8. سُر“ کاهوڙي” جو فلسفو
“ کاهوڙي” اُن پورهيت کي چئبو آهي، جيڪو کهو کڻي، ڪنڊن وارو ڏکيو جھنگ وڍي صاف ڪري يا جبلن ۽ پهاڙن جي ڏُکين پيچرن مان ڏُٿ ڳولي ۽ چونڊي، پنهنجي پيٽ گذران لاءِ ڪشالا ڪڍي، جبلن ۾ ڪِن ٻُوٽن ۽ ٻُوڙن جون پاڙون کهيڙي ۽ ڪُهاڙين سان کوٽي، گاھ جا ٻج ۽ داڻا گذران لاءِ چونڊي،
هي شاھ جي رسالي جو تمام وڏو حقيقي ۽ معنوي سُر آهي، هن سُر ۾ تمثيلي طور کاهوڙين پاران، تتي ڏينهن جو ڏُٿ لئي ڏُونگر ڏورڻ، جھنگلن ۾ جھُڻڪڻ، سختيون سهڻ، جيءُ کي جوش ڏيڻ، سُڪل سنڊر کڻڻ، کرڪڻا پيرن ۾ پائڻ، راتيون رُڃ رهڻ، ڀڪُليا ڀُوڻڻ، دُونهيون دُکائڻ، هُئڻ حرام ڪرڻ، سُڃ ۾ سنڌرا ٻڌڻ، ور ڏيئي وڻ چونڊڻ، لُڪن ۾ لُوساٽجڻ، ڪُواٽ ڏي ڪَهڻ ۽ گُنگن جيئن گھُمڻ جهڙن عنوانن جو احاطو ڪيو ويو آهي.
مثلا؛
مون کاهوڙي لَکيا، مُوران ۾ ماتام!
سُڪا سَنڊر ڪَڇُن ۾، کرڪڻا پيرين،
ڏوٿي سا ڏورين، جا جُوءِ سُڻي نه ٻُڌي،
کاهوڙين اُهڃاڻ، انگ نه سُڄي اَڳڙي،
سندا کاهوڙين، پري سُجھن پيچرا،
خوفان کاهوڙين، ڳوڙهو سُڪي نه ڳل تان،
ڪُپيريان پري ٿيا، اَٻُڌي ٻُڌائون،
سُک نه سُتا ڪڏهين، کرڪڻا لاهي،
پاڻي پوٽڙين ۾، ڪُندر سِر ڪُلهن.
معلوم ٿئي ٿو ته سُر” کاهوڙي” ڄڻ هندوستاني موسيقيءَ جي راڳ” ديوَگنڌار” سان ملي ٿو،
هي شاھ جي رسالي جو اٺون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 59 بيت، 4 وايون ۽ 3 داستان شامل آهن، هن سُر جو پهريون بيت” کاهوڙين خفيءَ کان، سوجھي لڌو سُبحان” ۽ آخري وائي” جاڳي اکڙين، ڪوھُ اوجاڳو نه ڪِيو ؟” آهي،
[b]بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
[/b]
مون سي ڏٺا ماءُ ! جن ڏٺو پِرينءَ کي،
تني سندي ڪاءِ، ڪري نه سگھان ڳالهڙي.
اي منهنجي مٺڙي امڙ ! مون اڄ اُهي ( انسان ) ڏٺا، جن پنهنجي پياري پرينءَ کي ( روبرو ) ڏٺو، اُنهن عظيم ۽ خوش نصيب انسانن جي، آئون ڪا ڳالهڙي ڪري ئي نٿي سگھان !
مون کاهوڙي لَکيا، گھرين نه گھارين،
واحد لڳ ولهن ۾، رويو جر هارين،
گُوندر گُذارين، تن ڏوٿين ڏُکوئي نه لهي.
مون کاهوڙي صحيح ڪيا، ته” اُهي پنهنجن گھرن ۾، ويهي ڪو نه ٿا رهن. هڪ الله پاڪ جي محبت خاطر، سخت سيءُ ۽ سردين ۾، رويو رويو، اکڙين مان آب هارين ٿا. غم ۽ گُوندر ۾ گڏ گُذارين ٿا، اُنهن ڏُٿ چونڊيندڙن تان، ڏک ۽ درد ڪڏهن لهي ئي ڪو نه ٿو”.
سُڪا سنڊر ڪڇُن ۾، کرڪڻا پيرين،
ٽرمندي نيڻين، آن ڪي کاهوڙي گڏيا؟
“سُڪل ساندارا بغلن ۾ لڙڪيل ۽ ڇنل ٺيڳرا( جُوتا) پيرن ۾ پاتل اٿن، اکين ۾ ( الله جي خوف جو ) پاڻي وهندڙ”، اهڙين آرين پارين اوهان کي گس ۾ ڪي کاهوڙي گڏيا ؟
خوفان کاهوڙين، ڳوڙهو سُڪي نه ڳل تان،
حُزُن ڏيهن حشر جو، توڙان لٿو نه تن،
ڪِيائون، ڪِي ڪن، آجڪو اُخرا جو.
کاهوڙين کي، ڪنهن خُدائي خوف جي ڪري، ڳل تان ڳوڙهو ( لُڙڪ ) ڪڏهن سُڪي ئي ڪو نه ٿو، جزا ۽ سزا واري ڏينهن جو دائمي ڏک، سڄي حياتيءَ ۾، اُنهن جي دل تان ڪو نه لٿو،
آخرت جو توشو ۽ ثمر، ڪُجھ ڪيو اٿن ۽ ڪِي ڪُجھ اڃان ڪندا ٿا وتن،
گنجي ڏونگر گام ۾، ڪهڙو اٿئي ڪام ؟
پسيو تنهن پهاڙ کي، اچي نه آرام،
متان ڏونگر ڏوريين ! اُجھي جيئن عوام،
“هُئڻ” ڪر حرام، کام ته کاهوڙي ٿئين،
(اي کاهوڙي!) گنجي ٽڪر واري گام يا علائقي ۾، تنهنجو ڪهڙو ڪم پئجي ويو آهي ؟ جڏهن به هن جبل کي، جانچي ٿو ڏسجي، ته انسان کي سُک ۽ آرام ئي نه ٿو اچي. متان اجايو ۽ فضول ڏونگر ڏوريندو وتين ! جيئن عام ماڻهو پيو اجايو اُجھي ۽ مُنجھي، تون پنهنجي هستيءَ، هوڏ ۽ هٺ کي حرام ڪر، پريت ۾ پچ، جلُ، سڙُ ۽ فنا ٿي وڃ، ته تون”سچو کاهوڙي” سڏجين،
هُو ڏوٿي، هُو ڏينهن، هُو ڏونگر، هُو لڪيون،
ڪنهن جنهن لڌا نينهن، جيئن ڀُڻا لُوسن لُڪ ۾.
اُهي ئي ساڳيا ڏوٿي، اُهي ئي ساڳيا ڏينهن، اُهي ئي ساڳيا اُوچا پهاڙ، اُهي ئي ساڳيا سَنَهڙا سوڙها پيچرا آهن، اُهي ( ڏوٿي ) ڪنهن اهڙي عجيب عشق ۽ قرب ۾ قابو ٿيل آهن، جو ( اڄ به ) گرم جھولي ۾ اُتي وتن ٿا جھُلسندا،
ڏوري ڏسي ڏونگرين، واٽ وڃائي جن،
اُوءِ بصير برن ۾، انڌا ٿيو اُڀين،
ڪنن آڏيون تاڙيون، گُنگن جيئن گھُمن،
فراقي فرمان جو، آهي ٻَرُ ٻوڙن،
لڱا ٿيا، لطيف چئي، سُتا پيا سِڪن،
کپت کاهوڙين، آه اُتي پِي نه لهي.
جن ( ڏوٿين ) ڏاڍا ڏکيا جبل ۽ پهاڙ ڏوري ڏٺا آهن، اُنهن آسانَ ۽ سولين واٽن تي وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي، اُهي ( اندر جي اکين وارا ) بيابانن ۾ به سڀ ڪجھ ڏسن ٿا، باقي ظاهر ۾ انڌن ۽ نابينن وانگر ٿيا پيا هلن، ڪنن کي ڄڻ تاڙيون آيل اٿن ۽ گُونگن وانگر گھُمندا ٿا ڦِرن، سِڪ، فِڪر۽ الله پاڪ جي حُڪمن جو، اُنهن ٻوڙن کي، ڄڻ ٻَرُ ۽ ڏڍ ڏنل آهي، سُهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته،” توڙي جو اُهي لڱائيءَ ۾ لاچار ۽ بيمار آهن، پر پوءِ به الاهيءَ عشق ۾ سُتل به سِڪايل ۽ سُڄاڻ آهن”. اوسيئڙي، سِڪ، فڪر، ۽ فراق واريءَ وائي، اُنهن کاهوڙي فقيرن تان هڪ لحظي لاءِ به نه ٿي لهي،
اهڙيءَ ريت، شاھ جي رسالي جو سُر“کاهوڙي”، جبلن ۾ڏُٿ ڏوريندڙ، پاهڻن تي پاسا کوڙيندڙ، مٿي پاڻيءَ پير ڪڙيندڙ، انگ نه اڳڙيءَ اوڍيندڙ، سُڪا سنڊر کڻندڙ، ڀَڪُليا ڀُوڻندڙ،”هُئڻ” حرام ڪندڙ، ور ڏيئي وڻ چُونڊيندڙ،”پاڻ” پڻيءَ ڪندڙ ۽ لوچي لاهوتي ٿيندڙ کاهوڙي فقيرن جي فڪري فلسفي، بيانن، احوالن ۽ افڪارن سان ڀرپور سُر پنهنجي پُڄاڻيءَ تي پهچي ٿو. جنهن مان ڪيترائي معنيٰ جا موتي معلوم ڪري سگھجن ٿا.
اسان کي گھرجي ته هن سُر مان، ڪو سُهڻو سبق پرايون ۽ پنهنجي حقيقي ڪاميابي ۽ ڪامراني لاءِ اڳتي قدم وڌايون،