لطيفيات

شاھ لطيف جا ڇٽيھ سُر

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ محقق استاد لغاري جو لکيل آھي جنھن ۾ ھن شاھ لطيف جي شاعريءَ جي 36 سُرن جو تعارف ۽ فلسفو بيان ڪيو آھي. استاد لغاري لکي ٿو:
”هن ڪتاب لکڻ جو مقصد، حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڇٽيهن سُرن بابت، مفصل معلومات ڏيڻ آهي، ته ڪهڙي سُر جو نالو، ڪهڙي ٻوليءَ مان نڪتل آهي؟ ۽ ان لفظ جي لغوي معنيٰ ڇا آهي؟ ڪهڙي سُر ۾ ڪيترا بيت؟ ڪيتريون وايون؟ ۽ ڪيترا داستان شامل آهن؟ ۽ اهي سُر ڪهڙي راڳڻي ۾؟ ۽ ڪهڙي وقت (ٽائيم) تي ڳايا وڃن ٿا؟ وغيره. هي ڪتاب لسنرز دوستن لاءِ به هڪ ڄاڻ خزانو آهي. هر هڪ سُر جي تعارف کان پوءِ، چند بيت، انهن جون سمجھاڻيون ۽ فلسفا به بيان ڪيا ويا آهن، ته جيئن شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڇٽيهن ئي سُرن بابت، هر رخ کان روشني پئجي وڃي.“
Title Cover of book شاھ لطيف جا ڇٽيھ سُر

9. سُر“ڪاپائتي” جو فلسفو

“ڪاپائتي” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي،”ڪپھ ڪتيندڙ” يا”ڪاپو۽ پورهيوڪندڙ”.
هي شاھ جي رسالي جو حقيقت سان ٽمٽار ۽ معنوي سُر آهي. جنهن ۾ شاھ صاحب پورهئي ۽ ڪاپي جي عظمت کي ساراهيو آهي.
ڄانتو جن ڄاڻي، تن هٿان پهي نه ڇڏي.
ڪتُ ڪنبندي آءُ، متان ڀاڳ ڀر ڏيين !
سُٽُ اُني جو سَڦَرو، جي پَرِ ۾ پِڃائين،

چون ٿا ته سنڌ جي حاڪم ميان نُور محمد ڪلهوڙي جِي گھر واري، مائي ڄامان سنڌ ۾ ڪيتريون ئي مسجدون جوڙايون. جن مان هڪڙي پُراڻي چوٽياريءَ ۾ ( جوڳين واريءَ ڀٽ تي) به ٺهرايائين. جنهن جو هڪڙو گُنبذ، اڄ به پري کان ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
ڪن عالمن راءِ ڏني ته هي بادشاهي پئسن سان، هڪ عورت جي جوڙايل مسجد شريف آهي. اِن ڪري هن ۾، نماز پڙهڻ بهتر نه آهي. اهو ٻُڌي مائي ڄامان کي افسوس ٿيو ۽ اُن، من ۾ محبت پائي، پنهنجي محلات يا گھر جي اندرويهي، سُٽ ڪتي، اُن جا ڍيرا بازارن ۾ وڪڻي، اُنهيءَ هٿ جي پورهئي واريءَ رقم مان، ٻي مسجد شريف جوڙائي، جيڪا اڄ به موجوده چوٽياريءَ ۾ موجود ۽ صحيح سلامت آهي. اُن ۾ عالمن نماز پڙهي ۽ اڃان تائي قائم، دائم ۽ آباد آهي.
حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جڏهن هتي، درسگاھ چوٽياريءَ جي باني ميان مخدوم محمد مُبين ڪيريي ٿرائيءَ وٽ آيو، ۽ اهو ڪاپي وارو قصو معلوم ٿيس، ته اُن، هن عورت جي پورهئي کي وڏي مڃتا ڏني. سندس پورهئي کي سلام پيش ڪرڻ لاءِ، پاڻ پورو سُر ڪاپائتي لکندي فرمايائين؛
مُحبت پائي من ۾، رنڍا روڙيا جن،
تن جو صرافن، اَڻ توريو اگھائيو،

سُر“ڪاپائتي” شاھ جي راڳ ۾ هلندڙ آهي، پر راڳ جي وڏي ڄاڻو فقيرن جي گذاري وڃڻ سببان،”ڪاپائتي راڳ” کي مسلسل نٿو ڳايو وڃي.
هي شاھ جي رسالي جو نائون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 41 بيت، 2 وايون ۽ 2 داستان شامل آهن. هن سُرجو پهريون بيت” توڻي تون ڪاتار، جِمَ! هيڪلي ڀيريين” ۽ آخري وائي” آئون جا ويندڙي پار پرين جي، مون کي آيل! جھل مَ پاءِ” آهي،

[b]بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
[/b]
جان ڪتين تان ڪتِ، هيءَ هڏ! وهاڻي،
ڪاپائتي سڀڪا، ڪتي سيباڻي،
ڄانتو جن ڄاڻي، تن پهي هٿان نه ڇڏي.
(اي قربدار ڪاپائتي !) جي ڪپاھ ڪتڻ چاهين ٿي، ته هينئر ئي ڪتي وٺ، هي ويل به ڄاڻ هٿن مان ويئي ! هر هڪ ڪاپائتي، جڏهن به ڪتي ٿي، تڏهن وڻي ٿي ۽ مانائتي ٿئي ٿي. جن ڄاڻ منجھان ڄانتو، (جن ڪتڻ منجھان ڪمائيو) تن ڪپھ جي پوڻي، هٿن مان هيٺ ڪڏهن رکي ئي ڪا نه ڪا.

ڪتڻ جي ڪا نه ڪرين، سُتي ساهين هڏ،
صُباح اينديئي اوچتي، عيد اُگھاڙن گڏ،
جت سرتيون ڪنديون سڏ، اُت سڪندينءَ سينگار کي.

ڪپھ ڪتڻ جي ڪوشش ئي ڪو نه ٿي ڪرين، رڳو سُتي سُتي پئِي آرس ڀڃين، سُڀاڻي عيد ملهائڻ واريءَ گھڙي، اُگھاڙن سان گڏ، اچانڪ اچي ويندئي ! جتي سُهڻيون سرتيون هڪٻئي کي (سِهرن ڳائڻ لاءِ) سڏ ڪنديون، اُتي تون سُهڻي سينگار لاءِ ويٺي سڪندين،

سونَ ساريکا هٿڙا، ڪُھُ نه ڪتين رڏ !؟
ويهي ڪُنڊ ڪاپوڪر، گٽيين گوهيون ڇڏ،
ته صرافاڻي سڏ، مَرڪِيو هُوند مَٽائيين.
اي رڏي ڪندڙ ڪاپائتي ! تنهنجا سونَ جهڙا سُهڻا ۽ پورهيو ڪندڙ پيارا پيارا هٿڙا آهن، پوءِ به تون ڪتين ڇو نه ٿي ؟ ڪنهن اڪيلي ڪُنڊ ۾ ويهي، ڪتڻ جو پورهيو ڪر، گھٽين ۽ بازارن ۾، گھُتون ۽ گوهيون هڻڻ ڇڏي ڏي، ته جيئن (سُڀاڻي) صراف ۽ پارکُو جي سڏ تي، تون خوش ٿي سُٽ جو سودو ڪري سگھين،

ڀيريين ۽ ڀانئيين،”ڀانئڻ” ڀڃي ڇڏ،
ڪِتو وِتو پورهيو، هوڏ وجھنديئي هڏ،
هِتِ ڏيڍومٽين ڏڏ ! هُتِ ڏڪن ڏهسي واريون.
(اي ڪاريگرڪاپائتي !) تون پنهنجو چرخو چورين به ٿي ۽ اُن تي ناز ۽ غُرُور به ڪرين ٿي، اِهو”پنهنجي پاڻ کي سڀ ڪُجھ سمجھڻ” وارو خيال، ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏ ! اِهو اَجايو سَجايو ڪيل پورهيو، (هوڏ ۽ هستيءَ وارو خيال) هڪ ڏينهن هيٺ هاڃي ۾ وڃي هڻندئي ! اي اَياڻي ۽ ڏڏ ! هت ڏيڍوڻو سُٽ ٿي مٽائين، هُتِ ڏهوڻي ( تاڃي پيٽي ) واريون به ڏڪنديون ٿيون وڃن،

سُٽُ اُني جو سڦرو، جي پَرِ ۾ پڃائين،
آواز اُو ارٽ جو، ساھُ نه سُڻائين،
لِڪايو، لطيف چئي، ڪنبيو ڪتائين،
جي ماڻڪ مٽائين، توءِ مُلُ مَهانگو اُنِ جو.
سُٽُ (جو ڌاڳو ) اُنهن جو صفا سُٺو ۽ صاف سُٿرو هوندو آهي، جيڪيون پنهنجيءَ پَرِ ۾ اڪيليون ويهي ٿيون ڪپھ ڪتائين، اُهي قُربدار ڪاپائتيون چرخي چورڻ جو آواز، پنهنجي ساھ ۽ سرير کي به ڪو نه ٿيون سُڻائين، سُهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته” اُهي پنهنجيءَ ڪپھ کي، ٻين کان لڪايو، ( خُدا جي خوف کان ڪنبيو ) پوءِ ٿيون پنهنجو پورهيو ڪن”. جي اُهي، اُن سُٽ جي عيوض ۾ ماڻڪ ۽ موتي به وٺن، ته به اُنهن جو سُٽ مُلھ ۾ اڃان وڌيڪ مهانگو هوندو آهي،

تاڃي توريائون، ته عيب نکتا اڳيان،
ڪوٺي ڪاپاتين کي، پر ۾ پُڇيائون،
اگلڙي آئون، مون کان ڀِڙا ڀڳا نه ٿيا،
جانچي جُونچي (ڦورو ڦولي) پوءِ وزن ڪيائون، ته ڦوري جي اندران، کوڙ سارا عيب نڪري آئيا، صرافن، سڀني سُٽ ڪتڻ وارين کي سڏي، اُنهن کان مخفيءَ طور معلوم ڪيو، ( اي اديون ڀينر ! ) آئون ميرڙي، گندڙي ۽ عيبن هاڻي ٿي، مون کان تندُن ۾ ڪپھ جون ننڍيون ڳنڍيون ۽ ڳوڙها، لسا ڪيا ڪو نه ٿيا،

“نفيءَ” جي”نانهن” سين، پهي پڃيائون،
ڀِڙا جي”ڀانئڻ” جا، ڀيري ڀڳائون،
هُو جو وڻ”هُئڻ” جو، وڍي وڌائون،
“اسين” ۽”آئون”، آتڻ ناھِ اُن جي.
“نفيءَ” ۾ جيڪا”نانهن” موجود آهي، اُن سان ڪپھ جي پوڻيءَ ويهي ڪتيائون، (پِڃِي صاف ڪيائون) ڌاڳن جا”پاڻ ڀانئڻ” (تڪبر ۽ خُوديءَ) وارا ڳوڙها ۽ور وڪڙ، ورائي ورائي کڻي صاف سُٿرا ۽ لِسا ڪيائون، اُهو وڻ جيڪو”هُئڻ”،”هستي” ۽”هوڏ” وارو، من ۾ موجود هُين، سو وڍي، ڪپي ۽ ڪيرائي وڌائون،”اسين اسين” ۽”آئون آئون” واري ٻولي ۽ لولي هاڻِ اُنهن جي ڪتڻ واريءَ جاءِ تي آهي ئي ڪانه ڪا !
مٿي ڏيکاريل شاھ جي رسالي جي سُر“ڪاپائتي” مان، ارٽ اورڻ، چرخو چورڻ ۽ سُٽ ڪتڻ جهڙن قيمتي عنوانن ۽ مثالن مان، اسان تيستائين قرب جو ڪاپو ڪندا رهون، جيستائين وڃي رتو راس ٿئي، جن انسانن،”نفيءَ” ۽”نانهن” ( يعني فنا ۽ نابُود جي فلسفي ) سان پنهنجي پهي پڃي، ته اُنهن کٽيو، باقي”هُوند” وارا ته هر حالت ۾هارائيندا ئي رهندا آهن، بقول ڀٽ ڌڻي” اٺئي پهر ارٽ سين، جي ڪتن ۽ ڪنبن، تن جو صرافن، ڦورو ڦوليو ڪينڪين”.