25. سُر“رامڪلي” جو فلسفو
“رامڪلي” هندي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي، فقيرن جون ڳالهيون” يا”رمتا جوڳي”. هي شاھ جي رسالي جو وڏي سُلوڪ وارو سُر آهي، جنهن کي صحيح طور سمجھڻ جي لاءِ، صوفيانه سوچ ۽ فڪر جي ضرورت پوي ٿي. هن سُر جا ڪي ڪي بيت اُلٽي معنيٰ وارا به آهن، جن تي ڄاڻ کان سواءِ، تبصرو ۽ بحث ڪرڻ اجائي ۽ فضول آهي. مثلا؛ هيٺيان ٻه بيت ڏسو؛
لُنگ ڪڍيائون لانگ، موٽي ڪن نه مسحو،
جا اِسلامان اڳي هئي، سا سُئائون ٻانگ،
نڪا دل دوزخ ڏي، نڪي بهشت گھُرن،
نڪو ڪم ڪُفار سين، نڪا مسلماني من،
اُڀا ايئن چون، ته”پرين!ڪِجاهون پانهنجو”.
آديسي ۽ پوربي فقيرن جون ٽوليون، هندوستان کان پيدل نڪري، تيرٿ ياترا لاءِ، هنگلاج، ڪابل ۽ ڪشمير ڏانهن وينديون هيون. انهيءَ وچ ۾، ڏک، بک، بيماريون، لُکون، جھولا، سخت سيءُ، درياءُ جھاڳڻ، جبل، پهاڙ ۽ بيابان لتاڙڻ، پيرين پراڻا کيترا، انگ تي ڦاٽل اَڳڙيون، پوٽڙين ۾ پاڻي، گام مان گدائون ڪرڻ ۽ ڪشٽ ڪاٽڻ کان پوءِ، وڃي پنهنجي رب کي ريجھائيندا هئا. اهڙن آديسي ۽ رامڪلي فقيرن کي، ٻه سَو کان به وڌيڪ صفتي نالن ۽ لقبن سان ياد ڪيو ويندو آهي، جن مان ڪجھ صفتي نالا ۽ لقب هيٺينءَ ريت آهن؛ آديسي، آڌوتي، الستي، انادي، باهوتي، بنواسي، بيراڳي، بيکاري، ٻهروپي، ڀڀوتي، تارڪ، تياڳي، پريمي، پُوربي، جبروتي، جوڳي، خاڪي، دادو پنٿي، ڌرماتمي، رام پنٿي، رامڪلي، راول، رشي، ساڌو، سامي، سنياسي، سُويساها، سينَ پنٿي، شِرڌالو، شِوَپنٿي، فقير، ڪابولي، ڪاپٽ، ڪاپڙي، ڪبيرپنٿي، ڪلپتي، ڪن چير، ڪن ڍار، ڪن ڦاڙ، ڪن ڦٽ، ڪن ڪٽ، ڪنوٽيا، ڪُويساها، ڪَيف ڪڪوريا، کاهوڙي، گرناري، گُڻوان، گودڙيا، گورک پنٿي، گوگي، گياني، لاطمع، لامڪاني، لاهوتي، لوڪ تياڳي، مڌوَآچاري، ملڪوتي، ملوڪ داسي، مواسي، موالي، مهيسي، نابودي، ناٿ پنٿي، ناسُوتي، نانگا، نردوشي، ويچاروان، ويراڳي، هاهوتي، هرڪيسي، هنگلاجي ۽ يوگي وغيره.
شاھ جي راڳ ۾، سُر“رامڪلي” وهاڻيءَ رات ڳائجي ٿو. هي سُر“هندوستاني رامڪلي” سان به لڳي ٿو. جيڪو پڻ”هندوستاني ديسڪار”سان ملندڙ آهي. هي شاھ جي رسالي جو پنجويهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 199 بيت، 9 وايون ۽ 7 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت” جوڳيئڙا جهانَ ۾، نُوري ۽ ناري” ۽ آخري وائي” شُڪُر آڻ بجاءِ، آهيين اَهلُ الله سين” آهي.
بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
جيڪي مون کي ني، نا ته نانگا! وانءُ مَ نڪري،
پھ پروڙيم پٿ جا، ڪينر منجھان ڪي،
هاڻي جي هنيئي، آءٌ نه جِئندي اُن ري.
اي ناسوتي نانگا! يا ته مون کي پاڻ سان گڏ وٺيو هل، نه ته هتان کان نڪري، ايئن هليو نه وڃ. مون جبروتي جوڳين جي هن ٽولي جا، ڪي پھ ۽ وڃڻ وارا ارادا، سندن ساز واريءَ وڄت مان ئي معلوم ڪيا آهن. (اي آديسي!) تو جيڪي هاڻي هاڻي، هن ڪينر تي (وڄائڻ وارا) هٿ هنيا آهن، انهن کان سواءِ، منهنجو جيئڻ مشڪل آهي!
جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته طمع ڇڏ تمام،
گولا جي گولن جا، تن جو ٿيءُ غلام،
صبر جي شمشير سين، ڪر ڪيني کي قتلام،
ته نانگا!تنهنجو نام، لکجي لاهوت ۾.
جي ڀانئين، (مالڪ جي راھ ۾) جوڳ پچائيندڙ ۽ تپسيا ڪندڙ ٿيان، ته سموري لالچ ۽ لوڀ ڇڏي ڏي. جيڪي نوڪرن جا به نوڪر آهن، تون انهن جو به وڃي نوڪر ٿيءُ. صبر واريءَ تلوار سان، دشمني، بدخواهي ۽ ڪيني کي مار ۽ ان جو قتلام ڪر. ته اي نِرآڪاري نانگا! پوءِ تنهنجو نالو،”لاهوت” جي درجي تي پهتل فقيرن سان لکجي. (وڌيڪ وڏي منزل وارن سچن سالڪن ۾ ڳڻجي).
پُوري پئي رھ، اُپٽي اُجھ مَ ڪاپڙي!
اُلا جي عشق جا، سي تون سهيو سھ،
پڇ پاڻ کي پھ، هنگلاج هلڻ جو.
اي ڪن ڪٽ ڪابولي ڪاپڙي! اکيون پوري پيو اندر ۾ سوچ، اکيون کولي، ڏسي وائسي مونجھاري ۾ نه پئو. عشق جا جيڪي اُوچا اُلا آهن، سي پيو هر هر ساھ ۽ سرير تي سھ. (برداشت ڪر). (اي هرڪيسي!) هنگلاج ڏي هلڻ جو پڪو ارادو، پنهنجيءَ دل من کان، پل پل پيو پڇندو رھ.
اندر نه ساھ سُڪائين، ٻهر سُڪايين ٻانهون،
مُٺا! مُٺئي پاڻ کي، چئين“ آديسي آئون”،
او پنڌ پراهون، جتي نظر ناٿ جو.
(اي شهر فقير شِرڌالو!) پنهنجو من، اندر ۾ مارين ڪو نه ٿو، ظاهر ظهور، ٻاهران ٻاهران ٻانهون سُڪايو پيو ڦرين. اي ڌڪاريل ڌرماتمي! تو پاڻهي پاڻ کي ڌڪاريو آهي، پوءِ به سنئون سڌو چوندو وتين ته“آئون آديسي آهيان”. (اي پريم پُڄاري پينو!) اُها منزل اڃان دور اٿئي، جنهن ۾ حقيقت کي ڏسڻ پسڻ ۽ تلاش ڪرڻ واري نظر هوندي آهي.
سامي، کامي پرينءَ لئي، ڪُسِي ٿيا ڪباب،
اوتين ارتي گاڏئون، منجھان اکين آب،
جهڙو ڏسن ڏوھ کي، تهڙو تن ثواب،
سندو جات جواب، تون ڪيئن پڇين تن کي؟
سُچيت سامي، پنهنجي پرينءَ لاءِ، سڙي، پچي، ٻري، ڪُسي، ڪباب ٿي ويا آهن. اُهي الله لوڪ آديسي، پنهنجين اکڙين منجھان، رت گڏيل لڙڪ لاڙيندا ٿا رهن. انهن لاطمع لاهوتين جي لاءِ، ڏوھ ۽ ثواب کي ڏسڻ، ڳالھ مڙيئي ساڳي آهي. انهن جھاڙائي جوڳين کان، ذات جو جواب پڇڻ (ته توهان ذات جا ڪير آهيو؟) هرو ڀرو ۽ اجايو آهي.
جن اُجھيو، تن نه ٻُجھيو، ويٺي گڏين وير،
ڏوري ڏٺائون ڏک سين، پاڻ منجھيئي پير،
لٿو تن لطيف چئي، جُسي جو جنجير،
ڪين ڏٺو هو ڪاپڙين، ڪابل ۽ ڪشمير،
سچ جني جو سير، تن گُر ويٺي ئي گڏيو.
جيڪي تارڪ جوڳي، هيڏانهن هوڏانهن هليا، (اوجھڙ ۾ ڀٽڪيا) تن ڪو نه پروڙيو، ڪن کي هڪڙي جاءِ تي ويٺي ئي، وڏو رهبر(مهاتم) ملي ويو. پنهنجي من اندر ۾ جھاتي پائي، ڪشالا ڪڍي ڏٺائون، ته سندن پير ۽ مرشد (ارشاد ڪرڻ وارو) پنهنجي اندر ۾ ئي موجود هيو. سهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته” انهن آديسين تان، جسماني ۽ نفساني خواهشن وارو ٻنڌڻ (کٽڪو) ئي لهي ويو”. ڪن ڪٽ ڪاپڙين، هن کان اڳ م، پيرين پنڌ ڪري، ڪابل ۽ ڪشمير (ڏوراهون ڏيھ) ڏوري ڪو نه ڏٺو هو. جن جو ست ۽ سير، صرف حق ۽ سچ هوندو آهي، تن کي هدايت ڏيڻ وارو (رهبر) گھر ويٺي ئي ملي ويندو آهي.
جوڳيءَ کي جُڳ ٿيا، مٿي سين ميري،
اکيون الک سامهيون، ڀونءِ ڏي نه ڀيري،
ڪڪا وار ڪلهن تي، ڄراٽيا ڄيري،
لڙڪ لال لطيف چئي، ڪنبي ۽ ڪيري،
نينهن نه نبيري، سُور چري تئن سنرو.
جبروتي جوڳيءَ کي، گِڙشِلِي، ريِڪڙِي، گر ۽ مر لڳل، مٿي سان رهندي، زمانن جا زمانا ۽ جُڳن جا جُڳ گذري ويا. پنهنجيون پياريون اکڙيون، جو حقيقي مالڪ ڏانهن(مٿي) کنيائين، ته وري واپس هيٺ زمين ڏانهن نه واريائين. هُن ڪلپتي ڪن چير جي ڪلهن تي، رکيل ڪارا وار، سج جي سيڪ سببان، ڦٽي، ڪڪڙا ۽ ڀُورڙا ٿي ويا. سهڻو شاھ لطيف چوي تو ته” اکڙين مان رت جا ڳاڙها لال ڳوڙها، (خدا جي خوف وچان) ڪنبندي ڪيرائيندو رهيو. ( پوءِ به پنهنجي) نينهن ۽ عشق ۾ گھاري نه وڌائين، جيئن جيئن سُور سهندو وڃي، تيئن تيئن وڌيڪ سَرهو ٿيندو وڃي.
هي شاھ جي رسالي جو هڪ اهڙو سُر آهي، جنهن مان راول ۽ رامڪلي فقيرن جو، وحدانيت وارو ويراڳ ۽ ماحول، موجون ماريندو ۽ ڇوليون ڇُلائيندو نظر اچي ٿو.”ڪشي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نينهن جي، جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي”. يا هي بيت پڙهو؛” ڪيهي ڪام ڪاپڙي! ايهي روش رون، نڪا دل دوزخ ڏي، نڪين بهشت گھُرن”. هن سُر ۾، اُلٽي معنيٰ وارا بيت به شامل آهن، جن جي پڙهڻ کان پوءِ، پنهنجي مرضي موجب معنيٰ ڪڍڻ کان اڳ، تصوف ۽ سُلوڪ جو صاحب هجڻ نهايت ضروري آهي، ورنه هوا ۾ لٺيون هڻڻ کان سواءِ، ٻيو ڪجھ به هڙ حاصل نه ٿيندو. هن سُر جي سمجھاڻي، ڀٽائي رحه جي هيٺيين بيت سان اختتام پذير ڪجي ٿي ته،”گندي ۽ گِراھ، جن سناسين سانڍيو، اُني کان الله، اڃان اڳاهون ٿيو”.