17. سُر“ڪوهياري” جو فلسفو
“ڪوهياري” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي،”پربتي”،”ٽاڪري”،”پهاڙي”،”ڏونگري”،”ڪوهستاني” يا” جبلي” وغيره. هي شاھ جي رسالي جو حقيقي ۽ معنوي سُر آهي، جنهن ۾ سسئي جي پڇتاءُ ۽ پنهنجي پاڻ کي پنهل سان حقيقي ناتو نه نڀائڻ ۽ ساريءَ رات غفلت ۾ ننڊ ڪرڻ جهڙا اُونهان عنوان سمايل آهن. سسئي کي شاھ سائين فرمائي ٿو؛
لَيل نه جاڳينءَ لِک سين، سُتينءَ راتِ سڄي،
هتان هوتاڻين جون، وِيون خُرزينون کڄي،
غافل ! غفلت ڇوڙ، تون ڪيئن اَڻاسي! اوجھرين؟
هُوءِ چُپاتا چڙهي ويا، وڃي پهتا توڙ،
وڏي جاڙ ڪِياءِ، جيئن سُتينءَ پير ڊرگھا ڪري،
در ڀر اُڀيين دوست جي، ته سُر پُر هُوند سُياءِ !
سُتينءَ سَواري، منهن ويڙهي مُئن جيئن،
ڏٺئي نه ڏيرن جا، چَوڌاري چاري،
۽ پوءِ سسئي پڇتاءُ ۾ روئي ٿي، هُو سمجھي ٿي ته بيشڪ ! ننڊ انسان جي وڏي ويري آهي ۽ پوءِ پنهنجين سرتين ۽ هڪ جيڏين کي خبردار ڪندي چوي ٿي؛
ننڊ ويرياڻي هوءِ، جيڏيون ! جِم سُمهو !
مڇڻ مون جيئن روءِ، ڪا واڪا ڪيو ويڙ۾.
سنڌ ۾ ڪوهيار نالو”خضدار” جو آهي ۽ نالي جي لحاظ سان، ڪوهياري مان مُراد ٿيندي، خُزدار واري ڀاڱي جو راڳ، پر ڪافين ڳائڻ ۾، ڪوهياري ڄڻ”بلاول ٺاٺ” جو راڳ آهي، جيڪو گھڻو ڪري، سسئي جي سُرن ۾، آخر ۾ ڳايو ويندو آهي.
هي شاھ جي رسالي جو سترهون ۽ سسئي پنهون جي داستان جو چوٿون نمبر سُر آهي. جنهن ۾ 76 بيت، 9 وايون ۽ 6 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون نمبر بيت” لَيلَ نه جاڳينءَ لِک سين، ڪُلِي نَوم ڪِياءِ” ۽ آخري وائي” جنهن لئي آهيان ڏونگر ڏوري، ماڙُهو چونم ڀوري، تنهن ٻاروچي کي ٻاجھ پئي” آهي.
بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
ايءُ ڪم ڪميڻين، جيئن سُتينءَ پير ڊرگھا ڪري،
ننڊران نماڻين کي، اوڀالا اچن،
ليٽيين ڪيئن؟ لطيف چئي، هاري ! ري هوتن،
سي ڪيئن پنهونءَ پسن ؟ جن کي نيئر ننڊ جو،
(اي سُورن هاڻي سسئي!) اهو ڪم ڪميڻين جو آهي، جيئن جو تون(پشم جي پٿراڻيءَ تي) پنهنجا پير ڊگھا ڪري سُمهي پئينءَ. ننڊ ڪرڻ جي ڪري ئي نماڻين کي، هميشه طعنا، مهڻا ۽ ملامتون ملن ٿيون. سُهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته” اي هارايل! تون هوتن کان سواءِ، ڪيئن(پٿراڻيءَ تي) پاسي ڀر ليٽي پئين؟”. اُهي آسائتيون پنهنجو محبوب پنهل ڪيئن پسي سگھنديون؟ جن کي ننڊ جو لوهوزنجير لڳل هوندو آهي!
جيڏيون! جي مان وِسهو، ته ننڊ مَ هيريو نيڻ،
اصل اسارن جا، سُتي وهيا سيڻ،
وهاڻيءَ جا ويڻ، ٿيون لُوٺيون سهن لوڪ ۾،
اي جيڏيون ڙي! (اي سُهڻيون سرتيون ڙي!) جي اعتبار ڪريو، ته”پنهنجا نيڻ نه هيرايو ننڊ ڪرڻ تي، هميشه ويسرين وٽان ئي، ننڊ ۽ غفلت واريءَ حالت ۾، سُهڻا سڄڻ هليا ويندا آهن. پوءِ صُبح جا مهڻا ۽ طعنا، بي لڄيون ۽ لُوٺيون، سدائين لوڪ جا سهنديون رهنديون آهن.
ڏونگر! ڏوراپو، پهرينءَ چُونديس پرينءَ کي،
“پهڻن پير پٿون ڪيا، تِريون ڇنيون تو،
رحم نه پيوئي روح ۾، قدر منهنجو ڪو،
واڪو ڪنديس وو! مون سين جبل ٿو جاڙون ڪري.”
اي ڏاڍا ڏنگا ۽ ڏکيا ڏونگر! آئون هي ميار۽ ڏوراپو(ته تو جبل مون سان چڱي ڪا نه ڪئي) پهرينءَ پنهنجي پرينءَ کي وڃي ٻُڌائيندي.”پهڻن منهنجا پير پرزا پرزا ڪري ڇڏيا ۽ پيرن جون تريون تنهنجين اُڀين چوٽين چيري ورتيون آهن. تنهنجي روح ۾ رحم و ڪرم جو ذرو ئي ڪو نه پيو ۽ نڪو تو منهنجو قدر ۽ عزت سان آڌرڀاءُ ڪيو. آئون وڏا سڏ ۽ واڪا ڪندي، ته هاءِ افسوس! مون سان ڏونگر ٿو ڏاڍايون ڪري”.
جيهي، جي تيهي، ٻانهي ٻاروچن جي،
حُجت هوت پنهونءَ سين، مون ڪميڻيءَ ڪيهي؟
اصل آريءَ ڄام جي، پلئه آئون پيئي،
هُوءِ جا پائن پير ۾، تنهن جتيءَ نه جيهي،
وساري ويهي، تن ڪيچين کي ڪيئن رهان؟
آئون اَڀري توڙي سَڀري، (ڪِني توڙي ڪوجھي) پر ٻانهيءَ هوت بلوچ جي آهيان. دعويٰ دوست پنهل سان، مون ڪميڻيءَ جي ڪهڙي آهي؟ (ته هينئن ٿئي ها يا هينئن نه ٿئي ها). آئون ازل کان وٺي، آريءَ ڄام جي پناري ۾ پيل ۽ حصي پتيءَ ۾ آيل ٻانهيءَ آهيان. آئون اُن جُتيءَ جي برابر به نه آهيان، جيڪا هُو جت (هوت بلوچ) پنهنجن پاڪ پيرن ۾ پائين ٿا. اهڙن سُهڻن ۽ سچن ڪيچ جي سردارن کي، آئون وساري ڪيئن ويهي رهان؟
جي حَبَ نه هلڻ سکيون، سي جڏيون ميڙ جليل!
لنگھائي لطيف چئي، نجن ڪيچ قليل،
ثمر ٿئڙم سُڃ ۾، دوساڻا دليل،
وساري وسيل ! متان مارڳ ڇڏيين !
اي رب جليل! جيڪي حب ندي (جيتري ويجھي پنڌ ) تائين به نه هلڻ سکيون آهن، اُهي عاجز ۽ اَگھيون پنهنجي پياري پنهل ساڻ ملاءِ. سُهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته” جيڪي قرب ۾ قليل يا ناقص آهن، انهن کي ڏکيا لڪ لنگھائي، وڃي ڪيچ پهچائجي.” منهنجو سڃ ۾ ثمر(هڙ موڙيءَ، کاڌي پيتي جو سامان، ڏڍ ۽ قوت ) فقط دوستن وارا دليل ۽ خيال آهن. اي وڏا وسيلا هوت! متان مون کي منزل تي پهچڻ کان اڳ، واٽ ۾ وساري ڇڏين!
پاڙي ناھ پرور، ته” ڪا رات رنجائي گُذري”،
ٻانڀڻ ٻاروچل جي، گھائي وڌي گھُور،
پلٽيس پنهونءَ ڄام جا، پورن مٿي پور،
هڪ سسئي، ٻيا سُور، ويا وڳندا پاڻ ۾.
پاڙي وارن کي پروڙ (خبر) ئي ڪانهي، ته”ڪا (عورت ذات) اڄ رات جو، ڀنڀور شهر مان، رنج ۽ غم واريءَ حالت ۾، هلي ويئي آهي. ٻانڀڻ کي، هوت ٻاروچل جي تيز تکين نظرن، گھائي، گھُمائي، چِيري، سِيري، زخميءَ ڪري وڌو آهي، هُن جي مٿان، پنهونءَ ڄام جا پُور، (خيال ۽ اُڌما) پاڻيءَ جي پالوٽ وانگر،”وارو وار” ڪري، پلٽجي پيا آهن. هڪ ته ويچاري سسئي، اڪيلي ۽ البيلي هئي ۽ ٻيا سندس ساٿي سُور هيا، جيڪي ويا”هاءِ! هاءِ!”ڪندا هڪٻئي سان.
منزل دُور مَ مٽ، ڇڏ مَ سَير سِڪڻ جو،
لئون جي واٽ مَ لٽ، لئون رِءَ حيف!هُئڻ کي.
(اي سُورن هاڻي سسئي!) پري واريءَ منزل ڏسي دل نه لاھ، سڪڻ وارو دستور ۽ رستو ڪڏهن نه بدلاءِ. نينهن ۽ عشق واريءَ واٽ نه پور، (بند نه ڪر) برھ کان بغير، جيئڻ کي حيف هجي!
شاھ جي رسالي جو سُر“ڪوهياري”، هڪ اهڙي قسم جو سُر آهي، جنهن مان سُورائتي سسئيءَ جون ڪُوڪُون ۽ ڪورنشون، پڙهندڙن جي ڪنن تائي پهچن ٿيون. هن سُر ۾ سسئي چوي ٿي،” اي ڏاڍا ڏکيا ڏونگر! تون به مون سان گڏجي رو، ڇوجو منهنجو سُهڻو سڄڻ فقط هڪڙو ئي هيو، سو مون کي ڦوڙائي ۽ فراق ۾ وجھي هليو ويو آهي.” هن سُر ۾، ڀٽائي گھوٽ سسئي سان مخاطب ٿيندي فرمائي ٿو ته” اي سُورن هاڻي سسئي! تون قُم(اُٿي کڙي) ٿي وڃي پهچ پنهنجي قريب کي، ايئن سُستيءَ ۽ غفلت ڪرڻ، توکي هاڻِ نه جڳائي. جيئن جو تو ننڊ پياري ڪئي، تنهن ڪري ئي روز رهين ٿي راھ ۾.” حضرت سيد شاھ عبداللطيف رحه جي هن سُر مان، اسان کي اهو سبق ملي ٿو ته”جيڪيون به پٿراڻيءَ تي پير ڊگھا ڪري سُمهي ٿيون پون، ته هميشه انهن وٽان ئي پنهنجا هوت پرينءَ هليا ٿا وڃن”. اسان کي گھرجي ته شاھ جي هن سُر مان، پنهنجي لاءِ ڪا پياري ۽ نرت واريءَ نصيحت پرايون.