لطيفيات

شاھ لطيف جا ڇٽيھ سُر

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ محقق استاد لغاري جو لکيل آھي جنھن ۾ ھن شاھ لطيف جي شاعريءَ جي 36 سُرن جو تعارف ۽ فلسفو بيان ڪيو آھي. استاد لغاري لکي ٿو:
”هن ڪتاب لکڻ جو مقصد، حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڇٽيهن سُرن بابت، مفصل معلومات ڏيڻ آهي، ته ڪهڙي سُر جو نالو، ڪهڙي ٻوليءَ مان نڪتل آهي؟ ۽ ان لفظ جي لغوي معنيٰ ڇا آهي؟ ڪهڙي سُر ۾ ڪيترا بيت؟ ڪيتريون وايون؟ ۽ ڪيترا داستان شامل آهن؟ ۽ اهي سُر ڪهڙي راڳڻي ۾؟ ۽ ڪهڙي وقت (ٽائيم) تي ڳايا وڃن ٿا؟ وغيره. هي ڪتاب لسنرز دوستن لاءِ به هڪ ڄاڻ خزانو آهي. هر هڪ سُر جي تعارف کان پوءِ، چند بيت، انهن جون سمجھاڻيون ۽ فلسفا به بيان ڪيا ويا آهن، ته جيئن شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڇٽيهن ئي سُرن بابت، هر رخ کان روشني پئجي وڃي.“
Title Cover of book شاھ لطيف جا ڇٽيھ سُر

19. سُر“راڻي” جو فلسفو

19. سُر“راڻي” جو فلسفو

“راڻو” پراڪرتي ۽ هندي ٻولين جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي”ننڍوراجا” يا”ننڍڙي علائقي جو والي”. هي شاھ جي رسالي جو حقيقي ۽ معنوي سان گڏوگڏ مجازي محبت تي آڌاريل سُر آهي.
ڳالھ ٿا ڪن ته ماٿيلي جي حاڪم راجانند جون نياڻيون کانئس ناراض ٿي، هندوستان جي جيسلمير واري علائقي”لُڊاڻي” تي اچي، ڪاڪ نديءَ جي ڪناري تي، طلسماتي محلات جوڙائي، ان جي اندر بند ٿي ويهي رهيون. پڙهو گھُمايائون ته جيڪو به ماڻهو، محلات جون رنڊڪون پار ڪري، سلامتيءَ سان اندر پهچي ويندو ته مُومل اُن سان شادي ڪندي.
عُمرڪوٽ جي حاڪم حميرسومري( آخري ) جي هڪ ڏاهي وزير راڻي مينڌري عقل جي آڌار تي، اُهي سمورا جادُوءَ جا ٽڪساٽ پار ڪري، محلات ۾ داخل ٿي، وڃي مومل ماڻي. اڳتي هلي، جڏهن مومل ۽ راڻي جي وچ ۾، ڪنهن شڪ جي بُنياد تي، ناراضگي پيدا ٿي ۽ راڻو رُسي وڃي پنهنجي وطن ويهي رهيو، تڏهن مومل کيس پرچائڻ لاءِ، جوڳين ۽ سامين وارو ويس ڪري، وڃي امرڪوٽ ۾، حيلا، ايلاز، منٿون، عاجزيون ۽ ڪورنشون ڪيون. پر راڻو راضي ڪو نه ٿيوته مومل باھ جو آڙاھ تيار ڪرائي، اُن ۾ پاڻ اُڇلايو. نيٺ راڻو به پويان”مومل مومل” ڪندو وڃي پتنگ وانگر ان آڙاھ ۾ ڪريو. ايئن ٻيئي ڄڻا (مومل ۽ راڻو) ان آڙاھ ۾ جلي، سڙي، ڀسم ٿي، هميشه جي لاءِ اَمر ٿي ويا. هن سُر ۾ مومل پاران، راڻي کي راضي ڪرڻ لاءِ، عاجزين، انتظارين ۽ اشڪبارين جو انتهائي انوکو ۽ دلچسپ احوال اظهاريل آهي،

سُر”راڻي” جي معنوي نُقطي تي اچبو ته لطيف سرڪار، راڻي جي تمثيل سان،”وحدت الوجود” جي فلسفي جي پالوٽ ڪئي آهي. مثلا؛
ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو ؟ چٽاڻو چوڌار،
منجھ هين ڪاڪ ڪڪورئي، منجھ هين باغ بهار،
ڪانهي ٻي توار، ٿيو مڙوئي مَينڌرو،
سُر”راڻو” يا”راڳ راڻو” سنڌ جو بيحد مقبول راڳ آهي. مومل راڻي جي موضوع واريون ڪافيون، سڄي سنڌ ۾”سُر راڻي” ۾ ڳايون وڃن ٿيون. عام رسم روايت مطابق”راڻو” آڌيءَ رات بعد،”وهاڳ” کان پوءِ، يعني لڙي آڌيءَ کان پوءِ، اَسُر تائين ڳايو ويندو آهي.
هي شاھ جي رسالي جو اوڻيهون نمبر سُر آهي. جنهن ۾ 157 بيت، 10 وايون ۽ 10 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت” ڪالھ گڏيوسون ڪاپڙي، بابُو بيکاري” ۽ آخري وائي” ويهي ويهي سو هرگز هلبو، پانڌيئڙا پرڏيهي !” آهي،

بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون

ڪالھ گڏيوسون ڪاپڙي، بابُو رنگ بڀوت،
سريوسون سُڪوت، جوڳيءَ سندي ذاتِ کان.
ڪالھ اسان کي اوچتوگڏجي ويو، وڏي حوصلي، همت ۽ ڄاڻ وارو معزز ماڻهو، پر ميٽائين ۽ ڪڪڙي ويس ۾ هو. اُنهيءَ جوڳيءَ واري ذات کي ڏسندي ئي، اسان کي صبر ۽ آرام نصيب ٿي ويو،

جوڳي ايئن جرڪيو، جيئن اُونداهيءَ ۾ آڳ،
آديسي عشق جي، لائي آيو لاڳ،
آيو تنهن سڀاڳ، جيئن ڪوس ڏيهاڻي ڪاڪ تي.
جوڳي اوچتو ايئن جھرڪي ظاهر ٿيو، جيئن گُگھ اُونداهيءَ رات ۾، باھ جو ڪو اُوچو شعلو هجي، اُهو آديسي، الاءِ ڪٿان کان عشق ۽ لنوَ جي لالڙي لاڳ ۽ لاٽ لڳائي آيو ؟ سندس ڀاڳ ڦِٽو، جو اُن ڪاڪ تي ڪاهي ويو، جتي روزانو (عاشقن جي )”ڪوهان ڪوھ” لڳي پيئي آهي،

جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، تن لهي نه لالي،
کري کيپ خماريا، مئي پي موالي،
ڪري حاصل هليا، ڪيف ته ڪمالي،
وتن وصالي، لُڊوڻيا لطيف چئي،
جن قرب جي ڪاپڙين کي، ڪاڪ نديءَ جي نينهن ۽ قرب ڪڪوري ڇڏيو آهي، تن جي لُونءَ لُونءَ مان لالائيءَ نٿي لهي، جي محبت واريءَ مئي پي موالي ٿيا، اُنهن کي سچي نينهن واري نشي خُمار ۾ آندو، اُهي پُورو پڪو چوٽ وارو نشو، ڪاڪ ڪنڌيءَ تان حاصل ڪري هليا ويا، اُهي سدائين وصال لاءِ آتا ٿيا وتن، جي لُڊوڻي مان لوڌجي نڪتا آهن،

ڪاڪ نه جھليا ڪاپڙي، موهيا ڪنهن نه مال،
سوڍيون سِجھائي هليا، ههڙا جني حال،
جي ڇورين ڏنا ڇال، ته په لاهوتي لنگھي ويا.
وڏيءَ منزل وارا سچا عاشق، ڪاڪ نديءَ ( هِن جهانَ ) ڪو نه روڪيا ۽ نڪو مال، ملڪيت ۽ مايا تي موهجي (هرکجي ) ويهي رهيا، سُهڻين سوڍين کي به چُرڻ کان چُور چُور ڪري ويا، جن جا حال توڙي جو ظاهر ۾ اَڀرا سَڀرا ۽ هيڻا هئا، توڙي جو اَلهڙ البيلين پنهنجا ناز نخرا ڏيکاريا، (ٺينگ ٽپا ڏنا) ته به لاهوتي فقير(وڏا سچا عاشق) اُنهن کي ڇڏي، ڪاميابيءَ سان اڳتي روانا ٿي ويا،

سونَ ورنيون سوڍيون، رُپي رانديون ڪن،
اگر اوطاقن ۾، کٿورِي کٽن،
اُپٽيائون عبير جا، مٿي طاق تڙن،
ٻاٽن ٻيلُون ٻڌيون، پسيو سُونهن سڙن،
ٿيا لاهوتي لطيف چئي، پسڻ لئي پرين،
اِجھي ٿا اچن، ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي.
سونَ جي رنگ جهڙيون سُهڻيون سوڍيون ( سارو ڏينهن ) چِلڪندڙ چانديءَ جي سِڪن سان، رانديون رونديون ڪن ٿيون، اُنهن جي اوطاقن کي اگر جي سُرهاڻ مليل آهي، کٽن، هنڌن ۽ بسترن کي مُشڪ ۽ کٿُوريءَ جي هُٻڪار لڳل آهي، ڪاڪ نديءَ جي وهنجڻ وارن مخصوص تڙن ( غسل خانن ) تي اچيو، عنبير جا پُڙا ۽ صندوقون کولين ٿيون، ( اُن خُوشبوءِ، سُرهاڻ ۽ سُونهن تي ) اَلهڙ ۽ اَلبيلي نوجوانن اچي ٻيلون ٻڌيون ( ورِي ورِي پيا اچن ) اُها سُهڻي سُونهن ڏسندي ئي، اُنهن جي دل ۾ پيا دُود دُکن، سُهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته” پِريَنِ کي پسڻ جي لاءِ، عاشق وڃيو لاهوت واري درجي ۽ منزل کي پهچن”، اُهي وڃي، وري وري پيا موٽيو اچن، ڪاڪ جي رمز جا رڱيل ۽ مومل جي مجاز جا موهيل، ڪڪوريل اکڙين وارا ڪاپڙي،

ڀيرو ڀڃ مَ ڪاپڙي! لاهي ويھ مَ لاڳ،
تان مون هينئڙو ماڳ، جان تون جوڳي ! جُوءِ ۾.
اي ڪاڪ ڪنڌيءَ جا ڪاپڙي ! تون ڦيرو ختم ڪري نه وڃ، پيار وارا وڙ، واسطا ۽ لھُ لاڳاپا ٽوڙي، پري وڃي ويهي نه رھ، اي منهنجا جانب جوڳي ! تون جيستائين جو لُڊاڻي واريءَ جُوءِ ۾ هوندو آهين، تيستائين منهنجو منڙو قرار ۾ هجي ٿو،

ڪرها ! ڪارڻ ڪاھ، توکي ڌڻين ڌاريو،
ساري ڏيج سيد چئي، لُڊاڻي تان لاھ،
مُقابلو مومل سين، ٿيندُءِ سنجھ صُباح،
سوڍي جي صلاح، ڪَونر چرندين ڪاڪ جا.
اي چڱا چانگا ! وڏي پنڌ واري مُسافري ۽ سواريءَ خاطر، مالڪن توکي تاتي، پالي، وڏو ڪيو آهي، سُهڻو سيد چوي ٿو ته” تون ساري سنڀاري، لُڊاڻي تان گھُمرا ۽ ڦيرا پيو ڪندو ڪر، اِجھو اڄ يا سُڀاڻي ! نيٺ موچاريءَ مومل جي آمهون سامهون اچڻو پوندئي ! سوڍي جي سُهڻي صلاح ۽ رضا سان ئي، ڪاڪ جا ڪچڙا گُل، گَونچ ۽ ٻُور تون چري سگھندين،
اهڙيءَ ريت، شاھ جي رسالي جو سُر” راڻو”، محبت ۾ مُستغرق ۽ وڇوڙي ۾ وڪوڙيل اُداس عاشقن ۽ عاجزن جي لاءِ، التجائون ۽ عاجزيون کڻي، اختتام پذير ٿئي ٿو.
فقيرغلام حسين شيخ (ولد ڪرم علي شيخ، ويٺل ڍير مِٺوفقيرلُنڊ، لڳ ڦُلهڏيون) چوي ٿو ته”شاھ جورسالو ڪُل ٽوٽل”ڪيڏارو” آهي. شاھ جو اُهو ڪلام، جنهن ۾ وڇوڙي، ورلاپ، درد ۽ قهر جي ڪيفيت سمايل هجي، سمجھو ته اُهو ڪلام سُر”ڪيڏارو” آهي”. اهڙيءَ ريت سُر راڻي ۾”سي ڪيئن مينڌرا ! مچن ؟ جي تو سوڍا ! سُوريءَ چاڙهيون”،” مون کي ڦٽ فراق جو، ٿو مينڌرا ! ماري” ۽” پايو پِٽين ويٺيون، ڪاڪ ڌڃاڻيون ڪک” جهڙيون سُورائتيون سِٽون اهو ثابت ڪن ٿيون ته سُر”راڻو” هر هڪ پيار ڪندڙ ۽ جُدائيءَ ۾ جلندڙ جندڙين جي لاءِ، جيءُ جو جياپو، ڏُک جو ڏوراپو ۽ نينهن جو نياپو آهي،