32. سُر“شينهن ڪيڏاري” جو فلسفو
“شينهن ڪيڏارو” ٻن ڌار ڌار ٻولين جي لفظن جو مرڪب آهي.”شينهن” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي،”شير”،”ببر”،”ڪيهر”،”ڪَيسر”(قيصر)،”چيتو” يا”واگھ” وغيره.”ڪيڏارو” سنسڪرت جي”ڪيدار” ۽ عربيءَ جي”ڪيد” مان نڪتل لفظ اهي. جنهن جي لغوي معنيٰ آهي”جنگ”،”جھيڙو”،”لڙائي”،”ڪِلو” يا”معرڪو” وغيره. انهن ٻنهيءَ لفظن کي ملائي، هڪڙو لفظ ٺاهبو ته اُن جي معنيٰ ٿيندي”واگھ جي ويڙھ”،”شير جي لڙائي” يا”ڪيهر جو معرڪو” وغيره.
هن سُر جي بيتن ۾، ڪيهر شينهن جي عادتن، اُصولن ۽ دٻدٻي وارو پسمنظر چٽيو ويو آهي. شاعر چوي ٿو، توڙي جو سوين سَو سِيارڙا (گدڙ) گڏجن، يا کڻي ڪيترائي جنبو( ڪتا) گوڙ گھمسان ۽ هشري مچائين، پر ڪيهر جي ڪن تي اُڊڪو ئي ڪو نه ايندو. ڪَيسر جو ڪم آهي هاٿيءَ جو شڪار ڪرڻ، پهاڪو آهي ته”شينهن بُک مري، پر ڊڀ نه چري.” توڙي جو گينور نه گڏجيس، پر تڏهن به هُو هروڀرو هرڻن جو شڪار ڪو نه ڪندو. ڪيهر لاءِ، پاڻ کان هيڻي جانور جو شڪار ڪرڻ ڄڻ مهڻو آهي.”ڪَيسر ڪِلي وار، ٿو گس نهاري گينورين”.”ايءُ ڪَيسر جو ڪم، جيئن هاٿيءَ کي هٿ هڻي”.
هن سُر جي داستان ٻئي ۾، هاٿي، بورائي باز ۽ شقري باز جي ڪجھ صفتن جو ذڪر پڻ ڪيل آهي. اهڙيءَ ريت داستان ٽئين ۾، ڪُتي ۽ قريب جو هڪٻئي سان تعلق ڏيکاريل آهي.
ڪيهر قصد ڪباب سين، مڇي مور نه کاءِ،
جي سينهان سَو لنگھڻين، توءِ نه لِک لکاءِ،
پير تتهين پاءِ، جت ناھ مجال مِرُوءَ جي.
نينهن، سيچاڻي، شينهن، ٽنهي قصد ڪباب سين،
رات کاڌائون ڏينهن، ته پڻ ڀُوڻن بُکيا،
راڳ جي لحاظ سان، سُر“شينهن ڪيڏارو” پهلواني مقابلن ۽ جنگي جوڌن جو سُر آهي. آلاپ ۽ ادائيگي جي لحاظ سان، سُر“شينهن ڪيڏاري” جون، جدا جدا وڄتون آهن، جن ۾ ڪي”چلتو” ۽”چالي” وڄتن وارا بيت به شامل آهن. هي شاھ جي رسالي جو ٻٽيهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 39 بيت ۽ 3 داستان شامل آهن. هي شاھ جي رسالي جو واحد سُر آهي، جنهن ۾ ڪا به وائي شامل ناهي. هن سُر جو پهريون بيت”مٿي جنهن مدار، کاند تنهن جو تڪيو” ۽ آخري بيت”ماٺ ڪِيو مارينس، ڪُڇ ڪتي سين ڪِينڪين” آهي.
بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
مٿي جنهن مدار، کاند تنهن جو تڪيو،
پاڻ اونچو، عادت نيچي، ايءُ سينهان پروار،
ڪَيسرڪرجُهار، ڏٺي جنهن ڏارت لهي.
(اُهو شينهن) جنهن جو دارومدار مٿڀري اُصولن وارو، بردباري، سهپ ۽ صبر جنهن جو وڙ آهي، پاڻ آهي ته سڀني جھنگلي جانورن جو سردار، پر سندس عادت ٿڌي ۽ ديرپا ٿيندي آهي، اِهو اُن شينهن جي پروار ( خانداني نسل) جو پڌرو ۽ چٽو اُهڃاڻ آهي، اُن ڪَيسر شينهن کي نوڙت ۽ عاجزيءَ وارو سلام ڪندو رھ، جنهن جي رڳو ڏسڻ ساڻ ئي ٻين( آفتن ۽ مصيبتن) جو خوف ۽ ڊپ لهي ٿو وڃي.
موڪري تري، ڇوٽي نري، ڇوٽو ڪيهر پاڻ،
گجي ته گيور هڻي، مِرُو ٻيا آساڻ.
چنبي جي تري ويڪري، ڄنگھ جي نري ننڍي ۽ ڪيهر شينهن پاڻ قد جو پورو پنو ۽ ڪجھ ڪجھ ڇوٽو هوندو آهي، جڏهن گجگوڙ ڪري ٿو ته، هاٿين جو شڪار ڪندو آهي، باقي جھنگل جا ٻيا جانور ۽ مِرُو ته هن لاءِ، بلڪل آسان( ۽ ڪجھ به ڪو نه) هوندا آهن.
سهسين مڙي سيارڙا، جي جنبو جاڳر ڪن،
ته ڪِهر ڪن نه اُڊڪي، ڊراءِ نه ڊرڄي تن.
جي سوين سو ۽ هزارين هزار گدڙ گڏجن، جي ڪتن جا ڪٽڪ گڏجي گوڙ گھمسان ڪن، ته به ڪيهرشينهن جي ڪن تي اُلڪو ئي ڪو نه ٿو اچي ۽ هُو انهن کان ڊپ ڊراءُ يا خوف خطرو ئي محسوس ڪو نه ٿو ڪري.
ڪُڙهو ڪَيسر وياءُ، پسو واگھ وِلاڙيو!
ٻيٽو ٻاپ مُلاءُ، ذرو ضايع نه ڪري.
ڪيهر شينهن جو نئون ڄاول ٻلونگڙو، ڏسو ته سهي! واگھ (وڏي شينهن) وانگر ٿو ڊوڙون پائي. پُٽ، پيءُ جي عادتن منجھان، ذرو به ضايع ڪو نه ٿو ڪري.
ٻيٽو ٻاپان وترو، ڪُڙهو ڪَيسر پسُ!
آپ ڇُپاوڻ، پر مارڻ، ذات سينهان جي جسُ،
جئن وڄي دمامن دسُ، تئن مٿي اَڙن اُسري.
پُٽ، پيءُ کان (عادتن ۾) ٻه وکون اڃان به اڳتي آهي، ڪيهر شينهن جو ٻچو ته ڏسو! ڇپ هڻي ويهڻ، پري پري وڃي شڪار ڪرڻ، شينهَنِ جي ذاتي ۽ اصلي خصلت آهي. جيئن دُهل جو ڪڙڪو، دڌڪو ٿو ڪري، تيئن هيءَ وڪوڙيل شڪار تي چڙهيو ٿو وڃي.
ايءَ ڪَيسر جي ڪار، جئن هاٿيءَ کي هٿ هڻي،
جي ويهين واگھين ويڙهيو، توءِلانجھوڪيم نهار،
ڪِلي وير قرار، رِءَ ڪِلي ٿئي ڪانهرو.
اِها ڪيهر شينهن جي ڪاريگريءَ ۽ ڪماليت آهي، جو هاٿيءَ سان وڃيو ٿو اٽڪي. جي ٻيا ويھ شينهن کيس ويڙهي وڃن، تڏهن به اُن کي ڪمزور نه ڏس. هن کي هميشه ويڙھ ۾ مزو ٿو اچي، بنا ويڙھ جي گيدي ۽ ڪمزور ٿو ٿئي.
ايءُ ڪَيسر جو ڪم، جئن هاٿيءَ کي هٿ هڻي،
نهوڙي ناڀن سين، دمائيس نه دم.
ڪِلي وير قدم، کوڙي پر کڻي نهين.
اهو ڪيهر شينهن جو ڌنڌو ۽ ڪمال آهي، جو هو هيبتناڪ هاٿيءَ سان وڃي ٿو اٽڪي. چنبي جي ننهنڊن سان نهوڙيو، پوءِ ساھ به کڻڻ نه ٿو ڏئيس. لڙائيءَ مهل، ويڙھ جي ميدان ۾، پنهنجا پير پختا ٿو کوڙي، پر هٽائي نه ٿو.
روجھ نه پکرجن، متا جي ماھ گھڻي،
ڪِجي سنگ سينهن سين، واڪي جي ورن.
روجھ کنڀ ڪڍي ڪڏهن ڪو نه ٿا اڏامن، توڙي جو متا متارا ۽ گھڻي ماس وارا هجن، سنگت رکجي شينهنِ سان، جيڪي هڪل ڪرڻ سان اچي حاضر ٿين.
ڪِهر قصد ڪباب سين، مڇي مور نه کاءِ،
جي سينهان سَئُه لنگھڻين، توءِ نه لِک لَکاءِ،
پير تتهين پاءِ، جت ناھِ مجال مِرُوءَ جي.
ڪيهر شينهن جو ضد ۽ اٽل ارادو، هميشه گوشت کائڻ جو هوندو آهي، هو مڇيءَ ٺپ ڪو نه ٿو کائي! جي شينهن کي سَو دفعا بُک لڳي، ته به ذرڙو به ڪو نه لکائيندو آهي، اُتي هلچل، اچ وڃ ۽ مارو ڪندو آهي، جتي مِرُوءَ جي ڪا به مجال ناهي هوندي.
نينهن، سيچاڻي، سينهن، ٽنهيءَ قصد ڪباب سين،
راتِ کاڌائون ڏينهن، ته پڻ ڀُوڻن بُکيا.
نينهن(عشق)، باز ۽ شينهن، انهن ٽنهيءَ جو گذران ۽ ارادو فقط ماس کائڻ سان هوندو آهي، (اهي ٽيئي) رات ڏينهن پيا کائيندا، ته به پيا بُکيا ڦِرندا.
گئون ماريو گِر چڙهي، گِر چڙهيو گئون کاءِ،
ڪِهر پلاڻِي جي سهي، ته لُون لُون لک بِڪاءِ.
ڳئون ماريو گجگوڙون ڪري، گجگوڙون ڪريو وري ڳئون کي کاءِ، جي ڪِهرپلاڻي( هنو) سهي يا برداشت ڪري ته هن جي لُون لُون لکن ۾ وڪامي ها.
ڪَيسر کي ڪِرندي، لڪڙي لڪ پيوس،
هرنا هٿ نه هڻي، گينور ڪو نه گڏياس.
ڪيهر شينهن کي ڪِرندي مهل، مصيبت جو منهن ڏسڻو پئجي ويو، (چيلھ ۾ چُڪ پئجي ويئي) ۽ اُهو آزار ۾ پيو، پوءِ به هو هرڻن جو شڪار ڪو نه ڪري، پر هاٿي هن کي ڪو نه گڏيو.
هاٿي همت سين هڻي، هرنا هٿ نه ڏي،
سامهون اچي جن کي، نهوڙي تن ني،
اِن ڪِهر ڪنان ڪي، پڳان ڀاڳين اُبهن.
هاٿيءَ کي همت سان هڻي ڪيرايو ٿو وجھي، ويچاري هرڻن کي ڪجھ ڪو نه ٿو چوي، جن جانورن کي سامهون گڏجي وڃي ٿو، اُنهن کي اصل تباھ ڪريو ٿو ڇڏي!اِن ڪيهرشينهن کان، ڪي ڀاڳن وارا، پيرن تي زور رکي، ڀڄي بچي ٿا نڪرن.
ڪِهر ڳري لڳ، جي هاٿيءَ جو هڏ گھرين،
پسي وڏو وڳ، جنبو جم نهاريين!
جي هاٿيءَ جو هڏ (عضوو) گھُرين ٿو، ته وڃي ڪيهر شينهن سان دوستيءَ رک، (وڃي ان جي گلي پئو) رولو ڪُتن (گدڙن) جو وڏو ٽولو ڏسي، متان انهن جو آسرو ڪرين!
جنبو ته جونجھار، سينهن وڏي ئي ست سين،
ونڪو ويريين ويڙهيو، توءِ هٽائي هزار،
ڪَيسر ڪِلي وار، ٿوگس نهاري گينورين.
ڪتو (گدڙ) ڀلي ڪيترو ئي پاڻ کي بهادر سڏائي، پر شينهن وڏي همت وارو ٿئي ٿو، جي ونڪ ونڪ(قسم قسم) جا خونخوار جانور هن کي ويڙهي وڃن، تڏهن به هو هزارن کي ڀڄائي ڪڍندو آهي، ڪيهر شينهن لڙائيءَ مهل، صرف هاٿين جو دڳ وڃي جھليندو آهي.
موران ماٺو نه ٿئي، تازي جو توڙان،
هاٿي جي هيڻو وهي، توءِ گھڻ مُلهوگھوڙان.
جيڪو اصلي تازي گھوڙو هوندو آهي، اُهو مٺو يا پونير ٿيندو ئي ڪو نه! پر هاٿي کڻي ڪيترو به هيڻو يا ڏُٻرو ٿي وڃي، تڏهن به گھوڙن کان مُلھ ۾ مهانگو ۽ گھڻو قيمتي هجي ٿو.
کڻ بورائو باز کي، ڳِجھ جي ڪج مَ ڳول،
ڊوڙ جنهن جي ڊونڍ ڏي، رِڻ ۾ وتي رول،
جو ٻهون پاري ٻول، سوهٿان ڇڏ مَ شِڪرو.
باز کي پنهنجو سُونهون ۽ رهبر ڪري کڻ، تون ڳجھ جي ڳولا ڪرڻ ڇڏي ڏي، ڳجھ جي ڊوڙ سدائين ڊونڍ ڏي هوندي آهي ۽ اُها پئي ميدانن ۾ واجھائيندي ۽ رُلندي آهي، اُن شهباز کي هرگز هٿان نه وڃاءِ، جيڪو پنهنجا ڪيل سمورا قول ۽ وچن، هر حالت ۾ پورا ڪري ٿو.
کڻ بورائو باز کي، ڳِجھ مَ ڳري لاءِ،
آهي اِن انڌيءَ جي، جِيفي پاسي جاءِ،
کاڄ اُهوئي کاءِ، هو جو قوت ڪِلاب جو.
باز کي سُونهون، رهبر ۽ اڳواڻ ڪري مڃ، ڳجھ کي نڪو ڳل سان لڳاءِ ۽ نڪو ان کي ڳيراٽڙي پاءِ، انهيءَ انڌيءَ جي، رڳو جُوفي ۽ حرص واري پاسي ڏي ڊوڙ ۽ اُڏام آهي، کاڌو اُهو ئي کائي ٿي، جيڪو ڪُتن جو ڪِنو قوت آهي.
سگبان جي سينڍاريا، بڇيا تي بهن،
ڦريا نه فرمان کان، مُل نه موتيئڙن،
ڪونهي ڏوھ ڪتن، ڏاڪاريا ڏاڙهين ٿا.
ڪتا تنهن ڪري ٿا ڀونڪن، جو پاليندڙ مالڪ، انهن کي سِينڍ ۾ بڇون ٿو ڪري، اُهي مالڪ جي حڪم کان، ذرڙو به ڪو نه هٽيا، انهن موتيئڙن (ڪُتڙن) جو مُلھ ڪَٿي به نه ٿو سگھجي، ڪتن جو ڪو به ڏوھ ڪونهي، ڇو جو اهي هُشڪار ڪرڻ تي، يعني ڇُڇُڪر يا بڇ ڪرڻ تي ڏاڙهين ٿا.
ڪُتو طالب ڍُونڍ جو، اسين ڪتي ڪِيڙ،
چُهٽي آهي چِيڙ، ڪارايل جي ڪن ۾.
ڪُتو ڍُونڍ جو ڳوليندڙ آهي ۽ اسين وري ان ڪتي جا ڪِيڙا آهيون، جيئن ڪاري ڪتي جي ڪن ۾، چِچِڙِي چُهٽيل هوندي آهي، (اسين تيئن آهيون).
ڪُتو ڪُرٽي هڏيون، جوان مرد جگر کاءِ،
“الدنياجيفه وطلابهاڪِلاب”، اِي هنيين سين لاءِ.
جيئن ڪتو هڏيون ٿو ڪُرٽي، اي جوان مرد! تون ايئن پنهنجي جگر(غصي) کي کاءُ!“دنيا ڍونڍ آهي ۽ ان جو ڳوليندڙ ڪتو آهي”، تون اها ڳالھ پنهنجي هنيين سان هنڍاءِ.
ڪُتا! قريبن سين، ڪهڙو ڪريين ڪوڏ؟
هُوءِ جي چُونئي“ٻوڏ!”، ته دران تون دور ٿيين.
(هتي عاشق جو اشارو پنهنجي پاڻ ڏانهن آهي) اي دوستن جي در جا ڪُتڙا! تون انهن سان ڪهڙي قسم جو پيا ٿو ڪرين؟ جي هُوءِ توکي چون ٿا”ٻُڏي مرُ!” ته تون در ڇڏيو هليو ٿو وڃين!
جني سندو آهيين، سي جي چُونئي”ڦِٺ!”،
ته ڪُتا! قريبن سين، ڀيري ٻڌ مَ بِٺ،
هُوءِ جي چُونئي“هِٺ!”، ته ڪاڻيارو ٿين ڪُڙم ۾.
تون جنهن جو(پياسي) آهين، جي اهي توکي”لعنت” وارو لفظ چون، ته اي دوستن جي در جا ڪُتڙا! تون انهن قريبن سان، هوڏ جو سنڌرو ٻڌي نه بيھ، جي هُو توکي چون”هيٺ ٿيءُ!”، ته تون ڪاڻيارو ٿي پوندين ڪُڙم ۾.
جني سندو آهيين، سيئي چُونئي”هڙ!”،
ته ڪتا! قريبن سين، دعويٰ پئي مَ دڙ،
جني وِڌوءِ وڙ، وريو عاقي ٿئين ان سين.
تون جنهن جو (پنهنجو) آهين، جي اهي توکي”هُوڙھ!” يا”هِش!” وارو دڙڪو ڏين، ته اي دوستن جي در جا ڪُتڙا!تون انهن قريبن سان، دعويٰ جي زورآزمائي نه ڪر، جن تو سان احسان منديءَ وارو وڙ ڪيو، وري نافرمان به ٿئين ٿو انهن جو!
جني سندو آهي، سي جي چُونس”آءُ!”،
ته لُڙ، لهريون ۽ واءُ، ڪُتي سڀ قبوليا.
هي (قربدار) ڪُتڙو، جن مالڪن جو پنهنجو آهي، جيڪڏهن اهي، ان کي چون”هليو آءُ!”، ته گوڙ گھمسان، طوفان ۽ وڏيون ڇوليون، ڪتي کي سڀ قبول آهن.
اي ڪُتڙا! تون قربدار قريبن سان، سامهون سنڌرو ٻڌي نه بيھ، تون جن جو پنهنجو آهين، سي توکي چون ٿا”هيٺ ٿيءُ!”، جن توکي ڏسڻ واريءَ اک ڏني، وريو نافرمان ٿئين ٿو انهن جو!
ڪتو چئي”قريب جا، آهيون ساڌ صحي،
پِهرين بات بَهِي، پُڇون پوءِ پانڌين کي”.
ڪتو چوي ٿو ته” اسين سهڻي سڄڻ جا، صفا صحي ۽ سچا ايماندار ( نوڪر) آهيون، اُٿندي شرط پهريان ڀَونڪون ٿا، ان کان پوءِ ڏسون ٿا ته اِهي مسافرڪير آهن؟”.
نڪين آهيون چُوهڙا، نڪين آهيون چور،
هاڱاما ۽ هور، ڪتا! ڪريين ڪن تي؟.
اسين نڪين آهيون چُوهڙ باز وانگر شڪاري ۽ نڪين آهيون ڪنهن جا چور، اي ڪتڙا! اهي هُل هانگامان، هورا کورا ۽ حشريون، ڪنهن جي لاءِ؟ ۽ ڪنهن تي ٿو ڪرين؟.
ڪُهين تان آپ ڪُھُ، ڏس مَ چُوهڙيان،
سندا آهيڙيان، آن نه سهندي هٿڙا.
(منهنجا محبوب پرين!) جي ڪُهڻ چاهين ته تون پنهنجو پاڻ (پنهنجن هٿن سان) ڪُھُ! شڪارين کي ڏَس نه ڏي، اهي جيڪي ماري آهن، آئون انهن جا هٿڙا قطعي ڪو نه سهندي!
ويٺي آهي واٽ تي، ڪُتِي ڪُتي وٽ،
پوتيون پانڌيئڙن جيون، چيريو ڪري چٽ،
جا گُلر ۾ گھٽ، سا پُونچِي ٿي پُوريون ڪري.
(هي بيت خليفي نبي بخش”قاسم” لغاري جو آهي) ڪُتِي، پنهنجي ڪُتي سان گڏ، واٽ تي(گس جھليو) ويٺي آهي، جيڪي پانڌيئڙا مسافر اچن وڃن ٿا، انهن جيون پوتيون ۽ ڪپڙا، چِيريو، ڦاڙيو، چٽ ڪريو ٿي ڇڏي، جيڪا پنهنجي گُلر ۾ گھٽ آهي، (بي بنيادي آهي) اُها پُونچِي(ڪُتِي) جُٺيون ڪريو ٿي ڇڏي!
جاڳايس جنبور، ڪُتي قريبن جي،
بهِي، بهڪِي اُٿيو، گھڏي منجھان گھُور،
سڀ لاٿائين سُور، گري هن غريب جا.
قريبن جي جنبوري ڪتي، (ڀَونڪِي ڀَونڪِي) نيٺ منهنجي مٺڙي محبوبن کي جاڳائي وڌو، گھُور ننڊ مان گهلجي سهلجي، بهي ڀَونڪي اُٿيو، (مٺڙن محبوبن جي اُٿارڻ سان) مون گري غريب جا سڀ سُور لاهي ڇڏيائين.
ماٺ ڪِيو مارينس، ڪُڇُ پُڇُ ڪُتي سين ڪِينَ ڪِين،
پائي ڳٽ ڳچيءَ ۾، در دوستن ڪارينس،
سا پر سيکارينس، جئن بهڻ کان بس ڪري.
ماٺ ڪيو پيو اُن ( نفس) کي مار، اِن ڪاري ڪُتي سان، ڪُڇڻ پُڇڻ ڇڏي ڏي، اِن کي ڳچيءَ ۾ ٽوڙهو وجھي، دوستن دي در ڏانهن پيو گهلينس، عادت اُها سيکارينس، جيئن ڀَونڪڻ کان بس ڪري وڃي.
شاھ جي رسالي ۾ شامل سُر“شينهن ڪيڏاري” کي، رسالي جو ڪلام سمجھيو ويو آهي. هن سُر جي پهرين داستان ۾، ڪيهر شينهن جي عادتن ۽ اُصولن جو احوال اوريل آهي. ٻئي داستان ۾ تازي گھوڙي، شقري باز ۽ ڳجھن جي اصولن بابت بيان قلمبند ڪيل آهي. ٽئين ۽ آخري داستان ۾ وري ڪتي جي وفاداري ۽ بيوفائيءَ جو تقابلي جائزو پيش ڪيل آهي. جنهن مان انسان ذات جي لاءِ، ڪيترائي نصيحت ڀريا ناياب گوهرگُل دستياب آهن. خصوصا آخري بيت ۾، ڪتي جي تمثيل سان، انساني نفس کي نيچو نوائڻ ۽ اُن کي ڳچيءَ ۾ ڳٽ پارائڻ جو حقيقي درس ڏنل آهي. هن سُر کي صحيح طور سمجھڻ سان، انسان پنهنجو آئيندو ۽ اڳوتر، بهتر نموني سان سنواري ۽ سينگاري سگھي ٿو.