لطيفيات

شاھ لطيف جا ڇٽيھ سُر

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ محقق استاد لغاري جو لکيل آھي جنھن ۾ ھن شاھ لطيف جي شاعريءَ جي 36 سُرن جو تعارف ۽ فلسفو بيان ڪيو آھي. استاد لغاري لکي ٿو:
”هن ڪتاب لکڻ جو مقصد، حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڇٽيهن سُرن بابت، مفصل معلومات ڏيڻ آهي، ته ڪهڙي سُر جو نالو، ڪهڙي ٻوليءَ مان نڪتل آهي؟ ۽ ان لفظ جي لغوي معنيٰ ڇا آهي؟ ڪهڙي سُر ۾ ڪيترا بيت؟ ڪيتريون وايون؟ ۽ ڪيترا داستان شامل آهن؟ ۽ اهي سُر ڪهڙي راڳڻي ۾؟ ۽ ڪهڙي وقت (ٽائيم) تي ڳايا وڃن ٿا؟ وغيره. هي ڪتاب لسنرز دوستن لاءِ به هڪ ڄاڻ خزانو آهي. هر هڪ سُر جي تعارف کان پوءِ، چند بيت، انهن جون سمجھاڻيون ۽ فلسفا به بيان ڪيا ويا آهن، ته جيئن شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڇٽيهن ئي سُرن بابت، هر رخ کان روشني پئجي وڃي.“
Title Cover of book شاھ لطيف جا ڇٽيھ سُر

10. سُر“بلاوَل” جو فلسفو

“بلاول” عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي. جيڪو اسم خاص ۾ ماڻهوءَ جو نالو ۽ راڳ جي اصطلاح ۾، هڪ”ٺاٺ” يعني راڳڻي جو نالو آهي.
هي شاھ جي رسالي جو نصيحت ڀريو، سخا ۽ ساراھ وارو سُر آهي. هن ۾ بظاهر سمن قبيلن جي سردارن ۽ سربراهن جي سخا ۽ ساراھ وارا بيت چيل آهن. اُنهن ڄامن جي خاص خُوبي اِها هُوندي هُئي جو هُو وڏن ڄاڻو فنڪارن، منگتن ۽ مڱڻهارن کي ته نوازيندا هئا، پر وڏن ڏڏن ۽ جڏن کي به دل کولي دان ڏيندا هئا. اهڙا سخي سردار ۽ هيڻن جا همراھ، هونئن ته ٻيا به گھڻا ئي هئا، پر مختصر جيڪي نالا ڳڻائي سگھجن ٿا، اُنهن ۾ سخي جادم جکرو ولد سام، اوڍر پُٽ نوتيار، سمو پُٽ لاکو، جکرو پُٽ سمو، جکرو پُٽ اُڍو، مُهڙ پُٽ لاکو، ابڙو پُٽ رائيڌڻ ۽ ڪرڻ پُٽ لاکو جهڙن جوانن جا نالا اچي وڃن ٿا،
شاھ صاحب جي ڪلام جي خاص خوبي اها آهي، جو اُن ۾، نِج ديسي ڪردارن ۽ لوڪ داستانن وسيلي، حقيقي ۽ معنوي ڪردارن جون ڳالهيون ڳايون ويون آهن، مثلا؛
جکري جهو جوان، ڏسان ڪو نه ڏسين ۾،
مُهُڙُ مڙني مُرسلين، سَرسُ سندس شان،
ايءُ آگي جو احسان، جنهن هادي ميڙيُمِ ههڙو.
جھُڙَ تنهنجي جھپيا، هزارين حاتم،
ڪوجھن سندا ڪم، ڪامل ري ڪير ڪري؟
جکرو جس کرو، ٻيا مڙيئي مل،
سمي جي سُهاڳ جي، ڪنهن نه پيئي ڪل،
مٽيءَ اِن مُرسل، اصل هئي ايتري،
سما ! تو سِر ڇٽُ، نا ته پاڳارا پُرس ٻيا،
ڳُهُڙُ ! تنهنجي ڳڃڙي، اچي جال جڳٽ،
جنهن جيهو ئي پٽُ، تنهن تيهائي بِکيا،

هندوستاني موسيقيءَ ۾،”بلاولي” هڪ جدا راڳني ۽”بلاول” جدا راڳ آهي، شاھ جي راڳ ۾، سُر“بلاول” آهي، جيڪو هڪ خاص ٺاٺ آهي، جنهن مان ٻيا راڳ نڪرن ٿا،
هي شاھ جي رسالي جو ڏهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 55 بيت، 4 وايون ۽ 3 داستان شامل آهن، هن سُر جو پهريون بيت” الله ! جُنگ جِيَنِ، اَجھي جني گھاريان” ۽ آخري وائي” ڍڪ ڍڪيندو، مون نه ڇڏيندو، شفيعُ شافعُ سُپرين” آهي،

بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون

پانڊپ سين نه پاڙيان، سَئين ٻيا سردار،
آهي مثل مينهن جي، سخي ! تنهنجي سار،
حاتم هڙد هزار، جھُڙ تنهنجي جھپيا،
وڏي سخي سردار سان، ٻئي ڪنهن کي به برابر ڪري نه ٿي سمجھان، توڙي جو سوين ٻيا به سُهڻا سردار آهن، اي سٻاجھا سخي ! تنهنجيءَ (غريبن جي مٿان) سار سنڀار، مينهن جي ڀرپور وسڪاري وانگر آهي، سخي حاتم جهڙا ارڙنهن هزار ( هزارين هزار ) تنهنجي جھُڙ (رحمت جي ڪڪر ) ڇانهن ۾ ڍڪي ڇڏيا آهن،

راهُو ! تنهنجي ريت، پرکنڊين ئي پڌري،
گھڻا گھوڙي چاڙهيا، تو مسافر مسيت،
پُڇين ڪا نه وڏيت، جي آيا، سي اگھيا،
اي سخي راهُو ! تنهنجيءَ سخا واري ريت، پرڏيهن ۾ به پڌري آهي، مسيت ۾ ٽڪندڙ، گھڻن ئي مسڪين مسافرن کي، تو گھوڙن جو مالڪ بنائي، اُنهن تي چاڙهي پوءِ روانو ڪيو، تون ته ڪنهن کان ذات پات ئي ڪونه پڇين، جيڪي به سُوالي آيا، اُنهن جا عرض اگھامي ويا،

سر نهارج سڀرو، تڙ تڙ ڪيم ترسُ،
ڏيندئي لک لطيف چئي، راڄ راهُوءَجي رسُ،
وِلها جنهن ونهيان ڪيا، پاڳ تنهين جي پسُ،
ڪوڙيين لاهي ڪسُ، جي ڳالهائي ڳاٽ کڻي.
( اي چڱا چارڻ !) پاڻيءَ سان سُٺوڀريل، ڪو وڏو شاهي تلاءُ وڃي جانچ، هِتي هُتي ۽ هر هڪ تڙ تي نه پيو ڀٽڪ، سُهڻو شاھ لطيف چوي ٿو، ته” توکي لکن جي ڏات ملي ويندي، هيڪر راهُوءَ جي راڄ ڀاڳ واريءَ حد ۾ تون پهچ ته سهي !جنهن بُکيا ڏُکيا، سُکيا ستابا ڪيا، تون اُنهيءَ سُهڻي جي سرداريءَ ۾ وڃي پڄ، ڪروڙين ڪروڙ غريبن جي کوٽ پوريءَ ڪري ٿوڇڏي، جڏهن ڪنڌ مٿي ڪري، حُڪم ڏئي ٿو”.

جکري جهو جُوان، ڏسان ڪو نه ڏِسينِ ۾،
مُهُڙ مڙني مُرسلين، سرسُ سندس شان،
ايءُ آگي جو احسان، جنهن هادي ميڙيُم ههڙو.
جانب جکري جهڙو سُهڻو ۽ سخي جوان، ٻين سڀني طرفن ۾، آئون ڏسان ئي ڪو نه ٿو، سڀني پيغمبرن ( رسولن ) جو اڳواڻ آهي ۽ اُنهن سڀني کان وڌيڪ ان جو مانُ ۽ مرتبو آهي، اِهو منهنجي الله پاڪ جو وڏو احسان آهي، جنهن اهڙو عظيم ۽ هدايت ڏيڻ وارو سُهڻو سردار اسان کي عطا ڪيوآهي،

جکرو، جس کرو ! ٻيا مڙيئي مل،
سمي جي سُهاڳ جي، ڪنهن نه پيئي ڪل،
مٽي اِن مُرسل، اصُل هُئي ايتري،
جانب جکرو، صحيح ۽ سچي راھ وارو آهي، باقي ٻيا مڙيئي نالي جا پهلوان آهن، جانب جکري جي بالا بخت جي، ( اڄ ڏينهن تائين ) ڪنهن کي پوريءَ طرح ۽ مڪمل خبر ئي ڪا نه پيئي آهي، اِن نبي ڪريمُ ( صلي الله عليه وآله وسلم ) لاءِ، اُها پاڪ ۽ مقدس مٽيءَ هُئي ئي فقط ايتري،

ابڙو اگھامن ۾، سٻڙ جيئن ٻيلي،
سي پٽ ڪنهن نه پوڻيا، جي ٿو ڀڙ ڀيلي،
سمو سانوڻ مينهن جيئن، رِڃُون ٿو ريلي،
اچن جي ويلي، تن بور بخشي بٺ ڌڻي،
سخي سردار ابڙو، اگھامن جي ملڪ ۾ ايئن آهي، جيئن لسٻيلي ۾، سخي سپڙ ڄام سُلطان، اُهي ملڪ ۽ علائقا ٻئي ڪنهن به ڪو نه لتاڙيا، جيڪي هيءُ همت وارو مرد روزانو ٿو لتاڙي ۽ ڀيلي، سُهڻو سخي سمو سردار، سانوڻ جي مندائتي مينهن وانگر، رُڃن ۽ بيابانن کي به، پنهنجيءَ سخا سان ٿو سيراب ڪري، جيڪي ( مسڪين ) هڪ ويلي جي مانيءَ لاءِ سُوالي ٿي ٿا اچن، اُنهن کي، هي بٺي جو مالڪ، بور گھوڙيون بخشي ڏيئي ٿو ڇڏي،

ابڙو اگھامن ۾، ڀرجھلو ڀاري،
مَنهن مُني جکرو، طاماعُنِ تاري،
سمي سُوالين کي، ويلھ وساري،
پُڇي سي پاري، جي عاجز اُجُورن ۾.
سُهڻو سخي سردار ابڙو، اگھامن جي ملڪ ۾، غريبن ۽ مسڪينن جي لاءِ، وڏو ڀرجھلو ۽ آڌار آهي، هيءُ جانب جکرو ڇپر جي وچ واريءَ مضبوط مُنيءَ ( ٿوڻيءَ ) وانگر، جيڪي طمع رکي اچن ٿا، تن کي تاريندڙ ۽ گھُرج پوريءَ ڪندڙ آهي، سُهڻي سمي سردار، سُوالين کي، تُوڻ جي تنگيءَ مهل ٿيڻ وارو کاڌي پيتي جو کُٽڪو ۽ ڳڻتيءَ وسارائي ڇڏي، هُو اڻ هوند ۽ واندن کان به تڪليفون پُڇندو رهي ٿو، جيڪي محتاج ۽ مجبور، ٿورڙن اُجُورن ۽ خيراتن تي گذارو ڪندڙ آهن،
شاھ جي رسالي جو سُر“بلاول” سخي سردارن جي سخاوت جي بيانن سان، سراسر مُعطر لڳو پيو آهي.
معنوي پهلوءَ کان ڏسنداسين ته هن سُر مان، انسان ذات کي، فقط الله پاڪ جي در تان گھُرڻ ۽ حاج پوريءَ ڪرڻ جي لاءِ همٿايو ويو آهي ۽ حضورڪريم ( صلي الله عليه و آله وسلم ) جن کي، آخري پيغمبر ۽ رحمت للعالمين ڪري مڃيو ويو آهي،” مٽيءَ اِن مُرسل، اصُل هئي ايتري”.
اسان کي شاھ جي رسالي جي مُطالعي مان، هميشه نوان نوان عنوان ۽ اُهڃاڻ ملن ٿا، جن تي غور، فڪر ۽ عمل ڪرڻ سان، اسان پنهنجي دُنيا ۽ آخرت سنواري سگھون ٿا،