿو،
شاھ جي رسالي ۾ سُر “سريراڳ ” جو فلسفو، انسان ذات کي نيڪ عملن ۽ انسانيت لاءِ آماده ڪري ٿو، اڳوتر ۾ آڏو ايندڙ آزمائشن ۽ مصيبتن کان هوشيار ڪري ٿو، غفلت، ويسر ۽ سستيءَ کان پاڻ پلڻ جي هدايت، نصيحت ۽ تلقين ڪري ٿو، ڪاميابي ۽ ڪامرانيءَ جا ماڻڪ صرف اُهي ئي ماڻهو ميڙي سگھن ٿا، جيڪي هن جهان جو سٽاڻو ۽ سُورائتو سمونڊر سيوين ٿا، باقي جيڪي اسان جهڙا غافل ۽ جاهلڙا هوندا آهن، اُنهن جي نصيب ۾ صرف سانگوٽا ۽ سُوندڪيون اچن ٿيون،
شال ! اسان، سُر “سريراڳ ” جي نصيحتن مان، نيڪ عملن جا ماڻڪ ۽ موتي ميڙي سگھون ۽ پنهنجي اڳوتر سنوارڻ لاءِ، مانائتي منزل ماڻي سگھون،